حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏5 جولائي 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    63 -هون ساليانو عرس مبارڪ

    حضرت فقير سائين رحمة الله عليھ
    (1265 ھه -1375ھه)

    غلام حسين جلباڻي لاڙڪاڻو


    سنڌ ڌرتي پنھنجي ڪُکِ مان ڪيئي عالم، اديب، شاعر، صوفي، درويش، فقير پيدا ڪيا آهن جنھن پٽي ۾ حضرت شاهه عنايت شھيد رح، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت مخدوم نوح سرور رح، حضرت سچل سرمست رح، حضرت محمد راشد پير پاڳارا رح، حضرت مخدوم محمد اسماعيل پرالوي رح پيدا ٿيا. ان ۾ مخدوم پريالوي رح کان چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي پير حاجنا شاهه رح لڳ، ڳوٺ گاگڙي تعلقه وَ ضلع خيرپور ميرس ۾ حضرت صوفي بـزرگ فقير غلام حسين المعروف فقير سائين رح جو محترم بخشڻ خان جلباڻي جي گهر ۾ 1265 هجري مطابق 1848ع ڌاري جنم ٿيو. پاڻ ننڍپڻ ۾ ئي سادا مزاج، درويش ۽ الله لوڪ فقير هئا ۽ عام ٻارڙن کان گهڻو مختلف هئا، پاڻ 11-سالن جي ننڍڙي عمر ۾ 1276هجري ڌاري علم جي تلاش لاءِ پنھنجي گهر ۽ والدين کي خيرآباد چئي خيرپور ميرس کان پيادل سفر جون تڪليفون برداشت ڪري هندستان جي علائقي سھارنپور جي شھر ميرٺ ۾ وڃي پھتا.

    ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان ناهي مُئي جو وس،
    رندن تي ٿي راڙيون ڪريان ڏسي گورن جا هي گَسَ،
    ڏور پيم ڏس، پري ملڪ مڪران جو.


    جتي 30 سالن تائين طب، حڪمت، جوڙ، شرعي تعليم حاصل ڪئي ۽ اتي رهڻ دوران صوفي شاعري به ڪئي. تعليم مڪمل ٿيڻ بعد دستاربندي ڪرائي ويئي. دستاربندي ٿيڻ بعد علم باطن جو شوق ۽ ڪامل مرشد ڪرڻ جو خيال پيدا ٿيو ۽ الله پاڪ کان دعا گهريائون ته طلب حق جي لاءِ روحاني رهنما ملي جنھن ۾ هڪ خواب ڏٺو ته ”تون اسان جو آهين ۽ هاڻي سنڌ واپس اچ!“ جنھن کان پوءِ پاڻ ان صورت جي تلاش ۾ استادن ۽ دوستن کان موڪلائي ريل رستي سفر ڪندي هند کان سنڌ پھچي ڏهرڪي ريلوي اسٽيشن تي لٿا، جتان معلوم ٿيو ته هڪ ڪلوميٽر اتر طرف هڪ عظيم روحاني، علمي درگاهه خانقاهه عاليه قادريه ڀرچونڊي شريف آهي، جتي اها حسين صورت تاجدار وقت شيخ ثاني مرد-قلندر حضرت محمد عبدالله المعروف سائين شھنشاهه رحمة الله عليھ جي زيارت ٿين ۽ اها خواب واري سھڻي صورت نوري چھرو حقيقت بڻجي سامھون آئي ۽ پاڻ بيعت لاءِ عرض ڪيو ته سائين شھنشاهه رح فرمايو ته،

    ڀلي آئين ڪانڌ مون نماڻي جي نجهري،
    هئا پراڻا پاند پنھنجي نينھن نوان ڪيا.


    بيعت ڪرڻ بعد مختصر عرصي ۾ خلافت جو درجو مليو ۽ پاڻ عام مريدن، طالبن کان الڳ طالب حق فقراءَ جي جماعت ”فرقي ٽولي“ جو بنياد رکيو جنھن م الله جا طالبو هئا جيڪي فنا في الله، فنا في الرسول صلي الله عليھ وسلم، فنا في الشيخ جي درجي تي مستفيض هئا. سندن لقب ”فقير سائين“ هو، ان ڪري طالب ۽ عام جماعت نالو وٺڻ بي ادبي سمجهندا هئا ۽ ”فقير سائين“ جي نالي سان پڪاريندا هئا. فقير سائين رحمة الله عليھ هڪ عالم، حڪيم، شاعر، رندي ڪلام گو، ولي الله، ملنسار ۽ درويش صفت انسان هئا، پنھنجي خاص يارن ۽ همراز فقير سان بيتن ذريعي صحبت فرمائيندا هئا، سندن شاعري ۾ هڪ سوز سمايل هو:

    هتان هوت ڇڏي ويا، وو ملڻ آهي مھال مونکي،
    جيئڻ آهي جنجال مونکي، وو اديون رِيءَ آريءَ جي!


    هڪ دفعي ڪنھن دعوت تي پنھنجي طالب کان هي ڪلام چورايو ته وجد تاري ٿي ويو:

    احدؤن ابد زمين تي آئين وو آدم نام ۾ واريان،
    وو آدم نام ڌاريئي وو يار.
    تون ته ڪھڙي سانگي منھنجا سانگ سڄڻ،
    وو تون ته ڪھڙي سانگي منھنجا ڍول سڄڻ،
    هُتئون هلي هِتي آئين وو يار .....!


    فقير سائين سندن آخري وقت رتوديرو کان اولهه طرف لڳ پير مسافر مخصوص آستانه، فقيري تي گذاريا، سندس 3 پٽ ۽ چار نياڻيون هيون. فقير سائين رح جي وصال کان بعد سندن وڏي فرزند فقير خان محمد کي پنھنجي مرشد ڪريم پير آف ڀرچونڊي شريف حضرت عبدالرحيم شھيد بادشاهه رح پڳ ٻڌرائي فرقي ٽولي جو سربراهه (استاد) مقرر ڪيو. خليفه فقير خان محمد جي وصال بعد حضرت پير مجاهد اسلام. ناصر تحريڪ آزادي پاڪستان، فاتح مسجد منزل گاهه سکر پير عبدالرحمان المعروف ڀورل سائين رحمة الله عليھ جي دستِ بيعت وڏي فرزند فقير محمد رحيم المعروف استاد الحق رح کي سجاده وقت تاجدار حضرت عبدالحليم گل شھيد رح پڳ ٻڌرائي فرقي ٽولي جو استاد ۽ هن هلندڙ سلسلي جو سربراهه مقرر ڪيو. فرقي ٽولي ۾ کوکر، لنڊ، پتافي، بروهي، بنگوار، جلباڻي، سھرياڻي، خشڪ، کوسا، جمالي، بنگلاني، تقريبن 16 قبيلن جا ماڻهو شريڪ ٿيا.

    فقير سائين رح 110 سالن جي عمر ۾ بعد نماز ظھر بروز سومر 10-شوال 1375هجري ۾ وصال فرمايو.

    هاڻي هتي ”حُسين“ چوي، زندگي آهي زوال مونکي،
    جيئڻ آهي جنجال مونکي، اديون ريءَ آريءَ جي.


    سندس مزار لڳ ڪوٽ لعل بخش مھيسر تعلقه سجاول ضلع قمبر شھدادڪوٽ ۾ آهي جتي هر سال 10-شوال تي عرس مبارڪ ملهايو ويندو آهي ۽ ان موقعي تي علائقي جي فقراءَ سان گڏ پري پري کان ڀرچونڊي شريف جي جماعت ٻارين ٻچين سفر ۽ سردي گرمي جون تڪليفون برداشت ڪري شريڪ ٿيندا آهن، عرس مبارڪ جي موقعي تي بعير ساز جي صوفي ڪلام شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح، حضرت سچل سرمست رح، پير اصغر بادشاهه پير پاڳارا رح ۽ حضرت فقير سائين رح جو پنھنجو ڪلام، نعت شريف، مولود پڙهيا ويندا آهن ۽ بعد ۾ پوري جماعت سڳوري ۾ لنگر تقسيم ڪيو ويندو آهي.
     
    عبدالغني لوهار هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو