سي پيڪ، سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو:

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    چين جنهن وٽ زمين جي 9.6 ملين اسڪوائر ڪلوميٽر ايراضي هجي. جيڪا زمين جي گولي تي ايراضيءِ جي لحاظ کان ٻيو نمبر هجي. جنهن وٽ دنيا جي انسانن جو ساڍا ست ارب آباديءِ مان 1 ارب 33 ڪروڙ انسانن سان پهريون نمبر هجي. ان اجگر ديس وٽ امپورٽ، ايڪسپورٽ ۽ ايڪانامي سميت سڀني ڀلين ڳالهين ۾ پهريون نمبر ولاريل هجڻ کان تعجب جي ڳالهه ناهي.

    چين جنهن جي دنيا جي 14 ملڪن ويٽنام، لائوس، برما، انڊيا، ڀوٽان، نيپال، افغانستان، پاڪستان، تاجڪستان، ڪرغستان، ڪازڪستان، روس، منگوليا ۽ اتر ڪوريا سان سرحد ملندڙ هجي ۽ سندس سامونڊي سرحد ويٽنام ڏکڻ ڪوريا جاپان ۽ فلپائين سان ملندي هجي. واضع رهي ته روس جون پڻ 14 ملڪن سان سرحدون ملنديون آهن. پر روس فوجي ۽ معاشي لحاظ کان چين کان گھڻو پوئتي رهجي ويو آهي.

    چين توڙي جو مائو نواز ۽ ڪميونسٽن لاءِ سرهائي جو سبب هجي پر ان پنهنجي هر عمل سان پاڻ کي سامراج ثابت ڪيو آهي. سائوٿ چائنا سي يا اتي ٻيٽن جي معاملي تي سندس ويٽنام، فلپائين، بيرونائي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۽ تائيوان سان سندس مستقل اڻ بڻت کي کيس بدمست هاٿي جي مانند ڪري بيهاريو آهي.

    ان کان علاوه چين پاران پاڪستان جي پٺڀرائي جيڪا نه صرف ان ملڪ جي جبري الحاق ۽ قيدخاني ۾ آباد سنڌي، بلوچ ۽ پختون قومن لاءِ مصيبت جو باعث بڻيل آهي، پر هاڻي ان خطي جي ٻين ملڪن ڀارت، افغانستان ۽ ايران سان به سندس پسنديده مشغلو دهشتگردي دهشتگردي راند شروع ڪئي آهي. ان کان علاوه گڏيل قومن جي اداري ۾ حافظ سعيد ۽ مولانا مسعود اظهر خلاف پيش ٿيندڙ قراردادن کي ويٽو ڪرڻ جو پاپ به چين جي هٿان سرزد ٿيو آهي.

    باوجود ان جي جنهن ملڪ وٽ سڀ کان وڏو سامونڊي بيلٽ هجي، ان کي آڪٽوپس جيان پنهنجي مارڪيٽ جي وڌاءُ ۽ پنهنجي روزاني جي امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ واسطي هڪ روٽ يا رستو گھربل هو. 1979ع جنهن ۾ دنيا جي اٺين عجوبي طور مشهور شاهراهه ريشم تي به سندس اک تڏهن کان پيل هئي. جنهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ نرتڪي سمجهي پاڪستان جا نخرا هن سدائين پي برداشت ڪيا. ان جي سڄي قيمت وصول ڪرڻ واسطي 2013ع ڌاري چين پاڪ اقتصادي راهداري يا سيپيڪ منصوبي جو سنگِ بنياد رکيو ويو. جنهن جي لاڳت شروع ۾ 46 بلين ڊالر هئي، پر هاڻ اها 55 بلين ڊالر تائين پهچي چڪي آهي. انهي ايتري ڪثيرالتعداد رقم مان اهم خرچ هن ريت ڪاڇيا ويا آهن.

    توانائي جي شعبي ۾ 33 بلين ڊالر

    انفراسٽڪچر ۽ روڊ رستا 10.63 بلين ڊالر

    گوادر ۾ ايئر پورٽ 230 ملين ڊالر

    انهي اقتصادي راهداري لاءِ ٽي روٽ تجويز ڪيا ويا.

    ويسٽرن روٽ: ويسٽرن روٽ گوادر، تربت، بسما، سوراب، قلات، ڪوئيٽا، زوب، ٽانڪ، ڪوهاٽ، نوشهره، سوابي، بونير، شانگلا، گلگت کان ٿيندو ڪاشگر وٽ ختم ٿئي ٿو. هي روٽ واضع رهي ته عمران خان يا خيبر پختون خواهه حڪومت جو پڻ آئيڊيل روٽ آهي.

    ايسٽرن روٽ: ايسٽرن روٽ جيڪو گوادر، تربت، بسما، خصدار کان ٿيندو سنڌ ۾ سکر کان پوءِ پنجاب ۾ رحيم يار خان، ملتان، فيصل آباد، مانسهره، گلگت ذريعي ڪاشگر ۾ داخل ٿيندو.

    سينٽرل روٽ: هي روٽ گوادر، تربت، خضدار کان پوءِ رتيديري کي ٽچ ڪندي، راجن پور، مظفرڳڙهه، ڊي آءِ خان، ميانوالي، پنڊي، مانسهره، کان ٿيندو ڪاشگر پهچندو.

    هنن ٽئي روٽن ۾ ڪاشگر شروعات ۽ گوادر پڄاڻي آهي. جڏهن ته ڪهڙو رستو فائنل هوندو اهو اڃان تائين به واضع ناهي. توڙي جو نومبر 12 تي قافلو ويسٽرن روٽ تان آيو ۽ سمنڊ ذريعي سامان اڳتي به ويو پر مستقل روٽ هر حال ۾ اهو ئي ٿيندو جنهن ۾ گھڻو حصو پنجاب مان گذري. ڇو ته ٽول ٽيڪس، پنڪچر جي دڪان کان هوٽل ننڍين ڊسپسرين ۽ ٻين ضرورتن واسطي گھربل جاين لاءِ جڳهون، ڪرايو، ماڻهو وغيره سڀ پنجاب جي حصي ۾ ويندا.انڪري ملڪ جي مالڪن جي هر حال ۾ ڪوشش اها هوندي ته اقتصادي راهداري وارو لنگهه سندن سڄي پنجاب نه ته به اڪثريتي ۽ ڳتيل آبادين وارن ضلعن مان ضرور گذري.

    چين جي ضرورت

    جيئن چين 1970 کان پوءِ اقتصاديات طرف ڌيان ڏنو ته هڪ طرف ان جي نظر پهرين شاهراهه ريشم جي نئين سر بحالي يا ٺاهڻ هو جيڪو 1979ع ۾ دنيا جو اٺين عجوبي طور بلند و بالا پهاڙن جي نشيمن ۽ فراز ۾ ٺهي راس ٿيو. هي اهو ئي سال آهي جڏهن روس پهريون ڀيرو افغانستان تي چڙهائي ڪئي. جنهن جو به دنگ گوادر تي ٿيڻو هو. اهو هڪ وڏو بحث آهي ته اياز هنن ڪميونسٽن کي ڊينڊڙا ۽ ٽنڊڻ چيو ان جو سبب به اهو ٿي سگھي ٿو ته اهي سرخا به بلوچ قومي سوال تي ته چٽا هئا پر سنڌين لاءِ سندن سردمهري ۽ پاڪستان جي فريم ورڪ وارو موقف هو. شايد ان جو سبب به گوادر هو. اها ڳالهه آمريڪا کي پسند ڪا نه آئي ۽ سپرپاور روس تنهن دور ۾ ويچارگي ۽ 80 بلين ڊالر جي خرچ ۽ سوين جنگي جهازن ۽ توپن جي تباهي ۽ فوجين جي لاشن بعد به اڌورو خواب کڻي واپس وريو. رهندو وڌاءُ ۽ اقتصاديات جي مضبوطي لاءِ ڪوشان پنهنجو ملڪ ئي ڀڃي پور ڪري ويٺو.
     
    عبدالغني لوهار ۽ عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي

هن صفحي کي مشهور ڪريو