ٻول : هن رات جي انڌياري ۾ صنم مان چين گنوائي ويٺو آهيان

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي


    هن رات جي انڌياري ۾ صنم، مان چين گنوائي ويٺو آهيان،
    جو جِيون جو هو سرمايو سو پيار وڃائي ويٺو هان،

    تو روشنين لئه پاڻ وڪيو ۽ پاڇولي کان ڏُور ڀڳين،
    مان روشنين کي صدين کان تاريخ بڻائي ويٺو هان.

    تو ڏُور وسايو پاڻ وڃين احساس نه توکي منهنجو ٿيو،
    مان مُدت کان تنهنجي راهن ۾هي نيڻ وڇائي ويٺو هان.

    توکي هِي دعا آ واجد جِي، تون روشنين ۾ شال وسين،
    مان چاهت جي ارمانن سان هن دل کي سجائي ويٺو هان.



    آواز : احمد مغل
    ٻول : واجد

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو