1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

سنڌي ٻولي ۾ اڳيان ۽ پويان ساڳين حرفن وارا لفظ ۽ انهن جي ادبي اهميت

'مقالا' فورم ۾ مجاهد حسين سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2017۔

  1. مجاهد حسين سولنگي

    مجاهد حسين سولنگي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2015
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    [​IMG]مجاهدحسين سولنگي

    ليڪچرر سنڌي

    آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليج نوشهروفيروز، سنڌ.

    سنڌي ٻولي ۾ اڳيان ۽ پويان ساڳين حرفن وارا لفظ ۽ انهن جي ادبي اهميت

    Study of Palindrome Words in Sindhi Language & Literary Importance

    Abstractاختصار /

    This article throughs light on palindromic importance in Sindhi language, in which process words / phrases can be read same in both directions, simply they give same meaning and pronunciation when read from forward and backward. For example: sars = sar = toor, aakhar, pujani and su = ziadah, wdheek, ghano wahgarh = toor khan wdheek, had khan ghno . Plenty of such words we use in daily life, language and literature. In Sindhi language there are the few words whose origion is yet un known but in English language such words are only confind to reading or writing.

    سنڌي ٻولي جي علمي حيثيت ٻين عالمي ٻولين جي ڀيٽ ۾ گهڻي مٿڀري آهي، سندس نحوي يا صرفي بناوتون ايتريون ته گهڻيون ۽ نمايان آهن جو سوچڻ سان تمام گهڻا لفظ اسان جي اکين جي سامهون قطار ٺاهي بيهي رهن ٿا. اهو ئي سبب هيو جو پرڏيهي عالم به سنڌي ٻولي بابت تمام گهڻو ڪم ڪري ويا آهن، اڄ ڪلهه ته سنڌي علم ۽ ادب تي لاتعداد ڪتاب شايع ٿين ٿا پيا انهيءَ مان به اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، ته سنڌي ٻولي جي توسيع ۽ ترويج لاءِ هر پڙهيل ڳڙهيل سنجيدگي سان ڪم ڪري رهيو آهي. پر ان جي باوجود اڃا ايترا ته موضوع ڪم ڪرڻ جي لاءِ رهيل آهن، جن جو ڪاٿو لڳائڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. منهنجي هيءَ نماڻي ڪوشش بيٺل پاڻي ۾ کَڙي اُڇلائڻ جي حيثيت رکي ٿي، منهنجي هن مقالي کان پوءِ جيڪڏهن ڪو عالم وڌيڪ ڪم ڪري سگهيو ته سمجهندم منهنجي ڪوشش رنگ لاتو آهي. هن مقالي جي ذريعي آءُ سنڌي ٻوليءَ ۾ اڳيان ۽ پويان ساڳين حرفن وارن لفظن جي علمي ۽ ادبي اهميت کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيوآهيان، جن کي پڙهڻ سان لفظ جي معنى ۾ ڪو به فرق نه ايندو، منهنجي خيال مطابق اهڙن لفظن جا پويان يا اڳيان اکر ان لفظ جي معنى ۾ اضافو ڪندڙ ۽ ڪجهه حرف نسبتي علامت/ حرف اشارا پڻ آهن.

    سنڌي ٻولي جي لفظن جي شروعات ۽ آخر ۾ ساڳيو اکر استعمال ٿيندڙ لفظن جو تعداد ته تمام گهڻو آهي، پر آءُ هتي مُٺِ مان خرار پرکڻ واري قول تي عمل ڪندس يا شاهه صاحب وانگر ته

    محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن،

    تن جو صرافن، اڻ توريو اگهــــــايو.

    مخدوم محمد زمان طالب المولا لفظ جي شروعات ۽ آخر ۾ ساڳيو حرف ايندڙ لفظ جو استعمال ڪرڻ لاءِ هينئن فرمائي ٿو ته

    جي ڀائين جيئرو هجان ته رڙهي اچـــــــي رس،

    حقيقت هن حال جي پــــــــــــــــــــــــــرين پيارا پس،

    ڪندين اڄ احسان هي ته جڳ به چوندئي جس،

    قريشــــــــــــــــــــــــي سان قرب ۾ ڪر رهاڻ رس،

    سڪ ۾ صديقي سان صحبت ڪج ســــــــــرس ،

    کڻي کائـــــــــــــــــــــــــج ڪس، ويل وقت نه آهيان . (طالب المولا: ڇپر ۾ ڇڙيون: 281: س ا ب : 2011)

    سرس. هن لفظ جي لفظي ساخت ئي ٻڌائي ٿي ته : سر = توڙُ، آخر، چوٽي، ۽ سُ حرف وڌيڪ، سوايو، زياده ، گهڻو وغيره جو مقصد ڏئي ٿو. اهڙن لفظن کي انگريزي ٻولئ ۾ Palindromeچئجي ٿو پر بد قسمتي سان مونکي سنڌي ٻولي ۾ اهڙن لفظن جي لاءِ ڪو موزون لفظ نه ملي سگهيو آهي انگريزي ۾ وصف آهي ته

    Palindrome : A Palindrome is a word or phrase which can be read the same in both directions

    Example : Eye, Civic, Deed, Level, Pop etc.

    يعني اهڙا لفظ يا فقرا جن کي ٻنهي (اڳيان ۽ پويان) طرفن کان پڙهي سگهجي، يعني اهڙا لفظ جن جي شروعات ۽ آخر ساڳين حرفن سان ٿئي. انگريزي ٻولي ۾ آخر ۾ ايندڙ حرفن جي اهميت ظاهر نه ٿي ٿئي پر سنڌي ٻولي جي اها هڪ واڌارو صفت آهي جو لفظن جي آخر ۾ ايندڙ ساڳيا حرف ان لفظ جي معنى ۾ اضافو آڻن ٿا. ههڙا لفظ سنڌي ادب ۾ وڏي پئماني تي استعمال ٿي سنڌي ٻولي جي اهميت ۾ اضافو آڻين ٿا. البت سنڌي ٻولي ۾ به ڪجهه اهڙا لفظ آهن جن جي باري ۾ وضاحت نه ٿي ملي، جڏهن ته انگريزي ٻولي ۾ تقريبن پڙهڻ جي حد تائين محدود ڪيو ويو آهي پر سنڌي ٻولي ۾ اهڙن لفظن جي چير ڦاڙ ڪري سندن مطلب يا معنى ۾ طاقت پيدا ڪئي وئي آهي . سنڌي ٻولي ۾ اهڙا لفظ اسم ، صفت يا ظرف آهن جيڪي ان جي اسمي، صفتي يا ظرفي معنى ۾ اضافو ڪن ٿا يا نسبتي لاڳاپو رکي تجنيسي سونهن جو باعث بڻجڻ ٿا

    پورهيو پورهيت جو کائي، پيٽ پيٽوڙين ڀريا،

    پـــــــــــــــــــاپ جا هر پهر تي، پسجن پسارا سنڌ ۾.

    (سرويچ) (جامي : ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري : 258: سنڌيڪا 2007 )

    پاپ = پا = (اڳياڙي)حاصل ڪرڻ، بچائڻ To get اپ = (پڇاڙي) خرابي، زوال، تباهي، ظلم

    دهشت دم درياهه ۾ جت ڪنن جا ڪڙڪا ،

    مئي متي مهراڻ جا اچن ديارا دڙڪـــــــــــــا،

    ســـــــاهڙ سڻ تون ڪا، فرياد هن فقير جي. (شاهه) (جامي : ڪلاسيڪي ۽ جديد سنڌي شاعري :36 : سنڌيڪا2007 )


    ڪٿي لڳو ۽ ڪيئن لڳو ، ليکو نه ڪر اهو،

    ڀلي ته ڪانُ ڪُست مان ڪڙڪي وري وري. (مدهوش: اکين جا سنيها :91 :س ا ب: 2011)

    تنوير عباسي پنهنجي سفر نامي ڏوري ڏوري ڏيهه ۾ لکي ٿو ته

    ............ پوءِ مونکي لُڪي ۽ ڪيس سان خيرپور ۾ گهاريل قربائتا ۽ حسين ڏينهن ياد آيا. هفتي ۾ ٻه ڏينهن وٽن فرينچ سکڻ ويندو هوس . مان ۽ لُڪي شاگرد هوندا هئاسين ۽ ڪيس استاد ، پر ڏاڍو ڪڙڪ استاد هو. ...........

    (تنوير : ڏوري ڏوري ڏيهه: 127 : روشني : 2007)

    حقيقت ۾ لفظ ڪڙڪ آهي ان مان ٻيا ڪيترائي لفظ ٺاهيا ويا آهن جئين ڪڙڪو، ڪڙڪا، ڪڙڪي وغيره

    ڪَڙَڪُ = ڪڙ = ڪاڙهه ، تيز، سخت، خشڪ، سُوٽ. پر جڏهن ڪڙ سان ڪ پڇاڙي ملائجي ٿي ته ان جي معنى ۾ وڌيڪ طاقت پيدا ٿي پوي ٿي جنهن ڪري اسان ان جي هاڻي معنى ڪڍنداسين ته وڌيڪ ڪڙهيل، تيز، گهري اثر وارو . وڏو آواز ، ڌماڪيدار آواز، سخت .

    ڪارونجهر ڪور تي سڏڪي مرن ٿا رقص مورن جا،

    ويا ڌنـــــــــــــــــــــــــــڌلائجي آهن سمورا عڪس نيڻن جا . ( امتياز دانش: پرين جو عڪس :49:ڪنول پبليڪيشن2012 )

    ڌُنڌُ = ڌن = دونهون، اندارو، اڻ چٽو. ڌُ = نسبتي علامت

    مبارڪ علي لاشاري پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته

    .................... اها سولائي پاڻ مرادو نه آئي آهي، پر ان سولائيءَ پٺيان گرامر ۽ ٻولي جون خوبيون لڪل آهن، جن کي مٿي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.

    ( ڪلاچي : 146 : شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي : ڊسمبر 2012 )

    لڪل = لِڪُ = راز ، ڳجهه ، مخفي، لُ = نسبي علامت = ڪا شيءِ ڳجهه ۾ هجي.

    سائين نورمحمد شاهه ٽه ماهي مهراڻ ۾ پنهنجي مقالي ۾ لکي ٿو ته

    ................................. دنيا جي سڀني قومن جي ادب ، شاعريءَ ۽ مذهبن منجهه اهو الاهي پيار هڪ ئي زندهه جايد مسڪراهٽ ۾ مجسم نظر اچي ٿو. ....

    (نورمحمد شاهه : ٽه ماهي مهراڻ : 153 : س ا ب 4/2012)

    مجسم = مُ = نسبي علامت يا حرف اشارا، جسم = جان ، ساهه وغيره

    استاد بخاري پنهنجي هڪ چئو سٽي ۾ لکي ٿو ته

    ديـــــــــــــــــــــد دنالي سان ملي، ڇاتي دونالي،

    بچي ڪير بخاري چئي ، چار ڌڪي چالي،

    جيتيوجوڌن کي وڃي، حسن هٿين خالي،

    عام، اتم، عالي، سڀئي سونهن سلهاڙيا. (استاد بخاري: ولولو ۽ ووڪ : 76 : روشني 1996)

    ديد = دي = DI = روشني

    ديا = روشني ڏيندڙ ،

    دَ = نسبي علامت = رشني واري / وارو / نظر.

    نه ڏي ڪُرڪي او مون کي، مون اوهان جو،

    سڄو ئي مٽ پيئڻ آهـــــــــــــــــــــــــــــــي قبوليو. (مدهوش : اکين جا سنيها :84 :س ا ب: 2011 )


    اسان جو بچيو ٻوڏ ۾ ڪجهه به ناهي،

    اسان جو ٿي ويران ويــــــــــــڙهو ويو آ،

    اسان جي لاءِ ٿي وقت ماتـــــــــم ويو آ،

    اسان جي ڏکـــــاريءَ دل ڪيو سوڳ آ. ( امتياز دانش: پرين جو عڪس :49:ڪنول پبليڪيشن2012 )


    پيار جي هٻڪار سان واسيو دلين جي ديس کي،

    نفرتـــــــــــــــــــن جي ڍُونڍ بدبو دار کان نڪري هلو. (مدهوش: اکين جا سنيها :124:س ا ب: 2011 )

    سنڌي ٻولي ۾ ڪرڪي،ماتم، ڍونڍ، داد، ديد، لال = لعل ، تهمت، ڪاڪ ، ولولو، تپت، تات، وسوسو، مام، موسم، مَمَ، مطلب گهڻائي لفظ آهن جن تي اڃا ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هيءُ صرف مقالو آهي ان ۾ لغت جيترو ڪم سمائي نه ٿو سگهجي ۽ مان مٿي عرض ڪري آيو آهيان ته بيٺل پاڻي ۾ کَڙو اڇلايان ٿو يا کَکر ۾ کڙو هڻان ٿو. مون کي اميد آهي ته اسان جا اديب انهيءَ سلسلي ۾ اڃان به وڌيڪ اڳڀرائي ڪري سنڌي ٻولي جي هڪ نئين جِهت کي منظر عام تي آڻي، لفظ جي اڳيان ۽ پويان ايندڙ ساڳيا اکر سنڌي ٻولي جي نحوي ۽ صرفي سونهن سان گڏ لغتي لحاظ سان وڏي اهيمت ۽ افاديت وارا ثابت ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي سڌريل ۽ شاهوڪار ٻولين جي فهرست ۾ اول نمبر تي شامل ٿيڻ جي هر وجهه لائق بڻائيندا.

    عالمن لاءِ ڪجهه تجويزون:

    1. مذڪوره لفظن لاءِ ڪو مناسب نالو تجويز ڪرڻ.

    2. اهڙن لفظن جي لغت ٺاهڻ.

    3. لفظن جي چير ڦاڙ ڪري شناخت مقرر ڪرڻ.

    4. گرامري درجا بندي ڪرڻ

    5. لفظن جي شروعات ۽ آخر ۾ ايندڙ ساڳين حرفن جي نشاندهي ڪرڻ ته اهي نسبي لاڳاپو رکن ٿا / اضافتي/ جري وغيره لاڳاپو رکن ٿا وغيره .

    حوالا:

    1. محمد زمان طالب المولا، مخدوم _ ڇپر ۾ ڇڙيون _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال 2011

    2. www.fun-with-words.com

    3. مدهوش، احمد خان_ اکين جا سنيها _ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو سال2011

    4. عباسي، تنوير - ڏوري ڏوري ڏيهه - روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2007

    5. پروفيسر سليم ، ايڊيٽر – ڪلاچي جرنل - شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي : ڊسمبر 2012 )

    6. ميمن، ثمينه ايڊيٽر ٽه ماهي مهراڻ : 153 : س ا ب ڄامشورو 4/2012)

    7. بخاري، استاد - ولولو ۽ ووڪ - روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 1996

    8. www. Urdu science board.com

    9. www.hamariweb.com/dictionaries

    10. جان- ٽي- پلاٽس – اردو، ڪلاسيڪي، هندي اور انگريزي ڊڪشنري

    11. دانش، امتياز _ پرين جو عڪس _ ڪنول پبليڪيشن قنبر 2012
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو