سي پيڪ جا اثرات ۽ سنڌي ٻولي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏8 جولائي 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    آئون سعيو ڪريان سنڌيءَ جو...............
    اڄ 7جولاءِ 2017ع جي مشھور سنڌي اخبار جي 12 صفحي تي اپر ھاف ۾ 3ڪالم باڪس ۾ خبر آھي ته،
    ”پاڪستان ۾ سي پيڪ جي امڪاني اثر سبب چيني ٻولي سکڻ جو رجحان وڌي ويو، مختلف شھرن ۾ سکيا سينٽر قائم“
    ”حيدرآباد کانپوءِ لاڙڪاڻي ۾ اتر سنڌ جو پھريون چيني ٻولي سيکارڻ جو سينٽر کلي ويو.“
    لاڙڪاڻي واري سينٽر بابت ھڪ ٻي ٻه ڪالم خبر جي سرخي ءَ ۾ لکيل آھي ته،
    ” شاگردن جي گھٽ داخلا جو ھڪ سبب في وڌيڪ ھجڻ آھي.“
    تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته،
    سنڌ جي ڌرتيءَ تي قبضو ڪري نه رڳو سنڌ جا وسيلا لٽيا ويا آھن پر سنڌين کي دائمي غلام بڻائڻ لاءِ سندن ٻولي کسي انھن کي مفلوج بڻايو ويندو رھيو آھي. اھو ئي سبب آھي جو موھن جي دڙي جي تھذيب جو وارث ھجڻ جي دعويٰ ڪندڙ سنڌي قوم موھن جي دڙي جي ٻولي پڙھڻ لآءِ پريشان آھي.
    عربن سنڌ تي715 عيسويءَ ۾ قبضو ڪيو ۽ سنڌ کي سرڪاري طور مسلمان رياست بڻايو. جنھن جي نتيجي ۾ اڄ اسان پنهنجي سنڌي ٻوليءَ کي عربي اکرن واري شڪل ۾ لکي رھيا آھيون. ان کان اڳ جن ڌارين قومن سنڌ تي قبضو ڪيو انهن جون لکتون به سنڌ مان ملنديون رھن ٿيو. پر سنڌين کي ٻوليءَ رستي غلام رکڻ ۾ عربي، فارسي ۽ انگريزي زبانن جي تسلط جو وڏو عمل دخل رھيو آھي. ۽ ھاڻي وري سندين کي چيني ٻوليءَ جي غلاميءَ جو ڳٽ پارايو پيو وڃي.
    سنڌ ۾ عربي ٻولي رائج ٿيڻ سان سنڌين کي ڪھڙي اقتصادي ۽ معاشي ترقي ملي؟ ”فارسي پڙھسين ، گھوڙي چرھسين“ واري نعري سنڌين کي ڪھڙي ميدان جو شھسوار بڻايو؟ انگريزي زبان جو سنڌ جي اڪثريت کي ڪيترو فائدو ٿيو؟ انھن سوالن جا سائنسي بنيادن تي جواب ھٿ ڪري پوءِ ڏسڻ کپي ته چيني ٻوليءَ جو چمڪو سنڌ ۽ سنڌ جي آئيندي کي ڪيترو روشن ڪندو؟
    عربي ٻوليءَ جي تسلط سان سنڌ جي ھڪ وڏي عرصي جي لکت واري تصوير وڃائجي ويئي.
    فارسي جي تسلط سان عربيءَ واري لکت واري تصوير به ميسارجي ويئي.
    انگريزن جي تسلط سان سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ قانوني ، سرڪاري حيثيت جڙي، سنڌيءَ جو گرامر جڙيو، سنڌي لپي جڙي، جنهن سان سنڌين کي فائدو به ٿيو ته ڪافي نقصان به ٿيو. سنڌي سرڪاري دفتري ٻولي بڻي. يورپي ماڻھن لاءِ سنڌ ۾ ملازمت ڪرڻ لاءِ سنڌي سکڻ لازمي بڻيو.
    اھا ڳالھ درست آھي ته اقتصادي طور ڪي مقصد ماڻڻ لاءِ مارڪيٽ جي ٻوليءَ جو ماھر ھجن ضروري آھي. ھتي سوال اھو ٿو اڀري ته ڇا ”سي پيڪ“ سان چين جي زمين سنڌين جو مارڪيٽ بڻبي يا سنڌ جي زمين چينين جو مارڪيٽ بنبي؟ سوال جو جواب جنھن کي جيڪو به سجھي. پر لطيف سرڪار چواڻي، ڪو” سنڌيءَ جو سعيو“ يعني سنڌيءَ کي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائڻ جو به جتن ٿيندو يا ڪانوَ وانگر مور بڻجڻ جي شوق ۾ پنھنجي چال به وساري ويھندا سون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو