ڄامشوري ضلعي جي سياسي صورت حال تي ھڪ نظر اسماعيل باريجو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏10 جولائي 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    ڄامشورو کي 2004 ع ۾ دادو کان ٽوڙي ،الڳ ڪري ضلعي واري حيثيت ڏني وئي ۔ ڄامشورو ضلعو چئن تعلقن ، ڪوٽڙي. سيوھڻ ،ٿاڻوبولاخان ،مانجھند تي مشتمل آھي ،جنھن جي ڪل آدمشماري 1998جي مطابق ست لک ،يارنھن ھزاره چوراسي ھئي ،جڏھن تي 2017 جي آدمشماري جي ذريعن مطابق يارنھن لک ،پنجھا ھزاره ٻڌائي ٿي وڃي ۔ ڄامشوري ضلعي ۾ ھڪ قومي اسيمبلي ۽ ٽي صوبائي اسيمبلي جون سيٽون آھن ۔سيوھڻ جي پي ايس ٽيھتر تان سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ڪامياب ٿيل آھي ،جڏھن ته پي ايس ٻاھتر تان، ايم، پي، اي ، فقير داد کوسو ۽ پي ايس ايڪھتر تان ڊاڪٽر سڪندر شورو جڏھن ته قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ملڪ اسد سڪندر ڪامياب ٿيل آھي ،۽ ضلعي چرميئن ملڪ شاھنواز آھي ۔ڄامشورو ضلعي ۾ اھا ھڪ حقيقت آھي ته پالياماني سياست ۾ ملڪ اسد سڪندر جي مضبوط گرفت آھي ،جنھن کي اڄ ڏينھن تائين ڪو به شڪست نه ڏئي سگھيو آھي ۔اھا ڀل ملڪ اسد سڪندر جي دادو جي چرميئني ھجي يا سيد جلال محمود شاھ سان اتحاد ۾ گڏ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاھ کي اليڪشن ۾ پنھنجي اتحادي سيد جلال محمود شاھ سان گڏجي شڪست ھجي ،مشرف دور ۾ سڄي سنڌ مان واحد ملڪ اسد سڪندر ھو جنھن ضلعي چرميئن کٽي ۔۽ ان ڌور ۾ ٻئي ،پ،پ ،اميدوار فريال ٽالپر اليڪشن ٽاس تي کٽي ھئي ۔جنھن کان بعد ملڪ اسد سڪندر جي حمايت سان، پي، ايس، ايڪھتر واري سيٽ تي پير مجيب شاھ جيلاني کي ملڪ اسد جي ھمايت حاصل ھئي ،ان بعد ھن پي ايس ٻاھتر واري تڪ تان ذميني اليڪشن ۾ ڊاڪٽر ديارام کي کٽرايو ،اھڙي طرح ان تڪ تان پنھنجي ويجھي ساٿي فقيرداد کوسو کي پڻ ڪامياب ڪرايو ۔ملڪ اسد سڪندر ۽ اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي ڪو چرميئن آصف علي زرداري جي پاڻ ۾ گھاٽي ياري ھئي ،جنھن ڪري ملڪ اسد سڪندر جي ويجھي ساٿي ايم پي اي گيانچند ايسراڻي کي چار چار وزارتن جا قلمدان مليل ھئا ۔ملڪ اسد سڪندر جي لاء اھا ڳالھ به مشھور ھئي ته آصف زرداري جو فرينٽ مين آھي ۔پر ڪجھ ڏينھن کان سوشل ميڊيا ۽ سندن ويجھن ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته آصف علي زرداري ۽ ملڪ اسد ۾ اختلاف پيدا ٿيا آھن ۔ان جي ڪري ضلعي ڄامشورو ۾ سندس رکايل آفيسر ،۽ پوليس عملدارن کي بدلي ڪري ۔پ پ وارن پنھنجا آفيسر رکايا آھن .ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب آصف علي زرداري ۽ ملڪ اسد ۾ اختلاف انھي ڪري پيدا ٿيا آھن ۔جو ڪوھستان جي تعلقي ٿاڻو بولاخان جو چار ديھون ،جنھن ۾ مول ،سري ،ھٿل ٻٿ ،اٺ پلاڻ نوري آباد وارو سمورو علائقو ڪراچي جي ضلعي ملير ۾ شامل ڪري ۔پوء اھي ديھون ملڪ جي وڏي بلڊر کي ڏينو وينديو ،جنھن تي ملڪ اسد انڪار ڪيو ۔انھي ڪري آصف علي زرداري ۽ ملڪ اسد ۾ اختلاف سامھون آيا آھن ۔جنھن جي ڪري ضلعي جي آفيسرن ۾ اٿل پٿل آھي ،پر پ ،پ جي سموري قيادت ملڪ اسد سان منھن گنجائي رکيو اٿن ،ملڪ اسد سياسي طور تي اڃا چپ آھي ۔بھر حال ملڪ اسد ۽ آصف علي زرداري ۾ اھي اختلاف مستقبل طور رھندا يا ڪن مسلھتن سبب وري ٺاھ ڪندا ،اھو ھڪ سوال آھي ؟ ملڪ اسد سڪندر جي پنھنجي برادري جو ھڪ وڏو ووٽ بئنڪ آھي ،جنھن جي ڪري ٿي سگھي ٿو ته ملڪ اسد کي پ ،پ نه ڇڏي ؟،ملڪ اسد سڪندر جو ڪراچي جي ملير واري علائقي ۾ سندس اثر ھيٺ وڏو ووٽ آھي ،جيڪو ايم پي اي ساجد جوکيو کي اھو ووٽ سپورٽ ڪري ٿو ،جڏھن ته ٺٽي جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي جي تڪ ٺٽو ،جھمپير ،جھرڪ تي سٺو ووٽ بئئڪ اٿس ۔ان کان علاوه سندس اثر ھيٺ مٽياري ، ٽنڊو الھيار،ٽنڊو محمد خان۔بدين ،حيدر آباد وارن تڪن تي سٺو ووٽ آھي ۔ملڪ اسد ھر اليڪشن ۾ انھن تڪن تي پ پ يا پنھنجي من پسند اميدوارن کي ووٽ ڏياريندو آھي ۔جتي ،پ،پ،قيادت سان اختلاف ۽ يا ٻي ڪنھن پارٽي ۾ ملڪ اسد جي شموليت يا اتحاد پيپلز پارٽي لاء وڏو ھاڃيڪار ثابت ٿي سگھي ٿي ۔ٻئي پاسي ذريعن ۽ سوشل ميڊيا تي اھي به چوٻول آھن ته مسلم ليگ ن جو صوبائي اڳواڻ ملڪ چيگيز خان کي ،پ، پ ۾ شموليت ڪرائڻ جون ڪوششون آھن ،ملڪ چيگيز خان ملڪ اسد جو سياسي مخالف آھي ،جنھن جي شموليت جيڪر پ ،پ ،۾ ٿئي ٿي ،ته پوء پڪ آھي ،ته ملڪ اسد سڪندر سياسي طور تي ڪا ٻئي واٽ وٺندو۔ ،ملڪ اسد سڪندر ۽ پ ،پ ،جو مخالف سيد جلال محمود شاھ آھي ۔ڇا پوء ملڪ اسد سڪندر سيد جلال محمود شاھ سان ڪو اتحاد ٺاھيندو ، اھو به ھڪ سوال آھي ؟ يا پ ،پ سميت ملڪ اسد سڪندر جون سموريون مخالف ڌريون سندس سان مقابلو ڪنديون ؟ ، ۔بھرحال ملڪ اسد لاء اھا ڳالھ مشھور آھي ته ھو ضلعي ڄامشوري ۾ اليڪشن وڙھڻ جو ماھر آھي ۔ان کي علائقي جي سموري ڄاڻ آٿس ، _جيڪر ملڪ اسد سڪندر ٺٽي ضلعي ۾ شيرازي ڀائرن سان ڪو اتحاد ڪري ٿو وٺي ته پوء يقينن پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿو ،مٽياري ۽ ٽنڊوالھيار ۾ ملڪ اسد جي اثر ھيٺ وڏو ووٽ آھي ۔ملڪ اسد سڪندر جو حيدر آباد جي ڄام خان شورو ،۽ شرجيل ميمڻ واري تڪ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به چڱو ووٽ اٿس ۔ جيڪر ملڪ اسد سڪندر ٺٽي ضلعي ۾ شيرازي ڀائرن سان ڪو اتحاد ڪري ٿو وٺي ته پوء يقينن پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿو ،مٽياري ۽ ٽنڊوالھيار ۾ ملڪ اسد جي اثر ھيٺ وڏو ووٽ آھي ۔ملڪ اسد سڪندر جو حيدر آباد جي ڄام خان شورو ،۽ شرجيل ميمڻ واري تڪ ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ به چڱو ووٽ اٿس ۔ ملڪ اسد سڪندر پيپلز پارٽي کي جيڪر ڇڏي ، ته ضلعي ڄامشورو سميت ٻين ضلعن ۾ به پيپلزپارٽي کي ٽرف ٽائيم ڏئي سگھي ٿو ۔ ،ٿئي آصف علي زرداري پنھنجي مختلف جلسن ۾ اھو به چوندو رھيو آھي ته ڪجھ ماڻھو پ پ ،کي ڇڏي ويا آھن ،اسان وٽ وڏا ماڻھو نه آھن پر اسان وٽ طاقت ۽ پاور آھي ۔ڇا ملڪ اسد سڪندر پاڻ ۽ پنھنجن ويجھن ماڻھن کي ايندڙ تڪليفن کان بچائي سگھندو ؟ ۽ حڪومت ۾ ويٺل پيپلز پارٽي وارا به ضلعي ۾ پنھنجي ساک بچائڻ لاء نھ چوٽي جا زور لڳائيندا ،ان ۾ سنڌ جو وڏو سيد مراد شاھ لاء وڏو امتحان ھوندو؟ ، ضلعي ڄامشوري ۾ سيد جلال محمود شاھ به ضلعي ۾ خاص اھميت اختيار ڪندو ھاڻ اھو فيصلو عوام جي عدالت ۾ ڇڏيون ٿا ،ته ايندڙ اليڪشن عوام ڪنھن کي ٿي سوڀارو ڪري ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو