حافظ نظاماڻي ڪو آ رحمان جي پاسي، ڪو آ ڀگوان جي پاسي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عاجز سنجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جون 2017۔

  1. عاجز سنجراڻي

    عاجز سنجراڻي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڪو آ رحمان جي پاسي

    ڪو آ رحمان جي پاسي،ڪو آ ڀگوان جي پاسي.
    آئون سجدو انھي کي ڏيان، جيڪو آ انسان جي پاسي.

    خطيبن کي ٻڌائي ڇڏ، تہ مونکي خوف ڪونھي ڪو،
    منھنجي حالت نہ حورن سان، نڪو غلمان جي پاسي.

    اوھان جون عادتون، ڏسي اسان جو روح روئي ٿو،
    اھيو تنھنجو جي مذھب آ، آئون شيطان جي پاسي.

    رقيبن کي بہ رنجش آ، رفيقن کي بہ ڪاوڙ آ،
    ٻڌا ھاڻي آئون وڃان، ڪھڙي جھان جي پاسي.

    اسان جي دين ايمان جو، دستور پھنجو آ،
    نہ ھوندو ھي ڪڏھن ، "حافظ " بري بي ايمان جي پاسي.
     
    آخري ترميم: ‏6 جون 2017
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو