جائز استعمال (سعادت حسن منٽو)

'ڪهاڻيون' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    جائز استعمال
    ****سعادت حسن منٽو****
    ڪتاب : سياه حاشيي افسانچي
    ترجمو : عبيد ٿهيم
    ****

    ڏھ رائونڊ فائر ڪري ٽي ماڻهو زخمي ڪرڻ کان پوءِ پٺاڻ نيٺ سرخرو ٿي پيو.
    افراتفري مچي وئي.. ماڻهو هڪ ٻئي مٿان ڪريا پئي، ڦُر ڦران پئي ٿِي، مار ڌاڙ به جاري هُئي. پٺاڻ پنهنجي بندوق کڻي گھڙيو ۽ تقريبن هڪ ڪلاڪ جي ويڙھ وڙهڻ کان پوءِ ٿرماس بوتل هٿ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
    پوليس جي ايندي ئي سڀ ڀڄي ويا، پٺان به..
    هڪ گولي سندس ڪن کان زوڪاٽ ڪندي نڪري وئي، پٺاڻ ان جي پرواھ نه ڪئي ۽ ڳاڙهي رنگ جي ٿرماس بوتل هٿ ۾ قابو جهليائين..
    پنهنجن دوستن وٽ پهچندي ئي سڀني کي وڏي فخر سان ٿرماس بوتل ڏيکاريائين.. هڪڙي کلندي پڇيس ”خان صاحب! آپ يه ڪيا اُٺا لائي هين (خان صاحب توهان هي ڇا کڻي آيا آهيو)؟“
    پٺاڻ خوشيءَ مان بوتل جي چمڪندڙ ڍڪڻ کي ڏٺو ۽ پڇيو : ”ڪيون ؟“

    ”هي ته ٿڌي شئي کي ٿڌو ۽ گرم شين کي گرم رکڻ واري بوتل آ“.

    پٺاڻ بوتل کيسي ۾ رکي ڇڏي ” خوچه! ام اس ۾ نسوار ڊالي گا... گرميون ۾ گرم رهي گي، سرديون ۾ سرد“
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو