ڪاش ! بلاول ڀٽو پنهنجي ماءٗ کي آئڊيل بڻائي ها !

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    ذوالفقار قادري
    لاهور ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي افطار پارٽي ۾ اسٽيج تي چڙھي ويل هڪ جيالي جا ڪپڙا ڦاڙي کيس اگهاڙو ڪري اسٽيج تان لاهڻ واري وڊيو ڪلپ ڏسڻ کان پو۽ مون کي الائي ڇو “ ڀٽوز “ ڏاڍا ياد آيا ٖ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو صاحبہ سان سندن پاليسين سان هزار اختلافن باوجود سندن مخالف بہ اها ڳالهہ مڃيندا هئا تہ هنن هميشہ ڪارڪنن کي عزت ڏني هنن جي گهر جا در سدائين ڪارڪنن لاءِ کليل رهيا ٖ انهن جي درن تان پ پ ورڪرن کي عزتون ۽ محبتون پلئه پيون آهن، ڀٽن سان ماڻهن جي ڳنڍجي رهڻ جو هڪ وڏو سبب اها محبت بہ رهي آھي جيڪا کين انهن وٽان ملي ٖ انهن محبتن جي انوکي تاريخ جا مثال ۽ يادگار مختلف ڪارڪنن جي دلين ۾ دفن آهن. اهي محبتون نہ رڳو ذوالفقار علي ڀٽي، ان جي نياڻي بينظير ڀٽو صاحبہ ۽ سندس پٽن مير مرتضئ ڀٽو ۽ شاهنواز ڀٽو ۾ هيون، پر خود ڀٽي صاحب جون گهر واريون به ان حوالي سان پنهنجو مٽ ۽ مثال پاڻ هيون ٖ بيگم نصرت ڀٽو سان شاديءَ بعد ذوالفقار علي ڀٽو اڪثر اقتدار جي ايوانن ۾ رهيو ۽ سندس پهرين ۽ وڏي گهر واري شيرين امير بيگم پنهنجو اباڻو گهر نئون ديرو هائوس ئي وسايو. جيڪي ان دور بابت ڄاڻن ٿا، تن کي خبر آهي ته هوءَ نئون ديرو وارن لاءِ ڇپر ڇانوءَ هئي. شادي غميءَ ۾ هو نئون ديرو واسين سان گڏ هوندي هئي. جيتوڻيڪ شيرين امير کي ڪو به اولاد نه ٿيو، پر اڪثر نئون ديرو واسي پنهنجي پٽن جا موڙ ۽ ڳانا بہ کانئس ٻڌرائي فخر محسوس ڪندا هئا. ڀٽو صاحب جڏهن به لاڙڪاڻي آيو ته پنهنجي شيڊيول جا اڌ ڏينهن المرتضيٰ هائوس لاڙڪاڻي ۽ اڌ ڏينهن نئون ديرو هائوس تي گهاريندو هو. شيرين امير پنهنجي پيءُ نواب احمد خان جي روايت کي برقرار رکندي، نئون ديرو هائوس جا در غريبن ۽ مسڪينن لاءِ کولي ڇڏيا هئا. جن غريبن جي پهچ ڀٽي صاحب تائين نه هوندي هئي، اهي سائل پنهنجون درخواستون شيرين امير کي ڏئي ويندا هئا ۽ جڏهن وري ڀٽو صاحب لاڙڪاڻي ايندو هو ته بيگم شيرين امير کيس اهي درخواستون ۽ ڪم ڏسيندي هئي. هوءَ پنهنجي وزيراعظم مڙس کان پنهنجي لاءِ ڪڏهن به ڪجهه نه طلبيندي هئي. چوندي هئي ته تر جي مسڪينن جا ڪم ٿيا ته مون کي سڀ ڪجهه ملي ويو. ڪيترن ئي نوجوانن ۽ نياڻين کي روزگار سان لائڻ ۾ شيرين امير جو وڏو ڪردار رهيو. نئين ديري واسي کيس ”جيجي امان“ ڪوٺيندا هئا. ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاهيءَ بعد انهيءَ گهر کي وري شهيد بينظير اچي وسايو. بينظير ڀٽو صاحبہ وزيراعظم هجي يا نه هجي، پر نئون ديرو هائوس کي هن هميشه مرتبو بخشيو. ٻئي دور ۾ ته نئون ديرو هائوس کي وزيراعظم هائوس جو رتبو مليو. مون کي نئون ديرو هائوس جا اهي ڏينهن اڃا به ياد آهن، جڏهن شهيد بينظير ڀٽو اسلام آباد مان ڪيترن پڙهيل لکيل غريب ۽ مسڪين نوجوانن جي نوڪرين جا آرڊر پاڻ سان گڏ کڻي اچي هتي ورهائيندي هئي. هڪ عيد جي اها شام مون کي اڄ به ياد آهي، جڏهن بينظير وزيراعظم جي حيثيت ۾ نئون ديرو هائوس جا دروازا غريبن لاءِ کولائي ڇڏيا هئا. پاڻ شامياني ۾ ويٺي نوجوانن ۽ سائلن جا مسئلا ٻڌي رهي هئي ۽ کانئن درخواستون پئي ورتائين ٖ بينظير صاحبہ مسلسل چار ڪلاڪ ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ بعد پنهنجي ذاتي ملازم عثمان فليش کان چانهه گهرائي، جيڪا هن سندس آڏو آڻي ٽيبل تي رکي ايتري ۾ هڪ بيروزگار سائل نوجوان ٿاٻڙجي ڪري پيو ۽ گرم چانهہ جي ڪٽلي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي جهوليءَ ۾ پئي. سيد عبدالله شاهه وڏي وزير طور اتي موجود هو. گڏوگڏ آءِ جي، چيف سيڪريٽري، ملٽري سيڪريٽري، اي ڊي سي، ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي به ويٺا هئا، انهن ڏينهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شمس جعفراڻي ۽ ايس ايس پي اڪبر آرائين هئا جيڪي پريشان ٿي ويا. اها صورتحال ڏسي فوري طور سيڪيورٽي وارن سائلن مٿان لٺيون وسائڻ شروع ڪري ڇڏيون. بينظير پوليس آفيسرن تي ڪاوڙجي پئي ته ”چانهه مون تي ڪري آهي، اوهان جو ڇا وڃي جو غريبن کي لٺيون ٿا هڻو.“ پاڻ نوجوانن کي هدايت ڪيائين ته اوهان جي ڀيڻ اوهان سان گڏ آهي، اوهان تڪڙ نه ڪريو، مان ڪپڙا تبديل ڪري وري اوهان سان اچي ملان ٿي، ڪو به نه وڃي. ان بعد محترمه بينظير وري ويهن منٽن بعد پنڊال ۾ موٽي آئي. اڄ لاهور جي جيالي سان ٿيل حشر بعد بينظير ڏاڍي ياد آئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو