ڇا هي حقيقت آ ؟

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالغني لوهار طرفان آندل موضوعَ ‏14 جون 2017۔

  1. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سنڌين جي هڪ ڳوٺ جي ڪهاڻي، جيڪو دال جي پليٽ تي وڪامجي ويو.
    (جن دوستن کي هيء ڪهاڻي سنڌي قوم تي تنقيد يا طنز محسوس ٿئي اهي پڙهڻ جي تڪليف نه ڪن).
    گذريل ٻن سالن کان بيروزگار، لبيا مان جنگي قيدي ٿي موٽڻ، ٿر ۾ مفت طبي ڪئمپون لڳائڻ کان پوء جڏهن مالي مشڪلاتن ۾ گھيرجي ويس ته ڪراچيء ۾ روزگار لاء نڪري آيس. پرائي نوڪري ڪرڻ کان پنهنجي ڪلينڪ کولڻ جي پلاننگ کڻي هر هفتي ڪراچيء جي ڪنهن هڪ سنڌي ڳوٺ يا ڪالونيء ۾ نڪري پوندو آهيان. ڪلينڪ ته کولي نه سگھيو آهيان پر هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن سنڌي ڳوٺ منجھان هڪ نئين ڪهاڻي ضرور لکڻ جي لاء ملي وڃي ٿي. منهنجي لکڻ جو انداز ڪجھ کُهرو ضرور آهي پر هر ماڻهوء جي سوچ پنهنجي هوندي آهي، جيڪو پنهنجي محدود علم ۽ محدود عقل موجب مشاهدو ڪريان ٿو سو سنگت اڳيان پيش ڪريان ٿو. منهنجو مقصد ڪنهنجي دل آزاري ڪونهي، وري به ڪنهن جي دل آزار کائڻ تي مجبور هجي ته معافيء جو طلبگار آهيان.
    هن هفتي هڪ مقامي دوست سان گڏجي ڪاراچيء جي چنيسر ڳوٺ ۾ ڪلينڪ کولڻ جي نيت سان ويس، ڪلينڪ ته ڪو نه کوليم پر جيڪو معلوم ٿيو اهو هن ريت آهي.
    ڏيڍ سئو سال اڳ ٺٽي ۽ بدين ضلعن جا خاصخيلي لڏي اچي چنيسر ڳوٺ جوڙي ويٺا، هن وقت به چنيسر ڳوٺ جي اڪثريتي سنڌي آبادي خاصخيلي قبيلي سان تعلق رکندڙ آهي انهن سان گڏ ڪوهستان ۽ لس ٻيلي جا خاصخيلي به آباد ٿيا. چنيسر ڳوٺ ڪراچيء جو اهو حصو آهي جتان هڪ پاسي شاهراھِ فيصل ۽ ٻئي پاسي کان ڊفينس موڙ آهي، جناح اسپتال، نيويء جي ڪالوني ۽ ڪورنگيء جا رستا چنيسر ڳوٺ وٽان ڪنهن به وقت بند ڪري پوري شهر کي بلاڪ ڪري سگھڻ جي طاقت رکندڙ چنيسر ڳوٺ جي سنڌين کي ڪڏهن به تعليم جو شعور نه مليو. اڄ به چنيسر ڳوٺ مان ڪو لکي پڙهي ڪو ڊاڪٽر، انجنيئر، وڪيل، ڪو بزنس مين نٿو ٿئي، هر گھر ۾ گٽڪو، مين پُڙي، ٺرو ۽ هر گھر ۾ هڪ جواري ضرور ملي ويندو. (سنگت وري به ڏوھ سامراج تي ڏيندي پر اسان سڌرڻ نٿا چاهيون).
    چنيسر ڳوٺ جي مُک چوڪ تي هڪ سنڌيء جي چانھ جو اسٽال هوندو هيو جنهن تي سڄو ڏينهن سنڌي مرد گوڏا ٻيڻائي ڪچهريون ڪندا هيا ۽ سنڌي نياڻيون سلائي ڪري گھر هلائينديون هيون. ان چانھ جي هوٽل تي هڪ هزاريوال (خيبر پختونخواھ جي هزاره نسل) جو مزدور آيو جنهن سنڌي چانھ واري کي چيو ته مون کي پنهنجي چانھ جي هوٽل جي اڳيان هڪ ريڙهي بيهارڻ جي اجازت ڏئي جنهن ريڙهيء تي مان دال ماني وڪڻندس. سنڌي چانھ واري چيس ته روزانو هڪ پليٽ دال جي مون کي ڏيندين ته پوء بيهڻ ڏيندس. هزاريوال دال ماني کپائڻ شروع ڪئي، منجھند جو هڪ پليٽ سنڌي چانھ واري کي مفت ۾ ڏيندو هيو ۽ رات جي ماني سنڌيء کي اوڌر تي ڏيڻ لڳو. هڪ سال کان پوء سنڌي چانھ وارو دال جي پليٽ جي قرض ۾ هزاريوال کي پنهنجو دوڪان لکي ڏنو. اڄ ان سنڌيء جي پلاٽ تي 400 گزن جو ٻه منزله ريسٽورينٽ ماربل سان تيار ٿيل آهي جنهن ريسٽورينٽ تي ان سنڌي چانھ واري جا پٽ بيرا گيري ۽ صفائي ڪن ٿا. ان ريسٽورينٽ جي سامهون خالي پيل پلاٽ تي هزاريوال قبضو ڪري هڪ هزاره ڪالوني تيار ڪئي آهي جنهن غير قانوني ڪالونيء کي پيپلز پارٽيء جي سينيٽر سعيد غني (جيڪو پاڻ به خاصخيلي آهي) سرڪاري ليز ڪرائي ڏني ڇو ته اهو هزاريوال پنهنجي در تي بينظير ڀٽو جي تصوير لڳائي ويٺو آهي. هاڻي چنيسر ڳوٺ اڌ کان وڌيڪ ان هزاريوال جي ملڪيت آهي. دنگ ته اتي به ڪو نه ٿيو منهنجا سائين، 25000 سنڌي ووٽ رکندڙ چنيسر ڳوٺ جو ايم پي اي هڪ پٺاڻ پناهگير عرفان مروت ٿي ويو ۽ 5000 هم چورس گزن جي ان علائقي ۾ ڪو به سنڌي ڪنهن به دوڪان جو مالڪ ڪونهي. (پورو ڳوٺ گٽڪي، مين پُڙي، چرس، ٺري ۽ جوا جي نال تي وڪرو ٿي ويو).
    With thanks to Mr Barkat Noonari...
     
    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو.....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو