1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    37000

سنڌي ٻولي: مختلف علائقن جا مختلف اُچار (ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو)

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏7 جولائي 2017۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    400
    ورتل پسنديدگيون:
    814
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    سنڌي ٻولي مجموعي طرح سڄي سنڌ ۾ ڳالهائي وڃي ٿي مگر هر علائقي جو لب و لهجه ۽ طرز ۽ صدا الڳ الڳ آهي.

    ٻڌو هڪ حيدرآباد شهر ۽ آسپاس جو باشندو اوهان جي اڳيان ڳالهائي رهيو آهي:

    ”آءٌ اڄ ڪراچيءَ کان پيو اچان، ڪراچي هاڻي گهمڻ کان ٻاهر آهي، ٿورو غافل رهو ته مٿو ئي ويو، آءٌ گهمي گهمي ٿڪجي پيس پر ڪراچي نه کٽي.“

    حيدرآباد شهر ۽ سندس آسپاس ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي سا ڪنهن به هٿرادي مڙهيل لفظ کان پاڪ آهي، ان ۾ ڪوبه اهڙو لفظ ڪونهي جو سنڌ جي ڪنهن ٻئي علائقي جو ماڻهو نه سمجهي سگهي. هاڻي وري ٻڌو ضلع نوابشاهه جو ماڻهو ڇا ٿو چوي:

    ”ڀائو ڪوڏر ڪلها ڪڍي ڇڏيا ٿم ته به ٿو چوين ته تو ڪيو ڇا! ادا پاڻ کان تنهن جي اِها ٽار پوش نه ٿي سگهندي، ڪجهه ته انصاف کان ڪم وٺ آخر مان به ته انسان آهيان.“

    نوابشاهه جي لب و لهجي ۾ حيدرآباد شهر کان ٿورو فرق نظر ايندو، جو نظر انداز ڪري سگهجي ٿو، نوابشاهه جي ٻولي صاف آهي، ڪوبه نئون سنڌي (مهاجر) چڱي طرح سمجهي سگهي ٿو راقم الحروف بذات خود ڏٺو آهي ته اتي مهاجر به سنڌي ڳالهائيندا آهن.

    چڱو هاڻي دادو ضلعي جو لب و لهجه ملاحظه ٿئي:

    ”اڙي! ادڙا مان هتئون ڦري آيس ته وري ڪن پار پيو تو ڪرين، ، هليا ته پاڻيءَ جو ڍڪڙو ته پيئون اُڃڙي لڳي اٿئون اڙي پاڻي ته پس ڄڻ برف کي ڇهه پيو ڏي، خوش هجين، منهڙو ته پسائيندو ڪر.“

    ڏٺو ضلع دادوءَ جي ٻوليءَ ڪيترو نه تفاوت آهي، هنن چند لفظن ۾ اوهان کي اندازو ٿي ويو هوندو ۽ جي ڪڏهن اوهان دادو ضلعي جا باشندا هوندا ته اوهان ڳالهائيندا به ائين هوندا. هتي جنهن لفظ سان ممڪن ٿي سگهي ”ڙي“ گڏي وڃي ٿي، جيئن ته ”جوانڙو“ ”ڳوٺڙو“ ”دلڙي“ ”مٺڙي“ ”مٺڙو“ ”مٺڙا“ وغيره وغيره.

    هاڻي وري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ گونجندڙ آواز تي ڪن ڌريو.

    ”ڪاٿي پيو گهمين، ڏسڻ کي مهانگو ٿي وئين، اَسان پيا توکي ڳولهيون، اڄ توکي نه ڇڏينداسين. اَدا عزيز! چانهه ڪاڻ ته ڪڪي کي سڏ ڏجانءِ.“

    لاڙڪاڻي جي لب و لهجي کي دادو جي لب لهجي سان مشابه سمجهجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. هتي ٻين هزار اُترادي لفظن سان گڏ هي لفظ به ڳالهايا ويندا آهن جهڙوڪ جاڏي، تاڏي، ڪاڏي، جاٽي، هتڙي، ڪٿڙي، ڪاٿڙي وغيره.

    ضلع سکر کي فقط هن هڪ لفظ مان ٿا ڏسون اهو لفظ آهي ”ڊڄڻ“. هن لفظ کي استعمال اهڙي طرح ڪيو ويندو آهي، جو هن جو اچار ”ڊرڄڻ“ مان ”ڊڄڻ“ ٿي پوندو آهي. هاڻي سکر کي به لاڙڪاڻي واري خاني ۾ ٿا ڳڻيون.

    جيڪب آباد جي گهڻي آبادي بلوچ قوم جو مسڪن آهي، تنهنڪري هتي جي سنڌيءَ تي بلوچيءَ جو رنگ چڙهيل آهي، هڪ ڪنسٽيبل جا اکر بندي جي ڪنن ۾ اڃا تائين وڄي رهيا آهن. چيائين ٿي ته:

    ”ادا رستي مٿي اچي لاري بيهاريوسون، پوءِ هيٺ لهي گهر جو تلاشي ورتوسون، وري لاري ۾ ويٺاسون ته اڃ اهڙو اچي لڳو جو نڙ گهٽ پيو سڪي.“

    جيڪب آباد جي ٻوليءَ تي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ جي چندان ضرورت ناهي، رياست خيرپور ۾ اچو ته هتي ڪجهه ايراضين تي ٿر جو اڻ لکو (نه محسوس ٿيڻ جهڙو) اثر آهي نه ته نواب شاه واري ساڳي ٻولي.

    ٺٽو – ضلعي ٺٽي جي اُتر ۽ اولهه ڪنڊ جي ٻولي ٻڌو سڀان مين جهم (جهمپير) تي ويندياس گيهه لاهيندياس آءٌ (۽) ڪڪڙا ڳندياس، ورندي ۾ تانجو ڪمهه ڪريو ايندياس.“

    مانڃر ۽ جاتي ايراضين جي ٻولي هنريت آهي: لي ڏينم پنجڙپن جوتا تونجو به سيمان کريديو اچانس. ڀلي ڀاتر لڄهه ته سڄ مٿي اچي ته وڃي ڍنڍ منجهه ڪاريون ويريون ڪريانس.“ هيءَ ٻولي گهڻو ڪري مير بحر قوم ڳالهائيندي آهي، وري پالارين ۽ لاشارين جي ٻولي ٻڌو ”هٿو مان وٽ شينگهار (کجيءَ جا ڦڙها) آئي ڪانهي سينگهار هوئي ته مان توکي پنڇ (تڏا) ايڙا ٻڌي ڏيان.“

    ”ڌڻ کڻي ڌاريان پر ڇو (ڇا) ڌاريان“. ”ڄاڻ ٺيڪ ڪين آهين بتن ۾ سور ڄڻ مرئين ٿو،“ ”هٿو مان جا کود ڪا هينگون ڏيندا آهن.“

    ابڙال، لائق پور، دڙي ۽ ميرپور بٺوري جو وچ – هتي جا رهاڪو ”ويندين“. کي ”وينديون“ چوندا آهن، کيندون، پيندون ۽ اهڙي ريت ٻڌو:

    ”ابڙال ويو هون، منکي (مونکي) ڪم هو، دل ۾ چم ٿي ته توکي چيندس، ناس گهراڻي هم، وري ڪڏين ويندون؟ تنجي ڪهڙي مرضي آهي، حيدرآباد جو شهر آهي جو ڀلجي وئين ته لڀين به نه“.


    چند ٻيا لفظ معنيٰ سميت:

    چؤئان=چوان، ڳرس=کيس، نويڪلو=اڪيلو، اَڪردو=مخصوص، ڏوئيلو=ڏوئي چمچو، ڇٻي=ڇلي، ڌڙڪي=رلي، سرو=وهاڻو، اتفاق=اوچتو، ٻوڙه=ٻوڙ، ڳڙهه=بند يا ڪڙ، پريءَ=پريان، اوريءَ=اوريان، هرڻ=پلجڻ يا ٺهي وڃڻ.

    ضلع ٿرپارڪر جي ڏکڻ طرف جو جائزو ٿا وٺون هي ڏسو ڏيپلي جو ماڻهو. ٻڌو ڇا ٿو چوي ”ادي کي چان دکاڻ تي گراهڪين جو ڀيڙو لڳو پيو هو، پوءِ جاڳيهه ناملي، تاڏهين هليو آيوس، ماڙهين جا ميڙ هوئا هٽين مٿي.“

    هاڻي صاف ٿري ٻولي ٻڌو، ٻه اٺن وارا پاڻ ۾ ڳالهائيندا پيا اچن: هڪڙو – ”اي جو سا! اڄ پان اُٺين کي چڱي سيکند آئي آهي.“

    ٻيو – آءٌ نه هڪليان هاس پر تون کڻي چيو تا ڏهين کنئي هڪلميس. پهريون – اي! او جا لوڙو ڪيان ويو؟ ٻيو اي! اُو شوهر ۾ ويٺو نا اُو! پهريون – اي! ڪتي؟ پهريون اي! کٽي جي هوٽل مٿي چاءِ نه پيتين؟

    ٻيو اي! هاهو، ڏٻي پهري هئين نا؟

    پهريون هئن (ها) (”ها“ ڪرڻ جو اچار بلڪل عجيب آهي، آواز اهڙو ٿو نڪري جو ائين ٿو معلوم ٿئي ته ڪو همراه ڪري پيو).

    ٻيو تون واري ڏاڳي کي جهليج ته چيڙهه ڪري ڳني.

    هاڻي ٿرپارڪر جي ٻي ڪابه ايراضي وڌيڪ وضاحت طلب نه رهي آهي تنهن ڪري ٿرپارڪر جي ضلع کي اتي ٿا ڇڏيون. فقط چند ضروري الفاظ ملاحظه ٿين:

    ڳون=ڳئون ڍڳي، کيٽين مٿي=ٻنيءَ تي، پهون=ٻڪري، بجر=تماڪ، واڙي=وٿاڻ، اورهون=ويجهو، پرهون=پري، گت=عادت، سيراڻ=نيرن، پوڃاڙي=شام جي ماني، اَولت=عورت، زال ٽوڙڪ=ننڍو دڙو، روڙيڻپو=پڙ ڄڃ يعني ايندڙ ڄڃ کي روڪڻ، لينجهه=ڀٽ جو سوراخ وغيره.

    حيدرآباد – شهر ۽ آسپاس جي ته تشريح ٿي چڪي، هالا ۽ ٽنڊو الهيار به ان ۾ شامل سمجهو، هاڻي ٽنڊو محمد خان يعني لاڙ ڊويزن جو سير ٿا ڪريون، طوالت جي ڊپ کان هتي به بدين ۽ ٽنڊي باگي تعلقه کي ٿا وٺون.

    بدين، سيراڻي ۽ ڪڍڻ جي درميان گهمي رهيا آهيون، هي ڏسو شڪاري پيو اچي ٻئي هڪ دوست سان گفتگو ڪندو پيو اچي، ٻڌو ”هڪڙي ڏهاري ويس شڪار تي، جڏهن دڙي تي چڙهس ته ڇا تو (ٿو) ڏسان ته سهو ڄار ۾ پيو لڪي، دل ۾ چئيم ته هي هيڏان ڪو (ڇو) ٿو وڃي، ڪاهي پيو سينس پٺ منجهه، او وڃي هڪ ٽاريءَ کي پٺا ڏئي وهي ريو، لڪي ڇپي ٺڪا کڻي ڌڪو ڪرايانس ته ڍيري ٿي وڃي ڪريو، پوءِ ته کڻي آيو سينس گهر، اڃا به ٿو لکي”اُتبار“ نه اچي ته چئو پاهنجي تقسير (تقدير) کي ڌڪي چٽڻ جو آءٌ ماٿر آهياني، متان ڀانيين نه هن سان شرط رکان، شرط منجها کٽڻ ڪانه ڏيندوسين تون پڻ گهڻن کي ٻٺاڪ سڻايا آهين (آهن)“.

    وري خاص منڌرا قوم جي ٻوليءَ کي ڏسندا ته هو هر لفظ کي پهريائين زير وچ ڌاري وحشت ناڪ زبر ۽ وري اهڙي زبر ڏيندا جو اچار جو ٻيڙو ٻڏي ويندو، هو لفظ ”منڌرو“ هيئن ادا ڪندا آهن ”مَنڌَرو“.

    حالانڪ ”ڌ“ هيٺان زير هئڻ گهرجي ابتو دريا وهائيندا آهن زير کي زبر ۽ زبر کي زير ڪري بيٺا آهن.

    حاصل مطلب ته لاڙ جي ٻولي سنڌي زبان کان اَٺ آنا باغي آهي سنڌ جي ٻين دور دراز علائقن جو به اهو حال آهي.

    هتي خاڪسار به ڪجهه ڳالهائي ها مگر ضرورت نٿو سمجهي، صاف صاف ٻڌائي ڇڏجي ته بندو لاڙ جو باشندو آهي ٻولي اها هوندي ۽ نه ڪا ٻي.

    لاڙ ۾ جيڪا ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي تنهن جي تصوير هي هڪ اکر آهي؛

    ”وِڃين“

    ”و“ تي زبر آهي، ڀلي هجي پر جيڪا ”ڃ“ مٿان رکندا آهيون ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ”و“ کي زبر بجاءِ زير سان نوازيو ويندو آهي.

    ٿلهو ليکو ٿا ٻڌون ته اتر جا ماڻهو وات ڀري ڳالهائيندا آهن ۽ لاڙ جا ماڻهو وات خالي ڪري، اترادي اکرن کي ويڙهيندا آهن، لاڙائي اکر کي ڦاڙيندا آهن، اترادي آهستي ڳالهائيندا آهن لاڙائي لکو.

    لاڙ وارن جي زبان جي زد ۾ ايندڙ چند الفاظ هي آهن:

    جان=يا (ن جو ٽٻڪو ٻڏل) تون=تو، کيندس=کائيندس، زاد=ياد، ڪيڙهو=ڪهڙو، ايڙهو=اهڙو، جيڙو=جهڙو، ڪڄاڙو=ڇا، ڪو=ڇو، ڇالا=ڇا لاءِ، ڪنان=کان، ڪڻس=کيس، اَپاڪ=اوچتو، هرين=آهسته، کوهر=کوهه، واءِ=پڪو کوهه، وغيره.

    هڪ مختصر مضمون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪري چڪو آهيان اميد آهي ته چڱي طرح لفظي ٺاهه ٺوهه سان ته ڪو لائق اديب هن خدمت کي سرانجام ڏيئي سگهندو.

    (نئين زندگي سيپٽمبر 1954ع)
     
    گورڌن ولاسائي ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو