مخدوم امين فهيم جڏھن دينا ليلئ سان پيار جو پرڻو ڪيو !

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    سنڌ جي سروري جماعت جي روحاني پيشوا حضرت مخدوم نوح سرور جي نو لکي گودڙي واري درگاه جي ٿيندڙ ولي عهد ۽ سجاده نشين مخدوم محمد امين فهيم جڏھن ٽئگور جي ڌرتي بنگال ۾ جنم وٺندڙ گائيڪا رونا ليلئ جي وڏي ڀيڻ دينا ليلئ کي پنهنجي شريڪ حيات بنائڻ جو فيصلو ڪيو تہ درگاه جي روايتي خليفن ان کي ريتن ٖ رسمن جي تقدس جي پئمالي سمجهندي سندس والد قبلا مخدوم محمد زمان طالب المولئ وٽ حاضر ٿيا ٖ طالب المولئ سائين کين هي شعر ٻڌائي لا جواب ڪري ڇڏيو
    “ اگر جي خدمت ڪرڻ جي ناهہ طاقت طالب المولئ
    تہ پو۽ مخدومي دنيا ۾ ٖ وڏو منصب تہ ڪونهي ڪو “
    دينا ليلئ مشرقي پاڪستان جي شهر سلهٽ ۾ هڪ بنگالي آفيسر سيد امداد علي جي گهر 27 مئي 1948ع ۾ جنم ورتو پو۽ سندس گهراڻو لڏي اچي ڪراچي جي فيڊرل بي ايريا ۾ رهائش پذير ٿيو ٖ رونا ليلئ سندس ننڍي ڀيڻ هئي دينا ليلئ هڪ بهترين غزل گائيڪہ هئي ٖ هوٽل ميٽرو پول ڪراچي جي اها غزل نائيٽ مخدوم امين فهيم ۽ دينا ليلئ جي پريم ڪهاڻي جو سبب بڻي جڏھن دينا ليلئ “ مارا رے مارا ، تیری نظریا نے مارا “ ۽ فلم آسرا جو گیت " جنگل میں مور ناچہ کس نے دیکھا " پيش ڪيو تہ سڄي محفل جهومي اٿي ٖ اها ئي اها محفل هئي جڏھن سنڌ جي هڪ وڏي پيراڻي گادي جو سجاده نشين ۽ هڪ مڊل ڪلاس گائيڪا جون اکيون اکين سان ٽڪرايون ۽ ھو هڪ ٻئي تي موهت ٿي پيا ۽ هنن شادي جو فيصلو ڪري ورتو بس پو۽ جلد ئي مخدوم امين فهيم ۽ دينا ليلئ 7 آگسٽ 1970ع تي شادي جي ٻڌڻن ۾ ٻڌجي ويا ٖ دينا ليلئ شو بز جي دنيا کي هميشہ لا۽ خير باد چئي اچي هالا حويلي وسائي پر زندگي سندس گهڻو ساٿ نہ ڏنو ۽ شادي جي محض ڇهن سالن بعد دينا ليلئ 28 سالن جي جوان عمر ۾ 27 ڊسمبر 1976ع تي بلڊ ڪينسر وگهي هي فاني دنيا ڇڏي هلي وئي ٖ کيس هالا ۾ دفنايو ويو ٖ مخدوم امين فهيم کي دينا ليلئ مان کيس صرف هڪ فرزند مخدوم نجيب الزمان ٿيا ٖ دينا ليلئ جي وڇوڙي بعد مخدوم امين فهيم جيڪي پنهنجي والد طالب المولئ جيان بهترين شاعر پڻ ھئا اڪثر هي غزل گنگنائيندا هئا ٖ
    بي وفا سان وفا ڪري ڏسبي،
    هي خطا بارها ڪري ڏسبي.
    تنهنجي هر دم ثنا ڪندو ئي رهيس،
    هاڻ پنهنجي ثنا ڪري ڏسبي.
    پنهنجي ماهِ لقا کان دور ٿبو،
    زيست درد آشنا ڪري ڏسبي.
    سنگدل آب آب ٿئي هڪدم،
    آه اهڙي به ڪا ڪري ڏسبي.
    سيم تن سرو قد صنم ايندو،
    جان جنهن تان فدا ڪري ڏسبي.
    هر شجر ۾ صبا ۾ ۽ گل ۾،
    جستجو جابجا ڪري ڏسبي.
    هن جو لطف و ڪرم وري به ٿئي،
    گويا ٻيهر خطا ڪري ڏسبي.
    جي حياتي وفا ڪئي ته ”فهيم“
    عشق ۾ انتها ڪري ڏسبي.
    پو۽ 21 نومبر 2015ع تي هڪ ئي وقت هي گادي ڌڻي ٖ شاعر ۽ سياستدان رهندڙ سروري جماعت جو روحاني پيشوا پاڻ بہ پنهنجي شريڪ حيات دينا ليلئ جيان بلڊ ڪينسر سبب هي فاني دنيا ڇڏي خالق حقيقي ڏانهن هليو ويو ٖ

    [​IMG]

    هن پوسٽ ۾ ڏنل تصوير مخدوم محمد امين فهيم جي دينا ليلئ سان شادي جي وقت جي نڪتل آھي جنهن ۾ مخدوم امين فهيم ٖ دينا ليلئ ٖ سندس پيءٗ ماءٗ ٖ ڀيڻ رونا ليلئ ٖ مخدوم صاحب جا ڀائر مخدوم خليق الزمان ٖ مخدوم رفيق الزمان ۽ مخدوم شفيق الزمان بہ نظر اچي رهيا آھن -ذوالفقار قادری
     
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مگر تصويرون اپلوڊ نٿيون آهن توهانجون!
     
  3. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    تصوير اپلوڊ ڪرڻ مون کي نه ايندي آهي موٽ موجود آهي ميموري ۾
     
  4. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    موضوع ۾ هيٺئين پاسي تصوير کڻو جو آپشن آهي انکي ٺڙڪ ڪري تصوير اپلوڊ ڪري سگهو ٿا
     
  5. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    دوستن وٽ دينا ليلى جي ذات ۽ سندس وفات تي اختلاف موجود آهن، زياده الله سائين بهتر ٿو ڄاڻي
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سٺو ليک ... تصوير شامل ڪئي وئي آهي...
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو