شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

'ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2010۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌي ساٿين کي آگاهه ٿو ڪجي ته ڪافي ڏينهن کان شڪارپوري فقير ڦلپوٽو، گُم آهي، سنڌ سلامت جي ڪنهن به ڪُنڊ پاسي، ۾ سندس ڪابه صدا ٻُڌڻ ۾‌ ڪونه ٿي اچي، سندس باري ۾ آخري اطلاع اهي ٻُڌا ويا آهن ته هُو جيڪب آباد جي مين بس اسٽاپ تي نيڪ بابا نيڪ مائي جون ڳاٽي ڀڳيون صدائون هڻندي ڏٺو ويو هو، جڏهن ته اها به خبر پئي آهي ته جيڪب آباد جي مين بس اسٽاپ تي صدائون هڻڻ وارو ٺيڪو ڪنهن نامعلوم انٽر نيشنل فقير جو هو، ٿي سگهي ٿو ان نامعلوم انٽرنيشنل فقير شڪارپوري فقير کي ناحق باندي بڻايو هُجي۔۔۔ ان هُوندي به بحيثيت سنڌ سلامت جي غريب فقير جي اهو شڪار پوري فقير کي عرض ٿو رکجي جلدي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پهچي وڃي، کيس ڪجهه به نه چيو ويندو، سنڌ سلامت جا سڀ جهونا نوان پُراڻا فقير سندس جُدائي ۾ گونگا بڻجي احتجاجي مظاهرو ڪري رهيا آهن، سنڌ سلامت جي جادوگر فقير رشيد سمون جن کي عرض آهي ته ڪو ڍارو هڻي ٻُڌايو وڃي ته شڪارپوري فقير ڪٿي آهي، ان کان علاوه ان نامعلوم انٽرنيشنل فقير کي عرض آهي ته جيڪڏهن شڪارپوري فقير کيس وٽ ناحق باندي بڻايل آهي ته فوري ان کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سنڌ سلامت جا سمورا فقير سندس جيڪب آباد جي مين بس اسٽاپ تي صدائون هڻڻ واري ٺيڪي کي ڪينسل ڪرائي ڇڏيندا۔ ٿورو لکيو گهڻو سمجهيو وڃي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. نصير چنا

    نصير چنا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 جون 2010
    تحريرون:
    151
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    228
    ڌنڌو:
    رپوٽر آواز ٽي وي نيوز سيتاروڊ
    ماڳ:
    سيتاروڊ
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    ادا سائين ٿورڙو انتظار ڪريو فقير ڦلپوٽو لڀي ويندو۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    هائو يار ناز! همراه ڪافي ڏينهن کان گم ئي نه پر پر اسرار طور تي گم آهي، رب پاڻ ڏانهن ۽ سندس ڪٽنب ڏانهن خئير ڪري ۔۔۔ ڳڻتي ڏئي ويو آهي، اوهان جهونا ۽ وڏڙا فقير آهيو، من اوهانجي صدا تي ظاهر ٿي پوي، باقي اسان ته اڃان سيکڙاٽ فقير آهيون ۽ سندس جي تدريب ۽ تعليم جي هيٺ آهيون، ڪيترن ڏينهن کان فقيري سبق به نٿا ٿين، کيس اطلاع ڏنو وڃي ته سندس پوئلڳ پريشان آهن ۔۔۔۔ جلد منهن ڏيکاري نه ته شڪارپور جي ٽڪيٽ لا وري مڪي مسجد جي ٻاهران ويهي پئسا گڏ ڪرڻا پوندا ۔۔۔ عبدالوهاب کي چئبو ته ناشتو اچي شڪارپور ۾ ڪري ۔۔۔۔ فقير وٽ ۔۔۔
     
  4. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    برائي مهرباني انتظار ڪيو اچي ويندو۔۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!


    حق موجود سدا موجود

    سائين اوهان فقير جي ڪمي محسوس ته ڪئي پر فقير کان اوهان اهو ته سمجهايو ته پهنجي سرحد ۾ ڇو ڪون ٿو رهي اصل قصو هين آهي ته گذشتو جمعي واري ڏينهن نيشنل فقير صاحب سمجهيو ته رجب جو ڀلارو مهينو آهي سو اڄ جيڪب آباد جو به مزو وٺجي اها خبر هوندي به ته اهو انٽر نيشنل فقير جي ٺيڪي ۾ آهي ۽ اتفاق سان مان به ان ڏنهن دوري تي آيل هئس سو بن فقيرن جو آمهون سامهون ٿيڻ ته بس پوء اوهان کي خبر آهي ته ڇا ٿيو هوندو سو فقير اڪيلو ۽ اهو به مهنجي علاقي مان ۽ ورهين جا پلاند رهيل سو اصل گودڙي سوڌو پاڻ واري اوتاري تي ويهاري ڇڏيو مانس پر دوستن کي اها پارت ڪئي اٿم ته پاڻ واري يار جي پارت هجيو اصل ڏنڊو ڪونڊو هر وقت تيار هجي اسان جو پٽي ڀائي آهي دشمن ئي دشمن پر پٽي ڀائي آهي سو خاطر تواضعي ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏجوس سو اوهان دوستن جو احتجاج سي ڪري لڳي ٿو ته سنگهر مان تالا کولڻا پوندا ڇو ته پهنجي اوطاق جو مسئلو آهي ۽ اسان جي سنگت جي سفارش تي بس اسان هار مڃي ۽ هٿ ڪنڊونس ٿا ليڪن اوهان کان اها التجا آهي ته ان کي اهو سمجهايو ته نيشنل ماڻهن جو حدون معين هونديون آهين ان ڪري پهنجي علاقي ۾ ويهي راڄ ڪري اسان کي ڪو اعتراض ناهي ۔ پر ڇڏڻ کان پهريان قانون جي مخالفت ڪرڻ جي صورت ۾ ان تي ڏنڊ رکيو ويو آهي اوهان کي التجا آهي ته ان کي اها پارت ڪندا ته پهنجي رمضان جي فل ڪمائي مون حوالي ڪري وڃي جي نه ته ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ :)) :)) هن دفعي صرف گودڙي کسي آهي اڳين دفعي گو ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ڏ۔ ۔ ۔ ۔ ۔=))=)) باقي فقير کي اها هدايت به ڪئي اٿم ته جلدي اوطاق تي ڀيرو هڻي ڪري سنگت کي راضي ڪري ڇو ته ان جي لاء سڄي سنگت اٻاڻڪي آهي ۔
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    وڃ ڙي علي علي هاڻي خبر پئي ته اهو انٽر نيشنل فقير تون آهين، جنهن اسان واري شڪارپوري فقير کي اوتاري تي ويهاري ڇڏيو آهي، موسمي ٻٽيرا، تون ٿيندوڪير آهين اسان جي شڪار پوري فقير جي گودڙي ڦرڻ وارو، ظلم جي حد اها ته ڀُنگ ۾ وري شڪارپوري فقير جي گوڏ ڦُرڻ جو ڌمڪيون پيو ڏين، تنهنجي ڀُوري مينهن ڇا وئي اڃا تائين دشمني پارييندو اچين، تون انٽرنيشنل فقير گهٽ پر انڊر ورڊ جو صفا ڊان فقير پيو لڳين، اوتاري ۾ فقير ڦلپوٽي کي قيد ڪريو مٿان کيس ڏنڊن ڪُونڊن جون مارون پيو ڏينس۔ فوري شڪارپوري فقير کي آزاد ڪري نڪ جون گيسيون ڪر نه ته سنڌ سلامت جي فقيرن جي ور چڙهي وين نه ته هڪڙو به مٿي جو وار نه ڇڏيندا تنهنجو۔۔۔۔۔ قدم وڌائي شڪار پوري فقير هم تمهاري ساٿ هين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    ادا ادا ڳالهه ظاهر ٿي پئي آهي پاڻ وارو شڪارپوري هُن موسمي ٻٽيري جي ڪنهن ڀڙ ڀانگ اوتاري ۾ باندي آهي، انٽر نيشنل فقير هاڻي بلڪل انڊر ورلڊ جو ڊان فقير ثابت ٿي رهيو آهي، ڳالهه مسيت کان مٿي چڙهي وئي آهي ڀائو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    ادا نصير چنا ۔ انتظار نٿو ٿئي نه شڪارپوري فقير لا انٽر نيشنل فقير، هُن کي پنهنجي اوتاري ۾‌ جڪڙي ڇڏيو آهي، بس اها دُعا ڪر ته مالڪ تون درد ڪٽيندين، شڪارپوري فقير ڦلپوٽي کي ظاهر ڪري سامهون ڏيندين۔
     
  9. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    ادا وقار ڳالهه ڳاٽي کان چڙهي وئي آهي اصل اسان به دعائن جي ڌم لڳايون ٿا، شل اسان وارو شڪارپوري فقير جلدي هن محبتي اڱڻ تي موٽي اچي۔۔۔۔۔۔۔۔ ور ڙي شڪارپوري فقير، اصل انٽرنيشنل فقير کي دسي پنهنجي گودڙي واپس وٺي پهچ سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي تنهنجي تات ۾ هاڻي هنجون پيا هارين۔
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!


    سائين فقير اسان کي به پيارو آهي پرسائين ڌندي جي معاملي ۾ پاڻ ڪنهن کي به ڪون سهون ۔ ۔ ۔۔۔ ۔ ۔ ۔ سو سائين باقي يارن سامهون اسان ڪهڙي ڪنڌاري ڏيکاريون ؟ سو هاڻي ئي ٿو ان کي آزاد ڪيان اوهان يارن جي پيار ڏسي ڪري فقير جي لاء اسان پهنجي اختلافن ساته هٿ کنيون سي سائين پر اوهان جي چوڻ تي مون فقير کي آزاد ته ڪيو ليڪن هو به تمام ڏنگو ماڻهون آهي مهنجي بي بسي جو قصو هن طرح سان ڳائيندو شڪارپور جي بس ۾ چڙهي ويو

    http://www.youtube.com/watch?v=NbWe_7DFCw0&feature=related
    بس سائين هن کي ڪهڙي خبر ته مان ڪهڙي مجبوري ڪري ان مان هٿ ڪڍيو آهي سنڌ سلامت تي ايندو ته پاڻهي خبر پئجي ويندس
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    اهڙي ڏکئي وقت جي لاءِ ئي مون نيشنل فقير کي پنهنجو خاص سنهري وار ڏنو هو ۔۔۔ ته جڏهن به ڪاٿي ڪا پريشاني ٿئي بس وار کي گرم سيڪ ڏجانءِ [-O< ته فورن دونهان اڏاري اتي پهچبو۔۔۔ دوستو فقير کي اهو وار مون سندس طرفان موڪليل سپيشل سوغات واري گفٽ ”شڪارپوري مرغ اچار“ جي جواب ۾ ڏنو هو۔۔۔۔
    پر افسوس جو وار کي محفوظ رکڻ لاءِ نيشنل فقير پنهنجي گودڙي کي چونڊيو جيڪا انٽرنيشنل فقير جي قيد ۾ هجڻ ڪري کائنس کسجي وئي هئي۔۔۔ پر آزادي کان پوءِ مٿيون گيت ڳائيندي کيس ياد اچي ويو۔۔۔ ۽ هن مون کي گهرائي پوري وارتا ٻڌائي۔۔۔ مون سندس جا ڳوڙها اگهيا۔۔۔ :-q ۽ انٽرنيشنل فقير جي ڇنڊ پٽي ۔۔۔۔ ~X( گنجي ٿيڻ جي خوف کان انٽرنيشنل جهوني فقير ۔۔۔ نيشنل فقير جو سمورو مال واپس ڪيو۔۔۔ جيڪو فقير کي واپس ڪيو ويو آهي۔۔
    جنهن کان پوءِ نيشنل فقير واعدو ڪيو آهي ته ان رقم مان انٽرنيشنل فقير واپڊا وارن سان ملي ڪري جيڪو ڳوٺ جو ٽرانسفارمر ساڙيو هئو اهو انجينيئر مست فقير کان اڄ ئي ٺهرائيندو ۽ سنڌ سلامت ساٿ کي پاڻ سان ٿيڻ واري سموري روداد ٻڌائيندو ۔۔۔۔ %-(
    سو ساٿيو بس ٿورو انتظار ڪريو ۔۔۔ توهان جي هر تحرير تي نظر رکندڙ توهان جو پنهنجو هر دلعزيز فقير بس اجهو آيو۔۔۔:bz
     
  12. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    سائين ڏنڊن ڪونڊن سان مار نه پر ان ۾ پاڻ واري اسپيشل ٿاڌل گهوٽي پيئاري سيس اصل صفا ٽن ڪري موڪليو اٿمانس اجهو ڪاڏانهن نه ڪاڏانهن پهتو
     
  13. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    هل ڙي مست تنهنجي ڪرامت۔۔۔ ڏس ته سهي۔۔۔ تون هيڪلو۔۔۔ فقير مڙئي گنج آهن پر سڀ هڪ ٻئي سان ڪُشتي وڙهن پيا۔۔ ڪو ڪنهن کي قيد ڪيو ويٺو آهي ڪو وري ٻئي جي ٿاڪ تي قبضو ڪري روزي تي لت ڏيڻ جي چڪر ۾ آهي۔۔۔۔
    مست تنهنجي اڪيلائي سلامت رهي۔۔۔
     
  14. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    بابا ايڪ بار ڦر مست بولا بولا ، بولا اور ڪيا خوب بولا، مست جي اڪيلائي نه پر مست جي مستي سلامت رهي! فقير ڦلپوٽو حاضر ڪري ڏي انجنيئر مست فقير !
     
  15. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    سائين اها ڪرامت ته فقط هڪ ماڻهو ڪري سگهي ٿو۔۔
    ڄاڻي ٿو جڳ سارو، آهي وڏي ڪرامت وارو۔۔۔
    جادوگر ٿو سڏي جنهن کي، هر ڪو سمجهه وارو۔۔
    هڻي هڪڙو ڍارو، ته فقير هلي ايندو پاڻ ئي۔۔
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    مست خبر اٿئي پاڻ وارو جادوگر رشيد سمون هاڻي جادوگر مان ڦِرِي جن ٿيڻ جي چڪر ۾ اٿئي،، ماڻهن کي سانڌاڻن عيوض پنهنجا سونا وار پٽي پيو ڏي، جادوگر کي ٻيلي سمجهايو، جيڪڏهن ائين ئي پنهنجا وار پٽي ڏيندو رهيو ته اسان وانگر گنجو ٿي ويندو، پاڻ کي هتي ڪٿي لکيو اٿس ته ديسي فقير کي هُن پنهنجا وار اهي به سونا وار پٽي ڏنا آهن ته انهن کي تئي تي سيڪي ته جادوگر فقير وٽ حاضر ٿي ويندو، يار جادوگرن جو ڪم صرف ڍارا هڻڻ آهي، ۽ هي جنن وارا ڪم پيو ڪري خير ڇا به ڪري پر اسان کي فقير ڦلپوٽو حاضر ڪري ڏي !
     
  17. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    سائين اها ته ليٽيسٽ نيوز آهي۔۔۔ \:d/
    صفا بريڪنگ نيوز يعني ته هاڻ اسان کي به پنهنجا وڇڙيل دوست ڳولڻ لاءِ‌سائين جي وارن مان چوري چوري ٻه ٽي سونا سڳا پٽڻا پوندا۔۔۔ ڀلي پوءِ سائين سان ڪهڙي به جُٺ ٿئي ~x(
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    ادا رشيد بروبر مون کي ان گودڙي ۾ اهي وار مليا هئا پر مون ماڻهون جا نه پر ٻڪري جا وار سمجهي ڪري ساڙي ڇڏيا هئا :)) :)) :)) ها جي مان انهن کي باه جو سيڪ ڏيان هان ته اوهان حاضر ٿيو ها پوء فقير ۽ جادوگر جي جيڪا جنگ لڳي ها سو ته راڄ ڏسي ها پر چوندا آهين نه ته کٽائني ڀاڳ سو ادا ڀچي وئين ۔باقي ادا سنگت جي صلاح تي اسان پهنجا هٿيار ڦٽا ڪينا نه ته اوهان کي به فقير سان گڏ ڪٽهري ۾ ويهاريان ها ۔ مست بابا وارو منتر اسان کي به ايندو آهي =))=)) بس ادا اسان اهو چئي ڪري هٿيار فٽا ڪيا سي نه ته مجبور آ عاشق مجبور آ ڀلي ڪيڏو به ڪنڌار هجي سو اساب سنگت جي چوڻ تي ۔ ۔ ۔ ۔ باقي هاڻي ڪوئي منتر پڙه ته وري فقير هتي پهچي نه ته مون وٽ تعويز لکيل پيو آهي بس ان تي فقير جو نالو لکي ڪري هوا ۾ ٽنگڻو آهي ۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔۔
     
  19. رنجيت

    رنجيت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جولائي 2009
    تحريرون:
    823
    ورتل پسنديدگيون:
    158
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ٽيڪنيڪل صلاحڪار ... فلمي تڙڪا پروڊڪشنس
    ماڳ:
    لقمان خيرپور پر هاڻي ممبئي
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    هررررررررررررررررررررررررررررررررررررررررررررر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ههممممممممممممممممممممممممممم۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سنگت کي عرض آهي ته مٿين لکيل لفظن کي ڏينهن ۾‌ 1،00،000 دفعا پاڻي پيئڻ کانپو پڙهي ته پو ڏسو اسان جو فقير ڪيئن ٿو اچي اوطاق تي نڪري۔۔۔۔۔۔۔

    سائين سڻائي ڪندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔پر مشڪل آهي۔۔۔۔۔
     
  20. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: شڪار پوري فقير گُم ٿي ويو !!!

    مٺا وحيد ڦلپوٽا مذاق کان علاوه قسم ٿئي انهن جو جيڪي توسان پيار ڪن ٿا، جيڪڏهن مٺا ڪا ڪاوڙ ڪنهن سان به تنهنجي آهي ته مٺا ڀاءُ اها ڪاوڙ اهو غصو سڀ جو سڀ منهنجي کاتي ۾ وجهي ڇڏ پر پيارا، سنڌ سلامت جا اسان سڀ دوست توکي ڏاڍو ساريون پيا قسم سان توکي ڏاڍو مس ڪريون پيا۔هي هڪڙي ڪافي هينئر جو هينئر تولاءِ لکي اٿم پليز پليز پليز موٽِي آ


    ڪٿي آهين شڪارپوري
    ڇو پنهنجن کان آهي دُورِي

    ايڏي ڪاوڙ ڪري ويٺين
    وڃي ڪاٿي پري ويٺين،
    ٿي اندر ۾ ٻري کُورِي
    ڪٿي آهين شڪارپُورِي

    نثار ابڙو توکي ساري،
    ڄامشورائي مست پُڪاري
    جاني مل تون ضروري
    ڪٿي آهين شڪارپُورِي

    فقير ڦلپوٽا مٺا سائين
    اسان جو ساهه تون آهين
    حياتي تو مٿان پُوري
    ڪٿي آهين شڪارپُورِي

    نه سرندي” ناز “ جي توبن
    اُجڙ آهي سڄو گُلشن
    ڀلا ڪهڙي آ مجبوُري
    ڪٿي آهين شڪارپُورِي
    ڪٿي آهين شڪارپُورِي​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو