اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غزل

    عطا محمد حامي

    اکين سان حال دل جا يار توسان اورڻا پوندا
    زبان خاموش رھندي چپ نه ھرگز چورڻا پوندا

    محبت ۽ مصيبت جا ڪيئي مرحلا ايندا
    ڪشالا ڪاٽبا ڏونگر ڏکن جا ڪيئي ڏورڻا پوندا

    جڏهن تشريف فرما حسن جي سرڪارھت ٿيندي
    قيامت خيز قدمن جي مٿان سر گھورڻا پوندا

    سکائون باسبيون پيرن تي پڙ وجھبا چلا ڪڍبا
    سوين سڪ جا سڳا تنھنجي ملڻ لاء سورڻا پوندا

    پچڻ پڄرڻ جلڻ کامڻ جا مزا وٺبا ڪيئي
    جدائي ۾ جگر دل جان ۽ تن من جھورڻا پوندا

    مٺن ماڻھن اڳيان حامي مٺو ڳالھائڻو پوندو
    زبان کولڻ کان اڳ۾ حرف سارا تورڻا پوندا​
     
    جمیل احمد لوھارانی برفت هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو