1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ‘‘ م ’’ جي نحوي ۽ صرفي اهميت ۽ ڪارج

'مقالا' فورم ۾ مجاهد حسين سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2017۔

  1. مجاهد حسين سولنگي

    مجاهد حسين سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    مجاهد حسين سولنگي

    ليڪچرار سنڌي

    آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج نوشهروفيرز، سنڌ


    سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾ ‘‘ م ’’ جي نحوي ۽ صرفي اهميت ۽ ڪارج


    Importance & usage of letter ``MEEM`` in Sindhi language & literature



    Abstract



    It is the strength of the civilized languages of the world that their many letters change the meaning, bring grammatical changes, enfuse a new sprit and enhances fertility in language when used in pharase or combined with other words. For example, in English language ``a`` or ``the`` is joined with ``few `` to form a new word `` afew`` or ``the few`` etc. In the same way, in sindhi language, the letter of ``meem`` alters the meaning of words and bring many grammatical changes which adds more beauty to its meaning, grammatical structures etc. Through my inadequate struggle, I have become known that the letter ``meem`` is used in more than nine different ways in sindhi language, it alters the meaning of adjective, adverb, pronominal suffix etc.

    Letter of ``meem`` is also used as prefix, infix and suffix in complex and compound words on large scale, therefore it can be concluded the letter ``meem`` is used multidimensionaly in sindhi language, which gives prosperity to its word meaning , grammar, and structure of words. Other thing, the letter ``meem`` naturally combines with the other words, which is the indicator of being its international and prosperous language among the languages of the world.


    دنيا جي سڌريل ٻولين جي اها خوبي رهي آهي ته انهن جا ڪجهه اکر / حرف لفظ / فقري سان شامل ٿي، ان ۾ گرامري تبديلي سان گڏوگڏ معنوي تبديلي آڻي منجهن نئين حيثيت پيدا ڪندا آهن جنهن ڪري ٻوليجي لفظي ذخيري ۾ ذرخيزي اچي ويندي آهي جيئن انگريزي ٻولي ۾ Few سان the / a ملائي هڪ نئون لفظ “a few” يا “the few” ٺاهيو ويندو آهي يا “go” جو لفظ ڳالهائڻ مهل تون وڃ يعني جملي جي معنى ڏيندو آهي تيئن ئي سنڌي ٻولي ۾ ‘‘ م ’’ جو حرف به ڪيتريون ئي گرامري تبديليون آڻي سنڌي ٻولي ۾ سونهن ۽ مرتبي جو اهڃاڻ بڻيو آهي. منهنجي ناقص سمجهه آهر ‘‘ م ’’ 9 کان وڌيڪ مختلف نمونن سان ڪم اچي سنڌي ٻولي کي عزت بخشي آهي جيڪي صفت، ظرف، اسم فاعل، ضميري پڇاڙي، مذڪر لفظن کي مونث ڪرڻ، حرفِ تجنيس، انڪار ، ادغام ۽ حرف جر جي صورت ۾ ‘‘ م ’’ استعمال ٿي پنهنجي اهميت ظاهر ڪندو رهي ٿو. هن مقالي جي وسيلي مون هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي پر جيڪڏهن ڪي وڏا دماغ غور ۽ فڪر ڪندا ته ٿي سگهي ٿو ته اڃا ڪي نوان پهلو به ظاهر ٿي پون جيڪي منهنجي سمجهه ۾ نه اچي سگهيا آهن، اميد ته علم ادب جو ذوق رکندڙن کي منهنجي نماڻي ڪوشش پسند ايندي.

    جامع لغات سنڌي ۾ ‘‘م ’’ جي واکاڻ هيٺين نموني ٿيل آهي، م سنڌي الف ب جو ڇائيتاليهون اکر، عربي ٻولي جو چوويهون، فارسي جو اٺاويهون، سنسڪرت جو پنجويهون اکر (سندس اچار ٻنهي چپن کي ملائڻ سان ٿيندو آهي) ابجد جي حساب موجب سندس عدد چاليهه، محمدصه جي نالي جو پهريون اکر، م اوم جو پهريون اکر، (انهيءَ ۾ خدا جا ٽي نالا اچن ٿا : 1 ايشور ـ قادر ، طاقت وارو. 2 آڌيته ـ انباسي، لافاني. 3 پراگيه ـ سڀ ڪجهه ڄاڻيندڙ، عليم ڪل ) م ظرف انڪار جي معنى ۾ ڪم ايندڙ ـ م ڪر = نه ڪر ، ترڪي مونث جي نشاني ـ بيگ = بيگم ، م ضمير متصل جي نشاني ـ سندم، اٿم ، پٽم. (بلوچ: جامع لغات: ص2555: 1988)

    م (ميم) سنڌي آئيويٽا جو ڇائيتاليهون اکر، م ۾ نون غُني جو آواز سمايل هوندو آهي ان ڪري جنهن به لفظ ۾ ‘‘م’’ اچي ان جي اڳيان يا پويان نون غني جو استعمال (سواءِ ڪن نرالن حالتن جي) نٿو ڪري سگهجي جيئن اما، ڌما، ليمو وغيره م نه جي معنى ڏيندڙ جيڪا فعلن جي اڳيان لڳندي آهي.(سائل: سائل ڪوش: ڪويتا: ص467: 2009:)

    مٿئن لغتن جي ڏنل ڄاڻ جي روشني ۾ چئي سگهجي ٿو ته ‘‘ م ’’ جي استعمال جي ڪافي ڄاڻ ڏني وئي آهي، آءُ به هن مقالي جي ذريعي “م” جا اڃا ڪجهه وڌيڪ استعمال بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو، جنهن ۾ ‘‘م ’’ حرف جي اهميت وڌي ويندي. جيڪي هيٺ ترتيب وار ڏجن ٿا.

    1. “م” اسم فاعل طور:

    هلندڙ دور جا مورخ جيڪڏهن تاريخ کي مسخ ڪري لکندا ته آئنيدي جي مورخن لاءِ اهو ڪم ڏکيو ٿي پوندو. (غلام مصطفى سولنگي: سنڌيڪار: نئون نياپو: ص24: 2013 )

    مٿئين جملي ۾ مورخ = تاريخ لکندڙ اصل ۾ ارخ جو اسم فاعل آهي، جيڪو ڪم جي ڪندڙ / ڪيل جي معنى ڏئي ٿو. ارخ سان م جي اڳياڙي مليل آهي جنهن کان پوءِ نئون لفظ مورخ جڙي پيو آهي. جڏهن ته مسخ لفظ منهنجي خيال ۾ خود مفرد آهي پر ان سان ميم فطري ڳانڍاپو رکي ٿو.

    ‘‘نه’’، زرينا جواب ڏنو، پر اهي ٻئي مصور هئا، تون ته شاعر آهين. ( شيخ اياز: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر: ص 293 ثقافت کاتو)

    هن جملي ۾ مصور = تصوير ٺاهيندڙ جي معنى ڏئي ٿو جيڪو تصوير جو اسم فاعل آهي. تصوير لفظ سان م اڳياڙي مليل آهي جيڪا اسم فاعل جي علامت کي ظاهر ڪري ٿي.

    اهڙين حالتن ۾ اسان جي لاءِ هورف جي نظريي کي ٿڏي ڇڏڻ ، آءُ ڀانيان ٿو ممڪن نه آهي (جامي: ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري : ص311: 2011)

    ممڪن لفظ امڪن جو اسم فاعل آهي جنهن جي معنى ٿي سگهندڙ ٿيندي ٻيو ته حرفِ تجنيس جو باعث پڻ آهي جيڪا خود ٻولي جي وڏي خوبي مڃي ويندي آهي.

    2. “م” ظرف طور:

    سنوارڻ جون سوين توکي سڏين ٿيون شاهراهون، تو

    پڙهيو آ ڪهڙي مڪتب مان، فقط ڀڃ ڊاهه جو رستو. (ساحر راهو: دل جي ڳلي: ص 74: 2014: پوپٽ)


    هن شعر ۾ مڪتب = درسگاهه، اسڪول، مدرسو وغيره جي معنى ڏئي ٿو، جيڪو گرامري حيثيت مطابق ظرف يعني جاءِ جي معنى ۾ بيٺل آهي، يعني ڪتابن جي پڙهڻ جي جاءِ، جيڪو اصل ۾ ڪتب (جمع) لفظ سان م جي اڳياڙي ڳنڍڻ سان ٺهيو آهي. جنهن کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي لفظ ٺهن ٿا جهڙوڪ مڪاتب، مڪاتبين.


    عشق جي مقتل ۾ هر منصور کي

    سُرخُرو ٿي شهنشــــــــــــاهي آ ملي .( ساحر راهو: دل جي ڳلي: ص154: 2014 پوپٽ)


    مٿئين شعر ۾ مقتل = قتل ٿيڻ جي جاءِ / قتل گاهه جي معنى ڏئي ٿو جيڪو اصل ۾ قتل لفظ سان م جي اڳياڙي ملائي وئي جنهن کان پوءِ ٻيا به ڪيترائي لفظ جڙن ٿا جهڙوڪ . مقتول (مذڪر) مقتولا (مونث) وغيره

    ........ جن جي چوٽين کان مٿاهين مسجد ۾ سونهري مينار هئا، انهيءَ مسجد جي طرز تعمير تيمورلنگ جي مسجد وانگرچئي ٿي وئي. ( شيخ اياز: ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر: ص653 : ثقافت کاتو)

    هن جملي ۾ مسجد جو لفظ استعمال ڪيل آهي جيڪو اصل ۾ سجده سان م جي اڳياڙي سان ٺهيو آهي جيڪو خود ظرف آهي يعني سجدي جي جاءِ. مسجد لفظ متعلق علامه راغب اصفهاني لکي ٿو ته المسجد (ظرف) جي معنى جاءِ نماز آهي . اصفهاني صاحب اڳتي حديث جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته مساجد مان مراد سجدي جا عضوا پيشاني، نڪ، ٻئي هٿ، ٻئي گوڏا، ٻئي پيرن جا آڱوٺا آهن (اصفهاني: مفردات القرآن: ص 484/485 : اسلامي اڪيڊمي)

    تفسير نورالثقلين جو مترجم علامه الطاف حسين ڪلاچي ص 522 تي سوره جن جي آيت نمبر 18 جي شرح هن طرح ڪئي آهي.

    هن آيت ۾ ‘‘مساجد مان مراد پيشاني، ٻئي هٿ، ٻئي گوڏا، پيرن جا ٻئي آڱوٺا آهن’’ مطلب ته جنهن جاءِ تي سجدي جا عضوا خدا تعالى جي اڳيان حاضر / جهڪن ته اها جاءِ مسجد آهي ان مان واضح ٿيو ته سجدي ڪرڻ واري جاءِ جو نالو مسجد آهي

    3. “م” مذڪر نالن کي مونث طور :

    مٿي لغت نويسن پڻ اهڙي نشاندهي ڪئي آهي پر ان متعلق سنديلي صاحب جو مضمون وڏي فضيلت رکي ٿو، سنديلو صاحب لکي ٿو ته خان ترڪي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنى آهي سردار، رئيس، امير. دراصل ترڪستان ۽ خطا جي بادشاهن جو لقب هو. جو سنڌ جي مسلمانن به اميراڻي روايت کي قائم رکندي پنهنجي نالي پٺيان خان لاڳو ڪيو . خان لفظ سان م پڇاڙي ملائي خان+ م = خانم مونث ٿيو جيڪو وڏ گهراڻي عورتن جو لقب آهي جيئن بلقيس خانم، خورشيد خانم وغيره، ڪن مذڪر نالن جي پويان بيگ هوندو آهي جيئن قليچ بيگ، افضل بيگ وغيره جيڪو پڻ ترڪي ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنى نواب ، امير وغيره . بيگ لفظ سان م جي پڇاڙي ملائي بيگ + م = بيگم مونث ٿيو جو اميرزادي جي معنى ۾ آهي جيئن جهان آرا بيگم، نورجهان بيگم وغيره . اڄ ڪلهه ته بيگم خود به ڪن عورتن جا نالا آهن. اهي نالا جن جي پويان خان، خانم، بيگ، بيگم آهن اهي وڏ گهراڻن جا مخصوص نالاهوندا هئا پر هاڻي غريب غربو اهڙن نالن کي رکي جهوني روايت کي قائم رکيو پيو اچي. (سنديلو: ٽه ماهي مهراڻ ص، سال نامعلوم)

    ڊاڪٽر سنديلي جي خانم، بيگم وڏ گهراڻن جي نالن جي شاهدي هيٺ ڏنل هڪڙي بيان مان به معلوم ٿي وڃي ٿي. مير علي نواز ناز جي ڪلياتِ ناز ۾ لکيل آهي ته، ‘‘ هيءُ ڪتاب (قلمي) مير صاحب پنهنجي پياري بيگم بالي کي ڏنو . بيگم صاحبه مير صاحب جي وفات کان گهڻو پوءِ مشهور اديب ۽ شاعر نسيم امروي کي عطا ڪيو (ڪلياتِ ناز : س ا ب : ص16: 1988) اها ڳالهه واضح ٿي وئي ته بيگم يا خانم وڏ گهراڻن عورتن جا نالا هئا، پر اڄ ڪلهه عام ٿي ويا آهن، مٿئن لفظن خان، بيگ کي ‘‘م’’ جي پڇاڙيءَ مونث جي صيغي ۾ آڻي ڇڏي ٿي

    4. “م” ضميري پڇاڙيءَ طور

    هوتُ وٽمِ جي هوءِ سک گذاريان ڏينهنڙا (سچل: واحد بخش شيخ: سنڌي ٻولي جو صرف ۽ نحو: ص 252 2006)

    مٿي سچل سائين جي بيت جي سٽ ۾ وٽم ظرف آهي جيڪو اصل ۾ وٽ + م = وٽم ٺهيو آهي جنهن جي معنى آهي مون وٽ

    هوٽل جي ڪائونٽر تان ٽوئرسٽ انفرميشن گهريم، ان کي پڙهي ائين لڳو ته اٽلي ۾ ٽي ڏينهن ته ڇا ، ٽي هفتا به ٿورا آهن. قمر سان صلاح ڪيم ته ‘‘ هڪ ڏينهن اڃا به هجي ’’ قمر چيو، ‘‘ اڃان هاڻي ايئر پورٽ تي ته وڌرايو اٿوَ، گهڙيءَ گهڙيءَ ٿورئي وڌائيندا’’ (عباسي تنوير : ڏوري ڏوري ڏيهه : ص13 : 2007: روشني )

    مٿئين جملي ۾ گهريم ، ڪيم فعل آهن جيڪي اصل ۾ گهرڻ، ڪرڻ مصدر سان م جي پڇاڙي ڳنڍي گهريم = مان گهريو ، ڪيم = مان ڪيو يعني ضمير سان گڏ استعمال ٿيل آهن. هن عبارت ۾ ڊاڪٽر تنوير ضميري پڇاڙي جو درست استعمال ڪندي (مان/مون) ضمير جودهراءُ نه ڪيو آهي جنهن مان ٻولي شناس هجڻ جو ثبوت ملي ٿو.

    ايئر پورٽ کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ جيڪو پنڌ ڪرڻو هو اهو ڏسي هانءُ ئي ٻڏي ويو هئم! نه نه ته به ٻه ميل ڊگهو رستو هو پر سائين هيءَ امريڪا هئي، هتي هر مسئلي جو حل موجود هو . مڙسم ۽ ٻارن سان ڪاريڊور جي فٽ پاٿ تي بيٺيس ته پيرن هيٺان زمين کسڪندي محسوس ڪيم (عبدالعلي / الانا ايڊيٽر: سنڌي نصاب ڪلاس نائون: ص62: 1995)

    مٿئين جملي ۾ هئم، مڙسم ، ڪيم ضميري پڇاڙي وارا فعل ۽ اسم آهن

    هيو+ م = هيم= منهنجو هيو، مڙس + م = مڙسم = منهنجو مڙس ، ڪيو/ڪرڻ + م = ڪيم = مان ڪيو يعني ضميري پڇاڙي اسم، فعل ۽ حرف جر جي لفظن سان استعمال ٿيندي آهي (ضميري پڇاڙي جا ٻيا اکر / علامتون به آهن پر هتي صرف ‘‘ م’’ شامل ٿيڻ وارا ٿورا لفظ شامل ڪيا ويا آهن، جيڪي مقالي جي مناسبت سان آهن)

    5. “م” صفت طور :

    پاڻ اٺن سالن جي عمر ۾ موذن جا فرض پڻ سرانجام ڏيندو هو (عبدالعلي / الانا ايڊيٽر: سنڌي نصاب ڪلاس نائون: ص20: 1995)

    موذن ـ صفت آذان ڏيڻ وارو (فاعل)

    ماتر ڇهاءُ (مادرانا ڇهاءُ) سان اهي پَرَ منهنجي ڪلهن تي چنبڙي پيا، اکيون مٿي ڪيم ته مجسم ڪلپنا اوجهل ٿي چڪي هئي.(ريٽا شاهاڻي: ٻپهريءَ جا ٻه پل: ص 34: 2004: ڪويتا)

    مجسم = جسم لفظ سان م جي اڳياڙي ملائي صفت جسم وارو، ٿلهو، ڳرو جي معنى ۾ رکيو ويو آهي.

    6. “م” ادغام طور:

    مٿي ڏنل جملي ۾ چنبڙي ، استعمال ڪيل آهي جيڪو چ اکر ۽ ب اکر جي اثر سبب ‘ن’ ميم جو آواز ڏيندو آهي پر لکبو نون جي صورتخطي سان آهي اهڙا سنڌي ٻولي ۾ ڪيترائي لفظ موجود آهن جيئن انبوهه، ڀنڀور، گنبذ وغيره.

    7. “م” انڪار طور:

    شاهه صاحب ۽ مخدوم طالب المولا جي ڪلام ۾ “م” انڪار جي مطلب سان ڀليءَ ڀت استعمال ٿيل آهي پر اهو طور طريقو هاڻي نه ٿو اپنايو وڃي ڏسو شاهه صاحب جو بيت:


    هَلُ هِنئين سين هوت ڏي ، سِسِي کڻ مَ ساڻُ

    جَنين ڀانيو پاڻُ ، سي آرياڻيان اوري رهيون. ( شاهه: شاهواڻي : شاهه جو رسالو: 296: سال 2005


    لڪي پاءِ مَ ليا، سڄڻ اچ تون سامهون (طالب المولا: ڇپر ۾ ڇڙيون ص 201 : 2011)

    8. “م” تجنيس طور:

    ٻولي ۾ ساڳين آوازن وارا اکر بار بار استعمال ٿي، ٻولي جي سونهن ۾ اضافو ڪندا آهن اهڙي روايت سنڌي ۾ ۾ پڻ قديم زماني کان هلندي اچي ٿي جيڪا هاڻي به سٺي نموني استعمال هيٺ آهي.


    ورُ اونداهي راتڙي، چانڊوڻي چانڊا

    اوري ميهارا، مُنهنُ مَ پَسان ڪو ٻيو ( شاهه)


    شاهه سائين جي بيت ۾ ميهارا، منهن ۽ مَ جو ڪيڏو نه سهڻو تجنيسي سٽاءُ رکيو ويو آهي، جنهن سان ڪلام ۾ سلاست ۽ مٺاج پيدا ٿي پيو آهي ۽ ٻيا ڪجهه مثال : مام، ماتم، ممتاز مجسم وغيره.

    9. ‘‘م‘‘ حرف جر طور:

    ميم جو حرف سنڌي ٻولي ۾ حرف جر طور به ڪتب ايندو آهي . مثال کيسي ۾ پئسا آهن يا


    جي وَرُ کڻــــــــــــيو وڃن اهي نه چئبا وَرَ،

    جن ۾ وڏا وَرَ ، سي ڪوڙا قريشي چوي (طالب المولا: ڇپر ۾ ڇڙيون: ص 248: 2011)


    مٿي پهرئين مثال ۽ بيت ۾ ‘‘۾’’ جو حرف، حرف جر طور ڪم ڪري ٿو.

    ان کان علاوه مفرد ۽ مرڪب لفظن جي اڳيان، وچ ۽ پڇاڙي ۾ وڏي پئماني تي ‘‘م’’ جو حرف استعمال ٿئي ٿو، ‘‘م ’’ جي ايتري گهڻي قدر استعمال سبب چئجي ته سنڌي ٻولي ۾ ميم ‘ م ’ جو حرف پنهنجي سڀني سچاين ۽ سٺاين سان ڪتب اچي سنڌي ٻولي جي سونهن ۽ عزت جو راز بڻيو آهي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو ٻيو ته لفظن سان “م” جي اڳياڙي ۽ پڇاڙي فطري طرح جڙيل هوندي آهي / جڙجي ويندي آهي ، جن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ ٻولي جي حسناڪي ظاهر ٿي پوندي آهي، جنهن سان ٻولي جو معيار بين الاقوامي حيثيت جو ٿي پوندو آهي

    حوالا:

    1. بلوچ. نبي بخش خان ـ ڊاڪٽرـ جامع سنڌي لغات ـ س ا ب 1988ع

    2. سائل. سترامداس ـ پروفيسر ـ سائل ڪوش ڪويتا پبليڪيشن 2009ع

    3. سولنگي. غلام مصطفى. سنڌيڪار ـ نئون نياپو ـ 2013ع

    4. شيخ. اياز ـ ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر ـ ثقافت کاتو 2010ع

    5. چانڊيو. جامي: مرتب :ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري ـ سنڌيڪا ڪراچي 2011ع

    6. راهو.ساحر ـ دل جي ڳلي:پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور 2014ع

    7. ساڳيو.

    8. راغب اصفهاني : امام : مفردات القرآن: سال نامعلوم

    9. ڪلاچي. الطاف حسين ـ علامه مترجم ـ نورالثقلين ـ منهاج الصالحين لاهور 2012ع

    10. سنديلو. عبدالڪريم ـ ڊاڪٽرـ ٽه ماهي مهراڻ ص، سال نامعلوم

    11. شيخ. واحد بخش ـ سنڌي ٻولي جو صرف ۽ نحو: س ا ب 2006ع

    12. عباسي تنوير : ڏوري ڏوري ڏيهه ـ روشني پبليڪيشن ڪنيڊيارو 2007ع

    13. عبدالعلي/ الانا ايڊيٽر: سنڌي نصاب ڪلاس نائون ـ س ٽ ب ب 1995ع

    14. شاهاڻي. ريٽا ـ ٻپهريءَ جا ٻه پل ـ ڪويتا ـ 2004ع

    15. طالب المولا. مخدوم. ڇپر ۾ ڇڙيون . س ا ب 2011ع

    16. شاهواڻي. غلام محمد . مرتب. شاهه جو رسالو ـ 2005ع
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو