ٻير وارو سائين

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏13 جون 2017۔

?

ڪڪ

  1. ل

    1 ووٽ
    100.0%
  2. و

    0 ووٽ
    0.0%
هڪ کان وڌيڪ ووٽ ڏئي سگهجن ٿا.
  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    16رمضان المبارڪ يوم الوفات آهي سنڌ جي جامع الاوصاف عالم دين مولانا عبدالڪريم قريشي رحمه الله جو!
    مولاناعبدالڪريم قريشي صاحب سنڌ جو اهو عظيم عالم دين آهي جنهن کي رب پاڪ هڪ وقت ۾ ڪي ئي وصفن سان نوازيو هئو ، بيڪ وقت عالم ، مدرس ، مفسر ، مبلغ ، مدبر ، مفڪر ، مصنف ، مصلح ، داعي ، پيرطريقت ، رهبر شريعت ، اسلامي سياست جا علمبردار سياستدان ، انقلابي رهنماء ، سنڌ دوست ، فرقيواريت واري تنگ نظري کان دور ، انسانيت جي خدمت جو جزبو رکندڙ ، هر مسلمان سان پيار ڪندڙ ، جبن قبن جي ميراثي طريقت کان گهڻو پري رهندڙ ، نام نمود ،ونڊ فنڊ ۽ ڏن واري روايتن کان باغي رهندڙ
    عظيم انسان هئا جن جي ڪردار جو مثال هن وقت سنڌ ۾ ته ڇا پر پوري پاڪستان ۾ به ملڻ مشڪل آهي ،
    مختصر سوانح حيات پيش خدمت آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مولاناعبدالڪريم قريشي 22 سيپٽمبر 1923ع لاڙڪاڻي ضلع جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٻير ۾ ڄاوا . سندس والد بزرگوار جو نالو محمد عالم هو . : مولانا عبدالڪريم قريشي ابتدائي تعليم ۽ قرآن پاڪ ناظره پنهنجي والد وٽ پڙهيا . ان کان پوءِ ابتدائي ديني تعليم مولانا قمر الدين هنيءَ واري وٽ حاصل ڪيائين ۽ فارسي جي تعليم سڪندر نامه تائين مولانا محمد ايوب وٽ پڙهيا ، عربي جي ابتدائي تعليم مولانا شاھ محمد هڪڙي ، مولانا جان محمد ۽ مولانا تاج محمد مگسي وٽ لاڙڪاڻي ۾ ۽ باقي تعليم مولانا عبدالله چانڊيي وٽ ، امروٽ جي مدرسي ۾ حاصل ڪيائون . ان زماني ۾ ڳوٺ گوري پهوڙ جي مدرسي ۾ علامه غلام مصطفى قاسمي مدرس هو . مولانا قريشي صاحب وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ علامه قاسمي جي مدرسي ۾ داخل ٿيا . علامه قاسمي ڪجه وقت گوري پهوڙ ۾ رهڻ کان پوءِ ، مدرسه قاسم العلوم گهوٽڪيءَ ۾ مدرس مقرر ٿيو، ته مولانا قريشي صاحب پڻ علامه صاحب سان گڏ گهوٽڪي آيو ۽ 1947 ع ۾ سندس شاگردي ۾ دستار فضيلت جو شرف حاصل ڪيائين.
    مولانا عبدالڪريم قريشي ظاهري ديني علمن جي فراغت کان پوءِ باطني علم حاصل ڪرڻ لاءِ، وقت جي مشهور عالم ۽ طريقت جي صاحب حضرت مولانا حماد الله هاليجوي رح جي هٿ تي قادري طريقي تي دست بيعت ٿيا ۽ خلافت جو خرقو حاصل ڪيائون . ان دوران مولانا درس ۽ تدريس جو شغل به جاري رکيائون . 1947 ع کان 1956 ع تائين مدرسه مظهر العلوم کڏو ڪراچي ۽ انوار العلوم ڪنڊيارو ۾ مدرس ٿي رهيا . ان کان پوءِ پنهنجي آبائي ڳوٺ ٻير ۾ سراج العلوم جي نالي سان ديني درسگاه قائم ڪري ، ظاهري ۽ باطني علمن جي تعليم جو سلسلو جاري رکيائون . سندن علميت ۽ روحانيت جي هاڪ سموري سنڌ ۽ بلوچستان تائين پکڙيل جي وئي ۽ هزارين جي تعداد ۾ ماڻهو سندس صحبت ۾ حاضر ٿي ، ظاهري ۽ باطني عملن جي فيض کان سيراب ٿيندا هئا۔
    مولانا عبدالڪريم قريشي نه صرف ديني عملن تي وڏي دسترس رکندا هئا . بلڪه سنڌ جي تاريخ ، سياست ۽ علم طب تي پڻ کيس وڏو ملڪو حاصل هئو ۔ پاڻ جمعيت علماء اسلام پاڪستان جا نائب امير ۽ امير رهيا هئا سنڌ ۾ تحريڪ ختم نبوت جا سرگرم رڪن ۽ روح روان هئا ان سلسلي ۾ مولانا صاحب وڏا مقابلا ۽ مجادلا ڪري سنڌ اندر قاديانيت جي فتني کي ، ڪافي حد تائين بي اثر بنائڻ ۾ ڪامياب ويا . پاڻ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ قائم ديني درسگاهن جا سر پرست اعلى ۽ روحاني پيشوا هئا . سندن هيٺيان ڪتاب پڻ ڇپجي شايع ٿي چڪا آهن .
    1: فضائل نبي ﷺ
    2: انسان جي عظمت
    3: اسلامي نظام جي دعوت
    4: اسلامي اخلاق
    5:اسلامي تهذيب
    6: جهاد ۽ ان جي تياري
    7: قرآن پاڪ سنڌي ترجمي سان .
    سنڌ ۽ پاڪستان جي سياست ۾ مولانا اهم ڪردار ڪيو خصوصاً سنڌ جي حقن جي حاصلات ۽ وفاقي حڪومت جي زيادتن خلاف پاڻ پروگرامن ۾ سراپا احتجاج هوندا ھئا ، ضياء دجال جي دؤر ۾ وڏا علمي نالا ۽ سندس جا هم مڪتب فڪر به ضياء جي دجل ۽ فريب ۾ ڦاسي پيا پر قريشي صاحب پاڪستان جا واحد پيرطريقت عالم دين هئا جن آخري تائين ضياء جي دجل ۽ فريب کي واضح ڪندا رهيا خصوصاً سنڌ جي باري سائين جو ڄٽو ۽ واضح هوندو هئو هو پنهنجي قوم جي حقن جا هر وقت حامي هئا ، حالات جي سردي ۽ گرمي نه جهڪيا نه وڪيا ۔۔۔۔۔۔۔۔
    حضرت اڄو ڪي ڏينهن تي خاندان سميت هزارين شاگردن ۽ لکين عقيدت مندن کي وڇوڙ ڏئي دارفاني کان دار عقبيٰ جي طرف روانا ٿيا نورالله مرقده ۔۔۔۔
    جميل لوهاراڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو