ٻول : تنهنجي سڪ ۾ ويهي لڪ ۾ روز روئڻ جو عادي ٿي ويم

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    تنهنجي سڪ ۾ ويهي لڪ ۾ روز روئڻ جو عادي ٿي ويم،
    جدائيءَ جون ڊگھيون راتيون، جاڳي ڪٽڻ جو عادي ٿي ويم.

    مونڏي نه ايندين مونسان نه ملندين، حال نه پڇندين لُڙڪ نه اُگھندين،
    تڏهن پنهنجا پرين ڳوڙها، پاڻ اُگھڻ جو عادي ٿي ويم.

    مونکي روئاريئي ڪيڏو آزاريئي، پيارُ وساريئي واعدو نه پاڙيئي،
    سهي صدما توکي دل سان، دعائون ڏيڻ جو مان عادي ٿي ويم.

    تنهنجو ستم آ ظفر کي غم آ، هٿ ۾ قلم آ هاڻي هِي ڪم آ،
    ڏکن وارا دردن وارا گيت لکڻ جو عادي ٿي ويم.





    ٻول : ظفر ڏيٿو
    آواز : احمد مغل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو