انٽرنيٽ جو گھڻو استعمال ۽ نفسياتي بيماريون.

'ڪالم' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2017۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    انٽرنيٽ جو گھڻو استعمال ۽ نفسياتي بيماريون.
    ** عبيد ٿهيم**​


    انٽرنيٽ جي عام ٿيڻ ۽ پيڪيجن جي سستي ٿيڻ سان ئي انٽرنيٽ جو استعمال تمام گھڻو وڌي ويو آهي . ايستائين جو هاڻ ننڍا ٻار به سوشل ميڊيا تي ۽ گيمنگ فورمز تي وقت صرف ڪندا آهن، جيڪو ڪنھن حد تائين خطرناڪ ۽ ذهني بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. گھڻي دير تائين ڪمپيوٽر يا ڊجيٽل ڊوائسز استعمال ڪندڙ نفسياتي ۽ جسماني بيمارين جا شڪار ٿين ٿا پر ان کان ڇوٽڪارو مُمڪن ته آهي پر آسان ناهي..
    ڊاڪٽرن ۽ سائنسدانن معلوم ڪيو آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي انٽرنيٽ تي گھڻو وقت گذارن ٿا يا گھڻو استعمال ڪن ٿا، جڏهن انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته اُنهن کي جسماني ۽ نفسياتي بيماريون ٿينديون آهن. اهڙن ماڻهن جي دل جي ڌڙڪڻ ۽ بلڊ پريشر وڌيو وڃي. ان تحقيق ۾ 18 کان 33 سالن تائين جي 144 ماڻهن حصو ورتو. تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙن جي دل ڌڙڪڻ ۽ بلڊ پريشر انٽرنيٽ جي استعمال کان پهرين ۽ پوءِ نوٽ ڪيا ويا. تحقيق ۾ شرڪت ڪندڙن جِي خار(ڀُشان يا ڪاوڙ) ۽ انهن کي انٽرنيٽ جي ڪيتري چُوس آ، اهو به اندازو لڳايو ويو. تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو انٽرنيٽ گھڻو استعمال ٿا ڪن، انٽرنيٽ جي بند ٿيڻ تي انهن کي کوڙ سارن نفسياتي مسئلن کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو.
    اهڙن ماڻهن جو بلڊپريشر وڌڻ ۽ دل جي ڌڙڪڻ جي رفتار انهن جي گھٻراهٽ ۽ بي قراري مطابق وڌي ٿِي، اُهي جيڪي انٽرنيٽ گھڻو استعمال نٿا ڪن، انهن کي انٽرنيٽ بند ڪرڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. هي تحقيق PLOS ONE رسالي ۾ شايع ٿِي آهي. انٽرنيٽ جي استعمال جي ڪري ٿيندڙ نفسياتي تبديلين جي حوالي سان هِي پهرين رپورٽ ڪنٽرولڊ تحقيق هُئي.
    هن تحقيق جي اڳواڻِي ”سوانسي يونيورسٽيءَ“ جي پروفيسر ”فل ريڊ“ ڪئي. اُنهن جو چوڻ آهي ته سڀني کي اها خبر آهي ته ڊجيٽل ڊوائسز تي گھڻو ڀاڙيندڙ جڏهن اُن کي استعمال ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته طبعيت ۾ خار پيدا ٿيڻ جي شڪايت ڪند آهن. پر هاڻ اها به خبر پئي آهي ته هِن سان نه صرف نفسياتي بيماريون پر جسماني بيماريون پڻ ٿين ٿيون، جيئن چيلھ جو سُور، نظر گھٽجڻ ۽ اکين ۾ سُور، بُک نه لڳڻ ۽ ٻيون بيماريون به شامل آهن.
    تحقيق مان معلوم ٿيو آهي ته انٽرنيٽ جي عادي ماڻهن جو انٽرنيٽ بند ڪيو وڃي ته اُنهن جي دل جي ڌڙڪڻ ۽ بلڊ پريشر 3 کان 4 سيڪڙو وڌيو وڃي. ڪُجھ ڪيسن ۾ ته انٽرنيٽ بند ٿيندي ئي دل جي ڌڙڪڻ ۽ بلڊ پريشر وڌڻ جي رفتار 6 کان 8 سيڪڙو ٿيو وڃي.
    جيتوڻيڪ دل ڌڙڪڻ ۽ بلڊ پريشر وڌڻ سان موت واقع نٿو ٿئي، پر ان جو تعلق خار (ڀُشان)۽ هارمون سسٽم سان آهي، جنهن ڪري قوتِ مدافعت گھٽجيو وڃي. ماهرن جو چوڻ آهي ته نفسياتي تبديليون ۽ خار (ڀُشان) اچڻ بلڪل ائين آهي جيئن سگريٽ، نشو ، الڪوحل، چرس يا هيروئن ڇڏڻ تي ٿيندو آ . هي ڪيفيت انڪري ٿيندي آهي جو ڪُجھ ماڻهو پنهنجن ڊجيٽل ڊوائسز سان ٻيهر مصروف ٿي ڪري ناخوشگوار احساسن کي گھٽ ڪرڻ چاهيندا آهن.
    ڪلينيڪل ريسرچر ۽ تحقيق جِي شريڪ مصنفه ڊاڪٽر ليزا اوسبورن جو چوڻ آهي ته ڪُجھ ماڻهو جيڪي اهڙن طبي مسئلن يا دل جي ڌڙڪڻ وڌڻ جو شڪار ٿين ٿا، اُهي اِن جي غلط تشريح ڪندي هِن کي ڪنهن خطرناڪ بيماريءَ جي نشاني سمجھي وڌيڪ بيقرار ۽ پريشان ٿي سگھن ٿا. تحقيق جِي ليکڪه جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪوبه انٽرنيٽ جو حد کان وڌيڪ عادي ٿي وڃي ته اُن شخص جي ذهني ۽ جسماني صحت متاثر ٿئي ٿِي ۽ اُهو نه چاهيندي به انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿو.
    ”سوانسي يونيورسٽيءَ“ جي هن تحقيق کان اڳ به ڪيترا ئي ڀيرا انٽرنيٽ جي گھڻي استعمال ڪرڻ تي ڊاڪٽرن پاران منع به ڪيو ويو آهي تنهن هوندي به ماڻهن سوشل ميڊيا ۽ انٽرنيٽ جو استعمال نه گھٽايو آهي. جيڪڏهن ڪوبه نشو ڇڏڻو هوندو آهي ته اُن کي هڪدم ڇڏڻ مشڪل آهي پر آهستي آهستي اُن کي ڇڏي سگھجي ٿو. انٽرنيٽ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ سان اسانکي جديد دور ۾ نقصان ٿي سگھي ٿو پر گھڻو استعمال وڌيڪ نقصان ڏيندڙ آهي، اُنڪري بهتر اِهو آهي ته هِن جو استعمال آهستي آهستي گھٽائجي ۽ پنهنجن گھر وارن دوستن مٽن مائٽن سان وقت گذارجي، ڇوته جڏهن انٽرنيٽ نه هُيو ته سنڌ جون اوطاقون آباد هُيون ۽ ماڻهن جون عمريون به وڏيون هُيون...


    ****
    روزاني عوامي آواز (7 جولاءِ 2017 جي صفحي نمبر 9) ۾ ڇپيل



    [​IMG]
     
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    گل حسن لاکو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو