سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ جو آغاز

'فورم جا قانون، قاعدا ۽ ضروري اعلان' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏22 جون 2017۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اَعُوْذُ بِاللّٰهِ مِنَ الشَّیْطٰنِ الرَّجِیْمِ

    بِسْمِ اللّٰهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِ

    اڄ کان تقريبن 5 سال اڳ سنڌ سلامت طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته قرآن ڪريم جي تلاوت و تحقيق لاءِ هڪ سافٽويئر تيار ڪيو ويندو. ان سنڌي سافٽويئر ۾ قرآن پاڪ جو مڪمل سنڌي ترجمو ۽ تفسير شامل ڪرڻ جو ڪيو ويندو جنهن سان پنهنجي مادري زبان ۾ اسلامي معلومات جي پکيڙ جي ڪوشش ڪئي ويندي. ان منصوبي تحت بغير ڪنهن فرقيواريت جي سنڌي زبان ۾ موجود مڙني ترجمن کي سافٽويئر جو حصو بڻايو ويندو. سهڪاري ساٿين جي ڀرپورتعاون کي ڏسي ان وقت کان وٺي سنڌ سلامت ان واعدي کي پنهنجي مٿان هڪ قرض محسوس ڪري رهي آهي.
    پر جيئن ته ٻوليءَ جي پيچيدگين بابت اسان جي ناواقفيت، ڪمپوزنگ کان وٺي پروف ريڊنگ تائين جهڙو ڏکيو عمل ۽ ڪمپيوٽر ۾ عربي ۽ سنڌي پراسيسنگ لاءِ بهتر نظام جو موجود نه هجڻ ڪري سنڌ سلامت بي وس بڻيل هئي. حقيقت ۾ اهو ڪم قابليت جي لحاظ کان وڏو هو. پر الله پاڪ حضورِ اقدس صلي الله عليه والسلم جي طفيل دين جي تبليغ جهڙي هن عظيم مقصد ۾ حصو وٺڻ لاءِ رستو هموار ٿيو ۽ هن ڀلاري مهيني رمضان ڪريم ۾ ان منصوبي کي هڪ ٻئي رخ سان شروعات ڪرڻ لاءِ آسانيون مهيا ٿيون. الله پاڪ جي اهڙين عطائن کان پوءِ هڪ يقين ٿيڻ لڳو ته اهو پروجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو.
    جنهن کان پوءِ ايندڙ مسئلن کي الله پاڪ طرفان حل ٿيڻ جي يقين سان هن منصوبي ۾ ضروري تبديليون ڪندي سڀ کان پهريان سنڌي ڊجيٽل قرآن جو آن لائين پورٽل تيار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عربي آيتن سان گڏ اڳ ئي ڪمپوز ٿيل هيٺيان سنڌي ترجما شامل ڪيا ويا آهن:
    • قرآن پاڪ سنڌي ترجمو ــ مولانا تاج محمد امروٽي
    • قرآن پاڪ سنڌي ترجمو ــ علامه علي خان ابڙو
    111.png

    جڏهن ته جلد هيٺيان ترجما پڻ ڊويلپنگ هيٺ آهن جيڪي ترت شامل ڪيا ويندا:
    • قرآن پاڪ سنڌي ترجمو ــ مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • نورالقرآن سنڌي منظوم ترجمو ـــ مولوي حاجي احمد ملاح
    • جڏهن ته تفسيرن ۾ مولانا محمد ادريس ڏاهري جن جي سڀ کان جامع تفسير پڻ شامل ڪرڻ جو ارادو آهي
    سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ پورٽل جي سهولتن ۾ شامل آهن:
    • واضح ۽ خوبصورت عربي متن
    • واضح ۽ خوبصورت سنڌي متن
    • ترجمي کي الڳ رنگ جي سڃاڻپ
    • هڪ ئي وقت هر آيت جا مختلف ترجما پڙهڻ جي سهولت
    • سيڪنڊن ۾ پنهنجي مطلوبه آيت تائين پهچ
    • سموري مواد مان پنهنجي مطلوبه لفظ جي ڳولا جي سهولت
    • وڏي اسڪرين سان گڏو گڏ ننڍي اسڪرين تي به درست نظارو
    سنڌ سلامت ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ (مستقبل ۾)
    هن پروجيڪٽ تي ڪم ڪندي اهڙين ڪيترين ئي خصوصيتن جو تصور خيال مان گذريو جن کي پروجيڪٽ جي ايندڙ اپڊيٽس ۾ انشاء الله تعاليٰ شامل ڪيو ويندو:
    • هڪ ڪلڪ سان آيت جي تلاوت مختلف قارين جي آواز ۾
    • سنڌي ترجمو آواز سان
    • اردو ۽ انگريزي ترجما
    • سرچ انجن ۾ مسلسل بهتري
    • بڪ مارڪ سسٽم ۾ مسلسل بهتري
    • مڪي ۽ مدني آيتن جي نشاندهي
    • بهتر سهولتن سان سافٽويئر جي صورت
    • اڳ تيار ٿيل مشهور سافٽويئرز لاءِ ايڊان جي تياري
    مٿين خصوصيتن جو صرف سرسري ذڪر ڪيو ويو آهي جن کي يقينن ڄاڻو آساني سان سمجهي ويا هوندا. ڄاڻو ۽ قابل سنڌين کي درخواست آهي ته هن ڪارِ خير ۾ پنهنجي صلاحيتن کي شامل ڪرڻ لاءِ اسان سان اي ميل ذريعي ضرور رابطو ڪن ان کان علاوه مختلف مڪتبهءِ فڪر ساٿين (بشمول هر اسلامي فرقي) ۽ مذهبي اسڪالرس کي پڻ درخواست آهي ته جيڪڏهن سندن وٽ قرآن الڪريم بابت ڪو ڪمپوز ٿيل سنڌي مواد يا ترجمو موجود آهي ته اسان سان رابطو ڪري موڪلي ڏين ته جئين هن پروجيڪٽ ۾ اضافو آڻي سگهجي.

    آخر ۾ توهان سان گذارش آهي ته مطالعي جي دوران جيڪڏهن ڪا غلطي يا خامي نظر مان گذري ته اسان کي ضرور اطلاع ڏين. توهان جي قيمتي راين ۽ رهنمائي ۾ انشاء الله اسان جو سفر جاري رهندو.

    والسلام
     
  2. عبدالقيوم.

    عبدالقيوم.
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    65
    ورتل پسنديدگيون:
    43
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    جونيئر ايليمينٽري اسڪول ٽيچر
    ماڳ:
    سامارو موري سنڌ
    بهترين ڪم ادا سدا سلامت رهو.......................!
     
    ذيشان رشيد ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  3. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    امرفياض ٻُرڙي جي وال تان :

    سنڌ سلامت جي ٽيم کيرون لھڻين.... سدا جوانيون ماڻيو پيارئو.... مولا پاڪ اوھان کي آباد رکي. مونکي فخر آھي ته اوھان جھڙا دوست سنڌ ڌرتيءَ کي مليل آھن.
    سنڌي ٻوليءَ ۾ قرآن پاڪ جي آن لائين اپليڪيشن ھن جھڙي سچ ۾ گهٽ ٻولين کي مليل آھي.
    جڙيا ھجو دوستو.
    پياري رشيد سمي کان سليمان تائين ڊاڪٽر حفيظ کان عبيد تائين، پياري سجاد کان سڀني محنت ڪندڙ دوستن تائين منھنجي پاران نھايت ادب سان سلام قبول ھجي.
     
  4. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين ڪوشش آهي دوستن کي ڀرپور اپيل آهي ته سڀ دوست هن ۾ پهرئين وانگر تعاون ڪن ته انشآء الله ڪم بهتر ٿيندو ورنه ته اڳئين وانگر وري به سال لڳي ويندا. مون کي دوستن کان ڪافي شڪايتون آهن جو مون دوستن کي بار بار مدد لاء چيو ليڪن ڪنهن به حامي نه ڀري پوء مجبور ٿي مون ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن مون کي ڪنڌ ۾ سور جي تڪليف آهي مان مسلسل ڪمپيوٽر تي ويهي ڪم نه ٿو ڪري سگهان فقط ٻن کان پنجن پيجن تائين پروف ريڊينگ ۽ ايڊٽينگ ڪري پيو سگهان سو به سياري ۾ هن وقت گرميء ۾ ايترو به نه ٿو ڪري سگهان بهرحال مايوس ٿي ڪم کي ڇڏي ڏنو ليڪن دوست وري جاڳيا آهن ته پنهنجي وس آهر سندن ساٿ ۾ رهبو. ليڪن سڀني پيارن کي دست بسته گذارش آهي ته هن ۾ تعاون ڪن خاص ڪري پروف ريڊنگ ۾ جو تفسير ۾ عربي آيتن جو متن حديث جو متن شامل ڪيل نه آهي مثال طور حضور صلي الله عليه وسلم جن فرمايو (عربي) الله تعالي فرمايو (عربي) هاڻي اهو ايترو ڪم آهي جيڪو هڪ ٻن ماڻهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. جيڪڏهن سڀ دوست هٿ ونڊائيندا ته انشآء الله منزل آسان ٿيندي. الله تعالي کان دعا آهي ته خصوصي مدد فرمائي. آمين.
     
    آخري ترميم: ‏2 جولائي 2017
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ان سلسلي ۾ توهان کي گروپ چيٽ ۾ شامل ڪري صلاحون ۽ رهنمائي وٺبي..
     
  6. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    مونکي سمجھ ۾ نٿو اچي ته ڪهڙن لفظن سان اوهانجي قربانين ، ڪوششن ۽ صلاحيتن جي تعريف ڪجي سنڌ سلامت سٿ کي شاباس هجي جو اهڙي مقدس پروجيڪٽ کي آسان بڻائيندي انجو پورٽل تيار ڪيو آهي ، ڌڻي در دعاڳو آهيان ته شال مولا ڪريم توهانکي ٻنهي جهانن جون ڀلايون نصيب فرمائي ۽ مولا ڪريم تمام مومنن لاء اها دعا قبول فرمائي آمين بجاه السيد المرسلين صلي الله عليه وسلم
     
    اعجاز علي ڀٽي ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  7. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي

    اسان کي ڊپ ٿيندو آهي ته اهو عربيءَ عبارتن شامل ڪرڻ وارو ڪم اسان نه ڪريون، سڀاڻ ڪا ڀُل چُڪ ٿئي ته ڦاھو (فتوى) اسانجي ڳچيءَ ۾ نه اچي... انڪري اهو ڪم توهان ڪنهن کان به ڪرائي ڏيو ۽ ساٿ ڏيو ته سڀئي گڏجي قرآن پروجيڪٽ کي مڪمل ڪريون.
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Ghulam Qadir

    Ghulam Qadir
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2017
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    زميداري
    ماڳ:
    ڳوٺ فقير محمد بچل خاصخيلي ضعلو سانگهڙ
    مـــون وٽ لـــفــظ نــاھــين جــو اوھـــانجــي ڪــھڙن لفظن ۾ تعريف لکان
     
  9. عبداللہ اختر

    عبداللہ اختر
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جون 2017
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    مولانا عبدالکریم قریشی بیر شریف واری جوترجمو آسان آھی ان کی بہ شامل کجی تہ سبحان اللہ
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا سندن ترجمي جي سافٽ ڪاپي توهان ڏئي سگهو ٿا.. يا ٻڌائي سگهو ٿا ته اهو ترجمو ڪنهن پبلش ڪيو آهي..؟
     
  11. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    بهترين ادا الله پاڪ اجر ڏيندو
     
    محمد آصف ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي
  12. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    لفظ ڪونهن جو اهڙي ونڊ کي ڪيئن ساراهجي،
     
    عبيد ٿھيم ۽ ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي
  13. شاهنواز ٽالپر

    شاهنواز ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 آگسٽ 2014
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    114
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    ڊسٽرڪٽ فيلڊ آفيسر
    ماڳ:
    بدين
    سڄي سٿ کي نئين پروجيڪٽ جون واڌايون
    ٻيو ڪم پاڻ کي اچي ڪون باقي سنڌي ۾ ڪمپوزنگ ڪرڻي ھجي ته حاضر آھيان سنگت
     
    اعجاز علي ڀٽي، رحيم بخش ۽ عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    توهان جا ڪمپوز ٿيل ڪتاب سنڌسلامت ڪتاب گهر جي زينت بڻيا، اسان لئه اهو ئي ڪافي آ. :)
    جڏهن به توهانجي ساٿ جي ضرورت محسوس ٿي ته پري ناهيو :)
     
    اعجاز علي ڀٽي ۽ شاهنواز ٽالپر هيء پسند ڪيو آهي
  15. اياز احمد سومرو

    اياز احمد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 جولائي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    172
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    393
    ڌنڌو:
    گورنمنٽ ملازم، ماهر علم جفر، حڪيم
    ماڳ:
    اسلام آباد
    محترم قرآن پروجيڪٽ جي ايپليڪيشن اگر تيار آهي ته شيئر ڪندا
     
    عبيد ٿھيم هيء پسند ڪيو آهي.
  16. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    قرآن پاڪ جي ايپليڪيشن تيار ڪئي هُئي جنهن کي رمضان مهيني ۾ لانچ ڪرڻو هيو، پر ڪُجهه پروگرامنگ ايررز جي ڪري اهو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو. انشا الله تمام جلد ان کي لانچ ڪنداسين.`
     
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    شڪر الحمد لله
    هن ڀلاري مهيني جي آمد تي سنڌ سلامت طرفان هن پروجيڪٽ ۾ اضافي ترجما شامل ڪيا ويا آهن.. هن وقت تائين هيٺيان 6 ترجما پيغام قرآن پورٽل ۾ شامل ڪيا ويا آهن:
    • علامه تاج محمد امروٽي
    • علامه علي خان ابڙو
    • علامه عبدالوحيد جان سرهندي
    • سيد فرمان علي
    • مولانا محمد ادريس ڏاهري
    • مدني ترجمو
    جڏهن ته قرآن پاڪ جي هن پروجيڪٽ جي پيغامِ قرآن نالي اينڊروائيڊ ايپليڪيشن تي پڻ سنڌ سلامت جو هونهار ڊولپر ڪم ڪري رهيو آهي جيڪا انشاء الله هلندڙ رمضان جي پهرين عشري ۾ لانچ ڪئي ويندي.. اينڊروائيڊ ايپ جون ڪجهه جهلڪيون:


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]

    4.jpg
    5.jpg
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو