قتل ٿيل گهر

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ حسين خادم طرفان آندل موضوعَ ‏28 مئي 2017۔

  1. حسين خادم

    حسين خادم
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 مئي 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ´´قتل ٿيل گهر``

    ڪجھ سال پهريان جي اها رات جنهن رات منهنجي گھر جون رونقون اجاڙي ڇڏيو
    منهنجو پوڙھو پيءُ ان درد کان پوءَ اٿي نه سگهيو ۽ پٽ جي درد سان گڏ دفن ٿي ويو ۽ منهنجي امڙ جيڪا جگر جي جدائي ۾ اکين جو پاڻي هاري هاري نور وڃائي نابين ٿي وئي آھي ، منهنجي گهر ۾ جتي خوشين جا گيت هوندا هئا اتي سڏڪا ۽ سارون آھن .
    منهنجون ڀينرون جن جي عمر ڪجل پائڻ جي هئي جن جي اکين ۽ چهري مان حورن جي هجڻ جي تصديق ٿيندي هئي اڄ اهي اجڙيل کنڊر بنيل ڪو شھر آھن منهنجي ڀاڄائي جنهن ور جي وڇوڙي ۾ پاڻ کي زنده لاش بنائي ڇڏيو آھي ۽ معصوم ان جي ٻارن جا خاموش سوال مونکي مجرم ٿيندي محسوس ٿيندو آھي
    ان رات اسين پيٽ جي باھ وسائڻ لاءَ شھر مان مزدوري ڪري واپس اچي رهيا هئاسين ڪجھ ھٿياربندن اڳ ڏئي ڦر جي ڪوشش ڪئي اسان وٽ هڪ موٽر سائيڪل ۽ کنڊ پتي اٽي جا ٻه ڪلو کير جو پاءُ ۽ ٻارن لاء بسڪوٽ هيا اسين بچاءُ جي ڪوشش ڪندي ٻن همراهن کي ڀاڪر ۾ قابو ڪيو ته آزاد عزرائيل منهنجي ڀاءُ تي فائر ڪري منهنجا به حواس اڏائي ڇڏيا ۽ ائين منهنجي هٿن ۾ منهنجو ڀاءُ بي سبب بي گناھ قتل ٿي ويو ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين سک ۽ سڪون ڪنارا ڪري ويا آھن الئه ڇو هرپل اهو وقت اکين اڳيان آھي

    پوليس جي مدد سان پيري کي ساڻ ڪري عزرائيل جي اوطاق تي پهتاسين جوبدارن جي پڪ ٿيڻ تي ڪيس داخل ڪيوسين ڪيس ڪورٽن ۾ ھليو ڪورٽ مان انصاف جو آسرو محسوس ٿيڻ لڳو ته مرشد جو نياپو آيو ته ايندڙ سومر تي اوهان جي دعوت کائڻ ايندس اسان به خدا جي نعمت سمجهي اڱڻ کي گلاب جي پاڻي سان ڌوئي سائين لاء اکيون وڇائي انتظار ڪيو ،
    خيرن جو ڏينهن آيو سائين پنهنجي نوراني چهري سان عاليشان گاڏي مان لٿو سائين جا پير ڇهي هٿ اکين تي گهمايو ته جنت جي ٿڌاڻ محسوس ٿي
    سائين برڪت جا قدم کڻي اڱڻ آيو ننگر نياز ٿيو دعائون ٿيون سائين ڳالهين ڪندي فرمايو مرشد آخرت جي ذمانت ڏيندڙ آھي مان به اوهان جو مرشد آھيان منهنجي مڃي قتل جو ٺاھ ڪيو جسم مان ساھ نڪري ويو مٿان بجلي ڪرندي محسوس ٿي جهڙو عربن ارغونن مغلن ترخانن مون تي حملو ڪري سڀ ڪجھ ساڙي ختم ڪري ڇڏيو هجي
    ڀاءُ کي آخرت جي نجات جي يادگيري تي سائين جي پيرن تي هٿ رکيم ۽ چيم سائين اوهان کي جواب ڏيڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان پر مونسان ظلم وڏو ٿيل آھي ۽ سڏڪن ۾ پئجي ويس ڪيتري دير کان پو پاڻ تي ڪنٽرول ڪندي ويٺلن جي به اصرار تي ها ڪري ڇڏيم مرشد به کلندي کلندي دعائون ڏيندون مونکي روئندو ڇڏي هليو ويو.
    ڪجھ وقت کان پو قاتل آزاد ٿيا گهمندا پيا وتن ۽ وري روڊن تي هٿيار کڻي ماڻھو مارڻ جي پويان آھن
    سائين به وري ياد نه ڪيو ها سائين جنهن کي گذريل چار دفعا ووٽ ڏئي اسيمبلي پهچايو ھو ۽ ان اسان جي بجيٽ به درگاھ جو ڏن سمجهي کائي ويو ۽ منهنجي ڀاءُ جي قاتلن کان منهنجي راضپي جا 4لک وٺي اسان چئن ڀاتين کي جنت جي ٽڪيٽ ڏئي ويو .
    خادم حسين شر
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو