ٻول : وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو پيو ٿئي گھرگھلو

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏24 مئي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    وقت جي چيچ ۾ زندگيءَ جو ڇلو،
    پيو ٿئي گھرگھلو، يار جلدي ملو.

    جيءُ جبروت جنمن کان ويران آ،
    ساھ ساميئڙو مڙئي مهمان آ،
    ترسندو ڪيستائين ڀلا قافلو!؟


    توسان چاهت ۽ چرپڻ به گھٽبا وڃن،
    دل جا آرا ۽ ارپڻ به گھٽبا وڃن،
    ۽ وڇوڙن ۾ ناهي رهيو ولولو..

    تنهنجي آڪاش وريھه ورچيو وڃي،
    ۽ ڪڏهن پل اندر پاڻ پرچيو وڃي،
    دل هي سمجھي نٿي درد آ دادلو..

    ٻول : آڪاش انصاري
    آواز : بادل راهي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو