پاڻياري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Mehran Ayoub طرفان آندل موضوعَ ‏23 جولائي 2017۔

  1. Mehran Ayoub

    Mehran Ayoub
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 اپريل 2016
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    6
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    مهراڻِ ايوب

    پاڻياري

    اتي موجود سڀ کان اُتاهين ڀِٽَ تي ويهي هن ڀِٽُن جي اڻ کٽ سلسلي ڏانهن پاٻوه مان نهاريو جيڪي هن جون ننڍپڻ جون ساٿياڻيون هيون. اڄ هو اِتي پنهنجي معمول واري وقت کان پهرين اچي ويو هو. آسمان تي اڃا ستارا موجود هئا جن تي غور سان نظر وجهڻ کان پوءِ هُن وري اُن جڳهه جو ڪاٿو لڳائڻ چاهيو جتي رڳو پاڻي ئي پاڻي هوندو. هو ائين ئي ڪندو هو، تڏهن کان جڏهن هُن اهيو ٻڌو هو ته دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون جڳهون به آهن جتي رڳو پاڻي ئي پاڻي آهي. اُتي ماڻهن کي پاڻي جي ڳولها لاءِ ڏوراهان سفر ڪرڻا ناهن پوندا . شروع ۾ ته اها محض هڪ ڏند ڪٿا ئي لڳندي هئي. پر وري جڏهن سنگهار واريون آندل سمنڊن ۽ دريائن جون تصويرون ڏسندو هو ته کيس احساس ٿيندو هيس ته اها حقيقت آهي.

    اڄ تائين به ڪڏهن ڪڏهن هو بي يقين ٿي پنهنجو پاڻ کي چوندو هو ته “ائين ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ماڻهن کي بنهه ڪنهن مشڪل جي سڻائي سان پاڻي ملي ويندو هجي.”

    ان وقت کيس ائين لڳندو هو ته سڄو جهان صحرا آهي ۽ هر ماڻهو پاڻي لاءِ ائين ئي جاکوڙ ڪندو هوندو. اهڙي ڪا جڳهه نه هوندي جتي ايتري جهجهي مقدار ۾ پاڻي هجي. هو پاڻي لاءِ پياسي ٿر جي مٿان واري آسمان ۽ سمنڊن جي مٿان واري آسمان ۾ فرق ڳولهڻ چاهيندو هو. سارنگ جو خيال هو ته سمنڊن جي مٿان چمڪندڙ ستارن ۾ ڪڏهن نه ڪڏهن هو ان پاڻي جو عڪس ضرور ڳولهي وٺندو. پر اڄ تائين آڪاش جي ڪا ڪنڊ اهڙي نه ملي هيس جنهن کي ڏسي هو چئي سگهي هان ته “ها هي سمنڊن ۽ دريائن جي مٿان وارو آڪاس آهي.”

    ننڍپڻ ۾هُن الائي جي ڪٿان هڪ وڏي آرسي هٿ ڪئي هئي جنهن ۾ هو آسمان جو عڪس ڏسندو رهندو هو. آرسي کي ٻنهي هٿن ۾ جهلي هوريان هوريان لوڏيندو رهندو هو ائين جو ان ۾ نظر ايندڙ آسمان پاڻي جي مٿان وارو آسمان لڳڻ لڳندو هو. سنگهار ته هن جي ان عجيب حرڪت تي ڏاڍو حيران ٿيندو هو.

    جنهن ڏينهن سارنگ جي پيدائش ٿي ان ڏينهن هن ڀٽُن تي رحمت جو وسڪارو ٿيو هو. سندس ماءُ پيءُ سان گڏجي سڄي ڳوٺ خوشيون ملهايون هيون. ساڳي سال پڻس جو فصل به سٺو ٿيو ته سڀ کيس خوشنصيب سمجهڻ لڳا. هِن جو پيءُ پنهنجي گڏهه گاڏي تي ڳوٺ کا ڪيئي ڪوهه پري ڪنهن ڳوٺ وٽان پاڻي ڀري پنهنجي ڳوٺ ۾ وڪڻندو هو. توڙي جو هو ان کوهه واري کي به پيسا ڏيندو هو پوءِ به سندس گهر جو گذر سفر سٺو پئي ٿيس. سارنگ اڃا ٻارهن ورهين جو مس ٿيو ته سندس پيءُ فوت ٿي ويو، جنهن کان پوءِ هِن پاڻي ڀرڻ وارو ڪم سنڀالي ورتو. شروع ۾ ته هو صبح سوير ئي پاڻي ڀرڻ لاءِ نڪري ويندو هو پر هاڻي جڏهن کان سڳنڌ ڳوٺ ۾ آئي هئي تڏهن کان رات جي آخري پهر ئي ڳوٺان نڪري ويندو هو ۽ اڃا منهن اونداهي ئي هوندي هئي ته ڳوٺ واپس پهچي ويندو هو.

    آسمان تان ستارن موڪلايو ته هُن ڀٽن ڏانهن ڏسي مسڪرائيندي کين اهيو ٻڌايو ته صبح ٿي وئي آهي ۽ اجهو هوءَ به پنهنجا گهڙا کڻي ٿوراهو وٽ پهتي.

    ڪنن تي پوندڙ ان پاڻياريءَ جي پيرن ۾ پيل ڪڙي ۾ ٻڌل گهنگهرو جي ڇم ڇم جي آواز ٻڌڻ سان هن ائين مسڪرايو ڄڻ ڀٽن کي ٻڌائيندو هجي ته “ڏسو هوءَ اڄ به پنهنجي مقرر وقت تي ئي آئي آهي.” بنا موڪلائڻ جي انهن ڀٽن کي پٺي ڏئي اُن ڇم ڇم جي آواز جي تعاقب ۾ هيٺ ڀٽن کان ڪجهه مفاصلي تي پنهنجي ڳوٺ جي واحد نعمت (جيڪا ڳوٺ وارن لاءِ زحمت پڻ هئي) ”ٿوراهو جي کوه” ڏانهن ڏٺو.

    کوه کان ڪجهه مفاصلي تي پاڻياري پيرن ۾ پيل جتي لاهي کوه ڏانهن عقيدت مان وڌي ته هو به ڀِٽَ تان لهي آيو. جيستائين هو هيٺ پهتو تيستائين هوءَ کوه ڏانهن منهن ڪري هٿ ٻڌي پراٿنا ڪرڻ ۾ مصروف ٿي چڪي هئي، هٿ ٻڌي ٿوراهو سان پنهنجو حال اورڻ لڳي. هُن کي مصروف ڏسي سارنگ به پنهنجو ڪم شروع ڪيو. ٻن سالن کان اهيو سندن روز جو معمول هو.

    “اي پوتر ٿوراهو، تنهنجي ٻانهي هيءَ اڀاڳڻ هر روز جيان تنهنجي بادشاهي ۾ حاضر آهي ۽ وچن ٿي ڪريان ته سڄي ڄمار تنهنجي شڪرگذار رهندس. تو ڪڏهن مون کي خالي نه موٽايو آهي، تنهنجي ڪري مون کي منهنجي بدقسمتي جا طعنا نٿا ٻڌڻا پون. تنهنجي رحم جي ڪري منهنجا گهر وارا معذوري کان بچيل آهن، اي پاڪ ٿوراهو جيڪڏهن تنهنجي مهر نه هجي هان ته اسين به ٻين ماڻهن جيان محتاج بڻجي وڃون هان. بس آءُ توکي اها ئي التجا ٿي ڪريان ته اسان تي اها ٻاجهه هميشه قائم رکجئن.” ڪيتري ئي دير هوءَ کوه سان ڳالهائيندي رهي پوءِ پنهنجا گهڙا کڻڻ لاءِ اٿي تيستائين سارنگ به پنهنجو ڪم ڪري هڪ ڀٽ جي پويان ٿي بيٺو. ٻه گهڙا مٿي تي ۽ ٽيون چيلهه تي کڻي ٿوراهو کان موڪلائيندي هلي ويئي پر پير جي ڪڙي ۾ لڳل ننڍڙي گهنڊڙين جي ڇم ڇم جي گونج اتي ئي رهجي ويئي. ڳوٺ جي چند عورتن ۾ اها صلاحيت هئي ته هو ٻه گهڙا پاڻ ئي مٿي تي رکي ٽيون چيلهه تي اهڙي مهارت سان رکنديون هيون جو مٿي وارن گهڙن مان پاڻي هيڏي هوڏي به نه ٿيندو هو.سڳنڌ به انهن چند عورتن مان ئي هئي ۽ سارنگ کي ان وقت پنهنجي سائينءَ واري پاڻياري ياد اچي ويندي هئي جنهن کي ڏسي هنن فرمايو هو ته “پاڻياريءَ سر ٻهڙو، جر تي پکي جيئن”

    سارنگ به ڀٽ جي اوٽ مان نڪري اچي هُن کي ويندي ڏسڻ کان پوءِ اڳيان اچي واريءَ تي ڇڏيل هُن جي قدمن جي رندن کي غور سان ڏسڻ لڳو، ڏسندي ڏسندي بادِصبا ان جي قدمن جي ريت کي ساڻ کڻي ويئي ته سارنگ جي چپن تي مرڪ تري آئي. هو انهن کي دل ڀري ڏسڻ چاهيندو هو پر ان کان پهرين ئي هوا انهن کي کڻي هلي ويندي هئي پر کيس پنهنجي رقيب جي اِن ادا تي به پيار ايندو هيس. ائين لڳندو هيس ڄڻ هن صحرا کي برسات کان وڌيڪ ان ننگرپارڪر مان آيل انهن سانوري قدمن جي مٽي جي پياسي هئي. شايد ان ڪري ئي ته اها شانت واري سندس قدمن جي خاڪ کي سڄي ٿر جي مٽي سان ملائي ٿي. پر هي اهو ڄاڻي پيو ته هوءَ هن صحرا کي وسڪاري جي فراق ۾ سڙندي ڏسي به بيچين ٿي ويندي هئي ۽ ٿوراهو کي پنهنجي دلي ڪيفيت ٻڌائيندي روئي پوندي هئي. هوءَ جڏهن نظرن کان اوجهل ٿي وئي ته هو پنهنجو گڏهن گاڏو ڪاهي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو.

    ___________________________

    جنهن وقت هو گهر پهتو ان وقت سج آسمان کان موڪلائي پنهنجي راجڌاني ستارن جي حوالي ڪري چڪو هو. سارنگ به ماني کائي، پنهنجي چوري(جهوپڙي) جي ٻاهران آئي وئي لاءِ ٺهيل لانڍيءَ جي ٻاهران رکيل کٽ تي اچي ليٽيو. خيالن جو ڪُنڊو ان ساڳي پاڻياري ۾ اٽڪيل هيس، جيڪا پرهه ڦٽي مهل ئي ٿوراهو جي کوهه وٽ ڳوٺ جي عورتن کان پهرين اچي ويندي هئي.سارنگ کي هن سٻاجهڙي ڇوڪري کي ڏسي هڪ اڻ ڏٺو احساس ٿيندو هو، هوءَ هن ديس ۾ جنهن سان گڏ زندگي جو سفر شروع ڪرڻ آئي هئي اهو ته سفر شروع ٿيڻ کان پهرين ئي کيس هن اڻ ڏٺي ڏيهه ۾ اڪيلو ڇڏي پاڻ ڏور هليو ويو هو.

    سارنگ کي چٽي طرح ياد هو جڏهن سڳنڌ جي شادي ٿي آئي هئي. گهر جي اندرين ڪوٺيءَ ۾ سنگهار جي مٿان سڀ گهر وارا بيٺا هئا ۽ هوءَ ٻاهر ٺهيل لانڍيءَ ۾ اڪيلي ويٺي هئي. سارنگ سنگهار کي ڏسي ڪوٺيءَ مان نڪري ٻاهر آيو لانڍيءَ وٽ ئي هُن کي ڏسي بيهجي ويو. مهندي وارن سرخ هٿن سان هوءَ پنهنجي پوتيءَ جي پلاند کي جهلي ويٺي هئي. ڳاڙهي نارنگي رنگ جي ڪپڙن ۾ ڪنڌ هيٺ جهڪائي ويٺل هوءَ شام جو پويون پهر لڳي رهي هئي. منهن تي اداسي جو راڄ هيس، ڄڻ ته کيس پهرين ئي خبر هئي ته هوءَ هتي سنگهار لاءِ نه پر قسمت ۾ لکيل ٺوڪرون کائڻ لاءِ آئي هئي. سارنگ ان ڏينهن شدت سان دعا ڪئي هئي ته ان مُک تي ڪا معجزاتي مرڪ اچي وڃي جيڪا ابد تائين قائم رهي پر ائين نه ٿي سگهيو، سنگهار جي بدران ڏکن اچي کيس نئين سفر ۾ ڀليڪار چيو هو.

    ڳهه ڳٺا پاتل اها ڪنوار ڪٿان به نئين نويلي ڪنوار نه ٿي لڳي. پر سارنگ جڏهن به اکيون بند ڪندو هو ته کيس هوءَ ان روپ ۾ ئي نظر ايندي هئي. نڪ ۾ پاتل سوني نٿ جنهن ۾ ڏانوڻ وجهي هن ڪنڊيءَ سان پويان وارن ۾ اٽڪائي رکيو هو، پيشاني تي ٽڪو جنهن ۾ چانديءَ جون سريون وجهي وڌيڪ سهڻو بڻايو ويو هو سو سڳنڌ جي جهمريون پائڻ سان اهو به سندس پيشاني تي رقص ڪندو هو. ٻانهن ۾ چانديءَ جي ٻانهي ۽ پيرن جي آڳوٺن ۾ چانديءَ جا گول ڇلا پاتل هوندا هيس ۽ ان وقت هوءَ اداسيءَ کان اڻ واقف هوندي هئي، سهاڳڻن وارو مانُ ۽ خوشي سندس اکين مان ڇلڪندي هئي. هُن کي ڏسي شاهه جي شاعري ياد ايندي هئي بلڪه سارنگ جو ته اهيو خيال هو ته جيڪڏهن شاه صاحب هينئر حيات هجن هان ته هوءَ انهن جي سورمين مان هڪ هجي هان.

    سنگهار سارنگ کان عمر ۾ ٿورو وڏو هو پر پوءِ به ٻئي تمام سٺا دوست هئا، هو ٻئي اِنهن ڀٽن ۽ دڙن جي وچ ۾ ئي کيڏندي وڏا ٿيا هئا. سنگهار ڀرسان واري ڳوٺ ۾ وڃي ڪجهه درجا پڙهيو هو ۽ کيس ڀرسان واري شهر جي ننڍڙي اسپتال ۾ ڊسپينسر جي نوڪري به ملي هئي جنهن جي ڪري پورو ڳوٺ سندس ڏاڍي عزت ڪندو هو ۽ ٿوري گهڻي ڳالهه تي ساڻس اچي صلاح مشورو ڪندا هئا. هنن جي ڳوٺ ۾ ڪو اسڪول نه هو ان ڪري سنگهار جيڪو ڪجهه پڙهي ايندو هو سو شام جو اچي سارنگ کي پڙهائيندو هو.پوري ڳوٺ ۾ سندن گهر ئي مڇي ماني وارو ليکيو ويندو هو. پر هاڻي سنگهار جي اچانڪ مري وڃڻ کان پوءِ هنن لاءِ ٻه ويلا ماني کائڻ به مشڪل ٿي ويئي هئي.

    سنگهار جي ماءُ انهن سڀني ڳالهين جو حساب سڳنڌ کان وٺڻ لڳي، سندس اهيو چوڻ هو ته سڳنڌ ئي سنگهار جي موت جو ڪارڻ هئي. سنگهار جو پيءُ ڳوٺ جي هر ٻي ماڻهو وانگر هڏن جي بيماري ۾ ورتل هو جنهن جي ڪري هو پيسن جو پاڻي وٺندا هئا. سندس وڏو ڀاءُ به ڪنهن اڻڄاتل بيماري جي ڪري اچانڪ مري ويو هو جيڪو زال ۽ پنجن ٻارن جي ذميواري سنگهار تي ڇڏي ويو هو. هنن جي گهر جو خرڄ پکو سڄو سنگهار جي وڏي ڀاءُ ۽ سنگهار تي هو پر ڀاڻس جي مرڻ کانپوءِ سنگهار نه صرف پنهنجي گهر جي پر سڄي ڳوٺ جون سڀ ذميواريون خوشي خوشي قبول ڪيون هيون، پر زندگي کيس موقعو ئي نه ڏنو. هونئن ته هتي جون عورتون گهر سنڀالڻ سان گڏوگڏ ٻاهران جو ڪم به ڪنديون هيون پر سنگهار جي ماءُ کان کٽ تان اٿڻ ئي ڪو نه پڄندو سو ڪڏهن ٻاهر جو ڪم ته ڇا پر گهر جو ڪم به ڪو نه ڪيائين.

    سارنگ ڪيترا ئي ڏينهن سنگهار جي گهر به پاڻي ڏيندو هو پر شادي جي ٻي ڏينهن کان ئي هن سڳنڌ کي گهر ۾ بي عزت ٿيندي ڏٺو ته انهن کي پاڻي ڏيڻ جو هن ٻيو طريقو سوچيو.

    ………………………

    هُن جو نالو سڳنڌ هو ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ فوت ٿي وئي هيس ۽ اڃا جوان مس ٿي ته پيءُ هن جي شادي سنگهار سان ڪرائي ڇڏي هڪ ڏورانهين ڳوٺ موڪلي ڇڏيو. پر قسمت کي ڪجهه ٻيو ئي منظور هو، شادي ٿي گهوٽ ڪنوار اڃا گهر مس پهتا ته گهوٽ جي طبيعت خراب ٿي ويئي. اتي ئي سندس گهڻي ٽهل ٽڪور ڪئي ويئي پر کيس ودوا ٿيڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه لڳي هئي. پيءُ ته کيس اڳي ئي اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي هئي ته هاڻي ان گهر مان هن جي ارٿي ئي نڪرڻ گهرجي پر ساهرا سندس نڀاڳ جي ڪري هاڻي گهر ۾ رکڻ لاءِ تيار نه هئا. نيٺ ڳوٺ جي ڪنهن چڱي مڙس جي چوڻ تي هو کيس پاڻ وٽ رکڻ لاءِ راضي ته ٿيا پر نڀاڳي هجڻ جو طعنو ڄڻ ته هوءَ پاڻ سان گڏ ڏاج ۾ ساڻ کڻي آئي هئي جو هر وقت اهڙا طعنا ٻڌندي هئي. هاڻي ته هو پاڻ به پاڻ کي اڀاڳڻ ئي سمجهندي هئي.

    اهو تعلقي کپرو جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هو جنهن جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي هو. جيتوڻيڪ اتي هڪڙو کوه به هو پر ڳوٺ وارن لاءِ ڪنهن فائدي جو نه هو. ان جي کاري زهريلي پاڻي پيئڻ سان ماڻهو مختلف بيمارين جي ور چڙهي ويندا هئا. ڪيترن ئي ماڻهن جي ٽنگن جو هڏيون ڦريل هيون ۽ ڪن جا ته سڀ ڏند ڪري پيا هئا. تر جي ڊاڪٽرن ان تڙ جو پاڻي پيئڻ کان منع ڪيو هو پر پوءِ به ماڻهو اهو پاڻي پيئڻ تي مجبور هئا. ڳوٺ وارن لاءِ اهو هڪ پُر اسرار کوهه هو جنهن جي باري ۾ مختلف قسم جون ڳالهيون مشهور هيون.

    (حقيقت ۾ ان پاڻي ۾ فلورائيڊ جو مقدار وڌيڪ هجڻ سبب فلوروسز ۽ آرٿريٽس بيماريون ٿين ٿيون. ان بيماري ۾ پهريون آهستي آهستي ڏند ڪِرڻ شروع ٿين ٿا ۽ ان پاڻي جي لڳاتار استعمال ڪرڻ سان هڏن جون ٻيون مختلف بيماريون ٿين ٿيون. اهي بيماريون صرف ان پاڻي جي ڪري نه ٿينديون آهن پر غذا.يت جي اڻاٺ جي ڪري پڻ ٿين ٿيون.) هن ڳوٺ ۾ به ڪيترائي ماڻهو اهڙين بيمارين ۾ مبتلا هئا، کين پهريون ته ڏندن جي تڪليف ٿيندي هئي پوءِ هڏن (خاص ڪري ٽنگن) جي هڏن جو مسئلو ٿيندو هو جنهن کان پوءِ ٽنگن جا هڏا ڦري ويندا هئا.

    سنگهار جنهن اسپتال ۾ ڪم ڪندو هو سڳنڌ جو پيءُ به اتي ئي ڪم ڪندو هو. هو اصل ۾ ته ڪارونجهر جي هنج ۾ پلجندڙننگر پارڪر جو هو پر ڪجهه عرصو پهرين هتي بدلي ٿي آئي هيس سنگهار ايترو پسند آيس جو کيس پنهنجي اڪلوتي ڌيءُ جو سنڱ ڏئي ڇڏيو هئائين. سنگهار جي گهر وارا به ڏاڍا خوش هئا ۽ ڪجهه سال پهرين منڱڻو ڪري ڇڏيو هئن. ڪجهه مهينا اڳ سڳنڌ جو پيءُ فوت ٿي ويو ته سنگهار جي گهر وارن سندس شادي جي تاريخ ٻڌي ڇڏي ڇو ته هاڻي هوءَ اڪيلي ٿي پئي هئي. پر شادي جي ٻي ڏينهن ئي سنگهار جي موت سڳنڌ کي هن گهر لاءِ اوپرو بڻائي ڇڏيو

    پهرين ته کيس گهر مان ئي ڪڍيو ويو پر ڳوٺ جي ڪجهه ماڻهن جي چوڻ تي هن کي گهر ۾ رکڻ لاءِ سڀ راضي ٿي ويا. گهر ۾ ساڻس ڪوئي به نه ڳالهائيندو هو پرهوءَ هنن جو هر ڪم ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهائين. پهرين ڏينهن صبح سوير جڏهن هوءَ ٿوراهو وٽ پاڻي ڀرڻ آئي ته ڪيتري ئي دير ان سان ڳالهائيندي رهي. هن جي پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪڙو مشهورکوهه هو جيڪو مارئي جي کوهه جي نالي سان مشهور هو. ننڍپڻ کان جواني تائين هوءَ ان کوهه سان ڳالهيون ڪندي وڏي ٿي هئي. ماڻهو اتي باسون باسڻ ايندا هئا. مارئي کي پنهنجي من جي مراد ٻڌائي ان کوهه ۾ سڪو اڇلائي ويندا هئا. اهو سڀ ڏسي ڏسي هو ڪڏهن کان مارئي جي کوهه سان پهنجي هر ڳالهه ڪرڻ لڳي کيس ياد نه هو. هاڻي هن ڳوٺ ۾ به هن ائين ئي ڪيو هو ۽ هن کوهه سان ونڊڻ لاءِ ته وٽس گهڻو ڪجهه هو.

    هن ٿوراهو کي مارئي وارو قصو به ٻڌايو ۽ پوءِ پنهنجو تعارف ڪرائڻ کان پوءِ جڏهن گهڙا ڀرڻ لاءِ اٿي ته دنگ رهجي وئي هئي خالي گهڙا پاڻ ئي ڀرجي ويا هئا. ٻي ڏينهن به هوءَ اچڻ سان ئي ٿوراهو سان ڳالهائڻ ويهي رهي ۽ ساڳي طرح سندس گهڙا ڀريل مليس. پوءِ ته هوءَ پوري ڳوٺ ۾ صرف ٿوراهو کي ئي پنهنجو سمجهڻ لڳي ۽ اهيو ئي خيال ڪيائين ته ٿوراهو مٿس راضي آهي ۽ مارئي جي کوهه وانگر هو به ماڻهن جي من جون مرادون پڄائيندو آهي.

    هاڻي ٻن سالن کان اهيو سلسلو جاري هو. هوءَ صبح وارو صاف پاڻي پيئڻ لاءِ رکندي هئي باقي جيڪو پاڻي ٻار شام جو ڀري ايندا هئي اهو هوءَ استعمال ڪرڻ لاءِ رکندي هئي. انهي سموري عرصي ۾ سڳنڌ ۽ ٿوراهو جو آقا ۽ غلام وارو رشتو جڙي ويو هو. ڏينهون ڏينهن هن جي دل ۾ عقيدت وڌندو پئي وئي.

    ڪيتري ئي دير هوءَ ٿوراهو سان پنهنجو حال اورڻ کان پوءِ اٿي پنهنجي گهڙن وٽ آئي ته گهڙن کي خالي ڏسي پنهنجي جڳهه تي دنگ رهجي وئي. اڄ پهريون دفعو هو جو سندس گهڙا خالي پيا هئا. حيران پريشان ٿيندي هُن ٿوراهو ڏانهن ڏٺو پر اتي به کيس ڪو جواب ڪو نه مليو. هُن هڪ دفعو ٻيهر ناراضگي منجهان ٿوراهو ڏانهن ڏٺو ۽ ڪاوڙ ۾ پنهنجا گهڙا کڻڻ لڳي هئي ته کيس احساس ٿيو ته هوءَ خالي گهڙا کڻي گهر ويئي ته سندس شامت اچي ويندي.

    “ڇا ٿيو، کوهه ۾ پاڻي ڪونهي ڇا؟” هوءَ اڃا اُتي ئي بيٺي هئي ته سارنگ اچي کانئس پڇيو.

    اڄ سارنگ کي پاڻي جي واري دير سان ملي هئي ان ڪري هو کوهه تي دير سان پهتو هو.

    خاموش ۽ بي معنيٰ نظرن سان سڳنڌ هُن ڏانهن تڪيو. وٽس ڪو جواب نه هو. هُن اڄ ڏينهن تائين اهو پُر اسرار راز ڪنهن کي به نه ٻڌايو هو سو هاڻي سوچڻ لڳي ته کيس ڇا جواب ڏي.

    “توکي پاڻي کپي ته آئون ڏيان؟” سڳنڌ کي خاموش ڏسي سارنگ کانئس پڇيو.

    “نه نه آئون ڀري وٺندس پاڻهي.” هوءَ جلدي کوهه ڏانهن وڌڻ لڳي

    “سڳنڌ اڄ مونکي ڪجهه گهڻو پاڻي مليو آهي ان ڪري تون اڄ هي صاف پاڻي کڻي وڃ.” سارنگ هُن جي هٿ مان گهڙو وٺي پنهنجي گهگهي مان ان ۾ پاڻي اوتڻ لڳو.

    سڳنڌ پاڻي وٺڻ تي مجبور هئي ان ڪري خاموشي سان سارنگ کي ڏسندي رهي.

    ٽيئي گهڙا ڀرڻ کان پوءِ سارنگ پاسي تي ٿي بيٺو جنهن کان پوءِ هوءَ گهڙا کڻي وڃڻ لڳي. سڳنڌ جو ذهن ته ڪنهن ٻي ڳالهه ۾ اٽڪي پيو هو. هُن کي پريشاني لڳي ته ٿوراهو آخر ڪهڙي ڳالهه تان هِن کان ناراض ٿيو آهي. آخر ڪهڙي ڪوتاهي ٿي آهي جو هُن اڄ ائين پنهنجي مهر جي نظر ڦيري ڇڏي.

    هلندي هلندي اچانڪ کيس ڪو خيال آيو جو هُن پوئتي مُڙي نهاريو. جيڪو خيال اڃا ذهن جي ڪنهن ڳجهي ڪوٺي ۾ لڪل هو سو ظاهر ظهور ٻاهر اچي نشانڀر ٿي بيٺو. سڳنڌ کي اها ڳجهارت پروڙڻ ۾ ڪا گهڻي ويرم ڪا نه لڳي هئي. هاڻي کيس خبر پئجي وئي ته اها مهرباني مٿس ٿوراهو نه پر سارنگ ڪندو هو..گهر پهچي هوءَ سڄو ڏينهن ان ڳالهه جي ڪري ئي پريشان رهي کيس پنهنجي بيوقوفي تي حيرت سان گڏ گڏ ڪاوڙ به اچي رهي هئي. پر هاڻي هُن وٽ پنهنجي گهر وارن کي سواءِ ٿوراهو جو پاڻي پيارڻ جي ٻيو ڪو به چارو نه بچيو هو.

    گهر وارن مان ڪنهن جي به ساڻس ايتري نه لڳندي هيس جو هوءَ ڪنهن سان اها ڳالهه ڪري سگهي ان ڪري هوءَ سوچ ۾ پئجي وئي ته سارنگ کي آخر ڪيئن منع ڪري.

    هيڪر ته سندس دل ۾ آيس ته سارنگ کي معلوم ٿيڻ ئي نه ڏي ته هوءَ ان ڳالهه کان واقف ٿي چڪي آهي پر وري اهيو سوچيائين ته “اڄ نه ته سڀاڻي ڳوٺ ۾ ضرور اها ڳالهه ڪنهن نه ڪنهن جي ذريعي معلوم ٿي ويندي، پوءِ هن جو ته ڇا پر سارنگ جو به هتي رهڻ محال ٿي ويندو.

    “اڳي ئي منهنجي ڪري هي سڀ اهڙي حال ۾ پيا گذارين، مٿان وري منهنجي ان ڳالهه جي ڪري بدنامي ٿيندن ته پوءِ ته مونکي جيئري ئي زمين ۾ پوري چڏيندا.” سڄي رات هِن انهي پريشاني ۾ گذاري ڇڏي،پاڻي ڀرڻ کان انڪار ڪرڻ سندس وس جي ڳالهه نه هئي ۽ ٿوراهو جو پاڻي گهر وارن کي پياري هو ٻي مشڪل مٿان نه پئي آڻي سگهي.

    صبح جو هوءَ پاڻي ڀرڻ ته وئي پر کيس همٿ نه هيس جو ٿوراهو ڏانهن وڌي سگهي. هُن آس پاس نهاريو ته اُتي ڪو به موجود نه هو. دل ۾ هڪ آس هيس ته شايد ڪالهه واري ڳالهه اتفاق هجي ۽ اڄ به پاڻهي سندس گهڙا شفاياب پاڻي سان ڀرجي وڃن. پنهنجي گمان کي دور ڪرڻ لاءِ هُن ساڳي ڪِرت ڪئي، گهڙا رکي هٿ ٻڌي هوءَ وري کوهه سان ڳالهائڻ لڳي پر سندس ڌيان پويان رکيل گهڙن ۾ هيس. ڪافي دير هن ڄاڻي ٻجهي پويان نه نهاريو پر جيڪو شڪ دل ۾ ويهجي ويو هيس ان کي دور ڪرڻ لاءِ هن پويان ڏٺوته پويان ڏسڻ سان ئي سندس شڪ ثابت ٿي ويس.

    هو شايد گهڙا ڀري واپس وڃي رهيو هو جو سڳنڌ جي ڪڙي جو آواز ٻڌي سندس قدم اتي ئي رڪجي ويا.

    سڳنڌ پنهنجا گهڙا ڀريل ڏسي حيران هئي. هن ايتري مهارت سان گهڙا ڀريا هئا جو سڳنڌ کي ته احساس ئي نه ٿيو هو ته هِن کان علاوه به ڪوئي اِتي موجود آهي.

    سارنگ کي ڏسي سڳنڌ جي چپن تي چپ لڳي ويئي. کيس ڪجهه پلن ۾ ئي احساس ٿي ويو ته جيڪڏهن اڄ هن کي انڪار ڪندي ته پوءِ گهر وارن کي ڪيترين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پوندو اهو به کيس اندازو هو پوءِ ته سندس بدنصيبي جي فهرست ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندس.

    “سڳنڌ آءُ هي سڀ ڪجهه تو ڪاڻ پيو ڪريان. سنگهار جا گهر وارا توکي پنهنجي هر مشڪل جو ذميوار سمجهن اها ڳالهه آءُ برداشت نٿو ڪري سگهان. سنگهار زنده هجي هان ته توکي پنهنجي گهر جي شهزادي بڻائي رکي هان. هو تو کي اهڙا طعنا ڪڏهن به برداشت ڪرڻ نه ڏي هان.”

    “اهو سڀ منهنجي نصيب جي ڳالهه هئي، تو کي جيڪڏهن ايتري همدردي هئي ته سڌو سنئون گهر اچي به پاڻي ڏئي پيو سگهين.”

    “ها، مون شروع وارا ڪجهه ڏينهن ائين ئي ڪيو هو پر ڪجهه ڏينهن مسلسل تنهنجي گهر اچي روز ڏسندو هيس ته هو توسان ڪهڙو حشر ڪندا هئا، هو تو کي پنهنجي هر مصيبت جو ڪارڻ سمجهن پيا. مون کي اندازو نه هو ته اهي تو سان جانورن جهڙو سلوڪ ڪندا. کوڙ ڏينهن لڳاتار ايندو رهيس پر ڪڏهن توکي مار کائيندي ڏسندو هيس ته ڪڏهن گهر وارن جي هٿان ذليل ٿيندي ڏسڻ کان پوءِ اهيو فيصلو ڪيم ته ڪهڙي به طرح تو مٿان ماڻهن جا طعنا ۽ ملامتون ڀل ته ختم نه ڪري سگهان پر گهٽ ضرور ڪندس. ”

    “تو کي اندازو ڪونهي ته جيڪڏهن اِها ڳالهه ڳوٺ ۾ ڪنهن کي به خبر پئي ته پاڻ ٻئي ڪٿي جا ڪو نه رهنداسين.”

    “ٻن ورهين کان آءُ تنهنجا گهڙا ڀريندو رهيو آهيان ڪنهن کي گمان به ٿيو آهي ڇا؟ ڪالهه به جيڪڏهن مون کي پاڻي جي واري دير نه ملي هان ته توکي خبر ڪين پوي هان.”

    سڳنڌ سارنگ کي ڪو جواب نه ڏنو. هوءَ هڪ عجيب ٻڏتر جو شڪار ٿي وئي هئي. کيس اهو ڊپ هو ته ڪڏهن نه ڪڏهن سڀني کي اها خبر پئجي ويندي.

    “سارنگ جيئن اڄ مون کي خبر پئي آهي تيئن ٻين کي به خبر پئجي سگهي ٿي ۽ پوءِ گهر وارا مون کي ڪيڏو بي عزت ڪندا اهو تو کي اندازو هوندو.”

    “هونئن وري ڪهڙو توکي عزت سان رکيو اٿن سڳنڌ. اٿندي ويهندي ته تنهنجي بي عزتي ڪندا رهندا آهن. گهر ۾ صرف تو کي پنهنجي مقصد لاءِ ويهاريو ويٺا آهن تون سڄو ڏينهن سندن غلامي ڏين ٿي. اڃا کين ڇا کپي، سنگهار جو موت ته ان ڏينهن تي ئي ٿيڻو هو پر سڳنڌ تنهنجي روپ ۾ هنن لاءِ قدرت واري هڪ ٻيو سنگهار هنن ڏانهن موڪليو آهي. ان ناشڪرن ماڻهن کي ته پالڻهار سان گڏ گڏ پنهنجو به شڪر مڃڻ گهرجي تون نه هجين هان ته سندن حالت وڌيڪ خراب هجين هان.”

    پهريون دفعو سڳنڌ کي ڪنهن ان ڳالهه جو احساس ڏياريو هو. سارنگ جي ڳالهه سندس دل کي اها تسلي ڏياري هئي ته هوءَ نڀاڳي ناهي. ان ڳالهه ته ڄڻ منجهس هڪ روح ڦوڪي ڇڏيو هو ته کيس سنگهار جي جڳهه تي موڪليو ويو آهي. هن سنگهار سان گڏ هُن هڪ گهڙي به نه گهاري هئي پر سنگهار کي پاڻ سان گڏ ئي محسوس ڪندي هئي ۽ سارنگ جون ڳالهيون ٻڌي هُن کي ائين لڳو ڄڻ سنگهار سندس اڳيان اچي بيٺو هو.

    اڄ ڪيتري ئي عرصي کان پوءِ ڪنهن جي ڳالهه ٻڌي سڳنڌ جي کاٻي هٿ جي مٺ بند ٿي وئي جنهن کي ڏسي هوءَ حيران ٿي وئي کيس پنهنجي پراڻي عادت ياد اچي وئي. ننڍپڻ کان ئي سڳنڌ جي هڪ عادت هئي ته جڏهن به ڪوئي دل کي وڻندڙ ڳالهه ڪندو هيس ته سندس کاٻي هٿ جي مٺ بند ٿي ويندي هيس. ائين لاشعوري طور اها ڳالهه سندس مٺ ۾ هميشه لاءِ مقيد ٿي ويندي هئي.

    سارنگ کي اڄ به ياد هو جڏهن سڳنڌ پهريون دفعو ٿوراهو تي پاڻي ڀرڻ وئي هئي. اتفاق سان سارنگ به اتي ڪنهن ڀٽ تي ويٺو هو. هو ٿوراهو کي پنهنجي بي گناهي جو يقين ڏياري رهي هئي. کيس پنهنجي ڳوٺ جي مارئي واري کوهه جو قصو ٻڌائي رهي هئي. هن ٿوراهو کي هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائي هئي، اڳ ڪڏهن به سارنگ اهڙي قسم جي ڳالهه نه ٻڌي هئي.

    “ٿوراهو آءُ سڳنڌ آهيان جنهن کي پنهنجو پيءُ چوندو هو ته آءُ انهن جي جيون ۾ مهڪار ئي مهڪار کڻي آئي هيس ان ڪري انهن منهنجو نالو سڳنڌ رکيو. اها ڳالهه مون پنهنجي کاٻي هٿ جي مٺ ۾ بند ڪري ڇڏي. ٿوراهو تو کي ڪونهي نه خبر ته اسان پنهنجن پرين پيارن جون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪهڙي طرح سانڍي رکندا آهيون. ائين آءُ ڄاڻي واڻي ڪو نه ڪندي هيس، بابا جون اهڙيون ڳالهيون ٻڌي ازخود ئي منهنجي کاٻي مٺ بند ٿي ويندي هئي. ۽ اهڙيون ڳالهيون ئي منهنجي جيون جو سهارو بڻيون آهن.”

    سارنگ جي چپن تي مرڪ اچي وئي. هِن اڄ به سڳنڌ جي کاٻي مٺ کي بند ٿيندي ڏٺو جنهن جي ڪري من کي هڪ انوکي خوشي جو احساس ٿيس.

    “سڳنڌ تون ڪجهه به چئه پر آءُ توکي ائين لاوارثن وانگي نه ڇڏيندس. ڀل هي سڀ توکي اڀاڳي چون پر آءُ تنهنجي لاءِ هميشه موجود هوندس.”

    سڳنڌ کي هن جي هٺ ڌرمي ڏاڍي وڻي. ڪيترن ڏينهن کان پوءِ ڪنهن احساس ڏياريو هيس ته جانورن جيان گهمندڙ ڦرندڙ سڳنڌ کي به انسانن جيان جيئڻ جو حق آهي. خاموشي سان گهڙا کڻي هوءَ گهر ڏانهن هلي وئي.

    ٻي ڏينهن هو ٿوراهو ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ ڀٽن جي ڀرسان بيٺل سارنگ کان پاڻي وٺي هلي آئي ۽ هاڻي اهيو روز جو معمول بڻجي ويو هو. سڳنڌ جي مک تي شفاف مرڪ اڀرڻ لڳي هئي. سارنگ لاءِ هُن جي اها مرڪ ڏاڍي تسلي بخش هئي. هُن جي ائين سرهائي مان اچي پاڻي وٺڻ سان هن اڇڙي ٿر جو ٿوهر،ڪنڊي،ٻٻري، ڦوڳ، روهڙو، کٻڙ، ٻٻري، کٻ ۽ ٽوهه چنبيلي، رابيل، گلاب،رات جي راڻي، ياسمين،سورج مکي ۽ گلاب جو گل بڻجي ويا هئا.


    ڪافي عرصو گذري ويو سارنگ ائين ئي سڳنڌ کي پاڻي ڏيندو رهيو. هاڻي ٻنهي جي وچ ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون ٿينديون رهنديون هيون. سارنگ هن کي پنهنجي ۽ سنگهار جي ڏٺل خوابن جي باري ۾ ٻڌائيندو هو. هو کيس اهيو به ٻڌائيندو رهندو هو ته سنگهار پنهنجي ڳوٺ جي خوشحالي لاءِ ڪيترو نه پراميد هوندو هو.

    “مون کي اڪثر ائين لڳندو آهي جهڙو تون سنگهار ئي آهين، مون ان سان ڪڏهين ڪين ڳالهايو هو صحيح طرح ڏٺو به نه هو هن کي پر پوءِ به يقين اٿم ته هو تو جهڙو ئي هوندو.” سڳنڌ کي ائين لڳندو هو ته هو به سارنگ جهڙو ئي هوندو ان ڪري اڄ سارنگ کي چئي ڏنائين

    “هي سڀ ڳالهيون ان کان ئي ته سکيون اٿم، اسان ٻنهي جو خواب هڪ جهڙو نه پر هڪ ئي هو. بس هڪ فرق هو اسان ٻنهي ۾ ، آءُ ذري ذري مايوس ٿي ويندو هيس ۽ هو ڪڏهن به مايوس نه ٿيو . هو منهنجي مايوسين کي اهڙي طرح ختم ڪندو هو جو ٻيهر ڪڏهن اهي ڳالهيون ڀلجي به منهنجي ذهن ۾ نه اينديون هيون.”

    “صرف سٺو سوچڻ سان اسان جو مشڪلاتون ختم ته ڪو نه ٿي سگهنديون نه. سارنگ پاڻ ته ڏکيو سکيو وقت ڪڍي وينداسين پر جيڪڏهن اسانجي ايندڙ نسل لاءِ اڃا پريشانيون وڌيون ته پوءِ مايوسي نه ٿيندي ٻيو ڇا ٿيندو.”

    “آءُ به اهڙيون ڳالهيون ڪندو هيس سنگهار جي اڳيان. تون ڏسجئين ته ڪيئن نه اسان جي سڻائي ٿي ٿيئي هاڻي. ڪالهه ئي ڀرسان واري ڳوٺ جي کوهه تي ڪم شروع ٿيڻ لاءِ وڏيون وڏيون مشينيون آنديون اٿن. شهر کان وڏا صاحب آيا آهن اهي مشينن جي ذريعي پاڻي ڪڍندا پوءِ اهو پاڻي پائيپن ذريعي سڀني ڳوٺن تائين پهچندو. انهن ڏينهن جي تمنا ئي ته ڪئي هئي سين پوءِ ڏس هاڻ ٿيئي پئي نه اها آس پوري.”

    “جيسين اهو ڪم پورو ٿيئي تيسين تون پاڻي ڪٿان ڀريندين؟”

    “مون کي ڪيترو به پرتي وڃڻو پوي آءُ ويندس، هيستائين به ته ڏکيائين کي منهن ڏنو آهي نه ڪم پورو ٿي ويندو ته پوءِ سک ئي سک هوندا. آءُ رات جو ئي ڳوٺان نڪري ويندس پوءِ صبح نه ته منجهند تائين ته ڳوٺ واپس پهچي ئي ويندس.”

    “پر تو ته چيو پئي ته تون ان ڳوٺ کان علاوه ٻيو ڪيڏانهن ويو ئي ناهين پوءِ ايترو ڏور ڪيئن ويندين؟”

    “ٻين ڳوٺن مان به ماڻهو ويندا سڳنڌ آءُ اڪيلو ٿورئي هوندس.”

    “تو کي لڳي پيو ته اهي صاحب جيڪو چون پيا اهو ايترو سولائي سان ٿي ويندو. هو اسان لاءِ بنا مقصد جي ايترو ڪم ڇو ڪندا اهو به ايترو ٿوري وقت ۾؟” سڳنڌ جي دل مڃڻ لاءِ تيار نه هئي ته انهن جون تڪليفون ايتري آساني سان ختم ٿي وينديون.

    “سڳنڌ هي سڀ ايترو جلدي ڪونهي. هي خواب صرف منهنجي ۽ سنگهار جي اکين نه ڏٺا هئا. هي ته انهن صدين کان ڏٺل خوابن جي ساڀيان آهي جيڪي اسان جي ابن ڏاڏن ڏٺا هئا، اڃا تون چوين ٿي ته هي ايترو جلدي پيو ٿيئي.” سارنگ جي اکين مان انهن صدين جو انتظار جهلڪي رهيو هو.

    سڳنڌ خاموشي سان سندس اکين ڏانهن نهاريندي هُن کي ٻڌندي رهي.

    “۽ انهن جو مطلب ته آهي نه، حڪومت اربين روپين جو بل منظور ڪيو آهي تڏهن ته هو ڪم ڪرڻ آيا آهن، ان ڪم لاءِ کين جام پيسا ملڻ وارا آهن.”

    “مالڪ ڪري ته ائين ٿيئي.” سڳنڌ پراٿنا ڪئي

    “تون بس ويهي ڌڻي در ٻاڏائيندي ره ۽ ڳڻتي نه ڪجان دير مدار آءُ پاڻي ڀري پهچي ويندس.”

    “ٺيڪ آهي آءُ سڀاڻي صرف ڍورن لاءِ پاڻي ڀري هلي ويندس پر تون جلدي اچڻ واري ڪجانءِ.”

    سڳنڌ کيس نگاهن سان الوداع چئي گهر هلي ويئي ۽ سارنگ سندس ڪڙي جي ڇم ڇم جي آواز کي دل ۾ سموئي ڇڏيو.


    ٻي ڏينهن جو سج ته انتظار جو سج ٿي اڀريو. صبح تائين ته صرف سڳنڌ کي اوسيئڙو هو پر منجهند ٿي ته ڳوٺ وارن کي به سارنگ جي ڳڻتي لڳي. سج لهي ويو پر اکين ۾ انتظار جي تپش ڇڏي ويو. سارنگ جي ماءُ در در وڃي سڀني کي پٽ جي ڳولها ڪرڻ لاءِ چئي رهي هئي. هر ڪوئي کيس دلاسا ڏئي رهيو هو ته سارنگ سڀاڻي ضرور اچي ويندو.

    سڳنڌ کي پاڻي جي ايتري ڳڻتي ڪونه هئي هن کي ته بس سارنگ جو فڪر هو اها رات هن جاڳي گذاري. آسمان تي جڏهن آخري ستارو بچيو ته هوءَ پنهنجا گهڙا کڻي ٿوراهو وٽ هلي آئي. دل کي سوين وسوسن اچي گهري ڇڏيو هو. هوءَ هڪ دفعو ٻيهر پاڻ کي بدنصيب سمجهڻ لڳي.هو صرف سڳنڌ لاءِ ئي ابرِرحمت نه هو پر سموري ڳوٺ لاءِ اونهاري جو اهو بادل هو جنهن جي وسڪاري کان پوءِ ٿر سراپا سونهن بڻجي ويندو آهي.

    “ڪاش ٿوراهو تنهنجو هي کارو پاڻي به سڪي وڃي ۽ اها خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وڃي، پوءِ ته سارنگ اها خبر ٻڌي ته سندس ڳوٺ واسي ان زهريلي پاڻي ڪاڻ به سِڪن پيا، اهيو ٻڌي ته هو جتي به هوندو ڊوڙندو پنهنجي ڳوٺ اچي ويندو.” ڪيتري ئي دير هوءَ ٿوراهو وٽ بلا وجه ويٺي رهي ۽ سارنگ جي واپس اچڻ جا طريقا سوچيندي رهي.

    ٻي ڏينهن ڳوٺ جا ڪجهه ڇوڪرا ڀرسان واري ڳوٺ مان سارنگ جي پڇا ڪري آيا پر اتي ڪنهن کي به سارنگ جي خبر نه هئي. ڪيترائي ڏينهن گذري ويا پر سارنگ جو ڪو پتو نه پيو. سڳنڌ گهر وارن کان لڪي سارنگ جي ماءُ وٽ ايندي رهندي هئي ۽ کيس دلاسا ڏيندي رهندي هئي ته هو جلدي واپس ايندو پر ماءُ هئي سا پٽ جي وڇوڙي ۾ وئي ٿي ڳرندي.

    هاڻي سڳنڌ جي صبر جي حد به ختم ٿي وئي هئي، نيٺ هڪ ڏينهن صبح سوير هوءَ ڪنهن کي ٻڌائڻ جي بنا ئي ڳوٺان نڪري آئي. پڇائيندي پڇائيندي هوءَ ان ڳوٺ تائين پهتي جتان سارنگ پاڻي ڀريندو هو. کوهه وٽ پهتي ته اتي واقعي وڏيون وڏيون گاڏيون ۽ وڏا ماڻهو بيٺل ڏٺائين. پر هي ڇا اهي سڀ ته اهو سڄو سامان واپس کڻي وڃي رهيا هئا، سڳنڌ کي هن مهل ان ڳالهه سان ڪو مطلب نه هو ته هي سڀ واپس ڇو پيا وڃن. هن جلدي وڃي اتان جي ڪجهه ڪولهين کان ٻي ڳوٺ جي پڇا ڪئي جتان سارنگ ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو پاڻي ڀرڻ ويا ٿي. اهو ڳوٺ ڪافي پري هو پر سڳنڌ همت ڪري اتان نڪري آئي کيس ڪا خبر نه هئي ته هوءَ ڪيڏانهن پئي وڃي پر اها پڪ هئس ته جيڏانهن وڃي پئي سارنگ اوڏانهن ئي آهي.

    سڳنڌ جڏهن ان ڳوٺ پهتي ته شام ٿيڻ واري هئي، ڀلائي اها ٿيس جو ڳوٺ جي ٻاهران ئي هڪ ڪولهي کيس سارنگ جي خبر ٻڌايس ته سارنگ جنهن رات ان ڳوٺ پهتو هو ان رات ئي مٿس پيئڻ بلا حملو ڪيو هو، ڪافي دير ڳوٺ وارا کيس ڦٽڪي ۽ کير سان علاج ڪندا رهيا پوءِ وڏي مشڪلن سان ڪجهه ماڻهن کيس ڀرسان واري اسپتال پهچايو. اها خبر ٻڌي سڳنڌ جو ته ساهه ئي مٺ ۾ اچي ويو، کن پل لاءِ ته سمجهه ۾ نه آيس ته هوءَ ڇا ڪري، ٿوري سامت ۾ آئي ته کانئس شهر ويندڙ گاڏي جو پڇي وري هڪ اڻ ڏٺي سفر ڏانهن رواني ٿي ويئي.

    شهر پهچندي پهچندي کيس سومهڻي ٿي وئي ۽ اسپتال پهتي ته اڌ رات ٿي چڪي هئي. اتي ڪم ڪندڙ ڪمپائونڊر کي سنگهار جو حوالو ڏنائين ته ان سندس سارنگ کي ڳولهڻ ۾ مدد ڪيس ۽ اهو به ٻڌايائنس ته سارنگ کي ڪوئي پوڙهو مڙس هتي کڻائي آيو هو جيڪو هتي روز چڪر تي ايندو آهي. سارنگ جو هيڊائو منهن ڏسي سڳنڌ جو اندر ڳرڻ لڳو هو شايد ننڊ پيو هو ان ڪري سڳنڌ سندس ڀرسان ويهي سندس صحتيابي لاءِ ٻاڏائيندي رهي.

    پر ڪجهه ئي دير ۾ ڊاڪٽر آيو جنهن کيس ٻڌايو ته “پيئڻ بلا سارنگ جي اکين تي حملو ڪيو. ڪو معجزو ئي اهي جو ماڻهن جي تڪڙي پڄڻ جي ڪري هوءَ پنهنجو پورو زهر سارنگ جي جسم ۾ منتقل نه ڪري سگهي آهي جنهن جي ڪري هو بچي ويو آهي، پر پوءِ به هو هاڻي ڪڏهن ڏسي نه سگهندو. اتي جيترو علاج ٿي پيو سگهي اهو ٿي ويو آهي ان لاءِ هنن کي سڀاڻي ئي بيڊ خالي ڪرڻ جو چيائين ڇو ته اسپتال ۾ مريض وڌيڪ هئا ۽ بيڊ گهٽ هئا.”

    سڳنڌ ڊاڪٽر کي گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته هو سارنگ جو علاج ڪري پوري طرح ٺيڪ ٿيڻ تائين اتي رهڻ جي اجازت ڏئي پر ڊاڪٽر ايتري رکائي سان جواب ڏنس جو سڳنڌ کيس ٻيهر چوڻ جي همت نه ساري سگهي.صبح جو ڊاڪٽر کان وڌيڪ علاج لکرايائين ته ايتري ۾ اهو ماڻهو به اچي ويو جيڪو سارنگ کي هتي کڻائي آيو هو تنهن دوائون ۽ پاڻي به وٺي ڏنس ۽ سارنگ جو گڏه گاڏو به تيار ڪري ڏنائيس. ڪمپائونڊر جي مدد سان سارنگ کي اچي گاڏي تي سمهاري سڳنڌ کي ڳوٺ روانو ڪيائين. سڳنڌ لاءِ گڏهه گاڏو هلائڻ ڪا مشڪل ڳالهه نه هئي، سندس ڳوٺ جون تقريبن سڀئي عورتون گڏهه گاڏو هلائڻ ڄاڻينديون هيون. سارنگ دوائن جي اثر هيٺ هو پر رستي ۾ سڳنڌ کيس پاڻي پيئارڻ سان گڏ گڏ ڳالهائيندي ٻولائيندي به رهي.

    ڳوٺ پهچندي پهچندي کين سانجهي ٿي ويئي اهو ته ڀلو ٿيو جو سڳنڌ پاڻ سان گڏ ٽارچ کنئي هئي جنهن کيس اوڻٽيهه اونداهي ۾ رستو پار ڪرڻ ۾ سڻائي ڪيس. .پاڙي وارن کيس ڏٺو ته ڊوڙندا آيا ۽ سارنگ کي گهر اندر کڻي وڃي کٽ تي سمهاريائون. سارنگ جي ماءُ پٽ جي اچڻ تي جيتري خوش ٿي اوتروئي افسوس کيس اهڙي حالت ۾ ڏسڻ کان پوءِ ٿيس. ٿوري ئي دير ۾ سارنگ کي ٿورو هوش آيو ته سڳنڌ کيس چانور ۽ کير کارائي دوائون کارايون جنهن کان پوءِ هو پنهنجي گهر آئي.

    “ڪٿي هئين تون ڪميڻي عورت؟” ٻن ڏينهن ۾ کيس هڪ دفعو به اهو خيال نه آيو هيس ته سندس گهر وارا ائين نڪري وڃڻ تي ڇا چوندا. پر هاڻي گهر ۾ گهڙندي ئي سهري جي سوال مان اندازو ٿي ويس ته پويان ڪهڙي باهه ٻري ويئي هئي.

    “سارنگ کي ڳولهڻ وئي هيس.” سڳنڌ وراڻيو

    “پورو ڳوٺ مري ويو هو ڇا جو تو ائين نڪري وئين؟”

    “ڳوٺ وارا ته واپس ڀرسان واري ڳوٺ مان ئي پڇا ڪري موٽي آيا هئا نه... ۽ هو اوهانجي سنگهار جو دوست آهي جنهن سنگهار کان پوءِ به اوهانجو خيال رکيو آهي.”

    “ڪجهه ڏينهن جيڪڏهن هُن همدري خاطر پاڻي ڏنو ته ان جو مطلب اهيو ناهي ته تون هُن جي پويان لڳين. هاڻي هن گهر ۾ تنهنجي لاءِ ڪا جڳهه ناهي، نڪري وڃ هتان.” سهري کيس ٻانهن ۾ هٿ وڌو ۽ دروازي تي بيهاري ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو

    سڀ گهر ڀاتي سڳنڌ ڏانهن نفرت مان نهاري رهيا هئا. نه چاهيندي به هُن اکين سان کين مدد جي التجا ڪئي پر واپسي ۾ کيس وري به حقارت ملي.

    “سنگهار جي وڃڻ کان پوءِ اهو سارنگ ئي هو جنهن هيترو عرصو اوهان کي ٿوراهو جو پاڻي پيئڻ کان بچايو آهي ڪجهه ته خيال ڪيو.” سڳنڌ سارنگ جي خدمتن جي بدلي پنهنجي گهر وارن جي حقارت نه پئي ڏيڻ چاهي ان ڪري گهر وارن کي اها ڳالهه به ٻڌائي ڇڏي.

    “ته تون اسان کي پنهنجي يار کان اهو پاڻي وٺي پياريندي هئين؟؟” سنگهار جي پيءُ جي ڪاوڙ اڃا وڌي وئي هئي، هاڻي هو ڌڪن ۽ چنبن سان گڏ سڳنڌ کي لتون هڻي رهيو هو.

    سڳنڌ خاموشي سان دروازي جي ٻاهران ويهي رهي . جنهن گهر مان ارٿي نڪرڻ جي هن خواهش ڪئي هئي ان گهر جو دروازو هن لاءِ بند ٿي چڪو هو.

    “اتي ڇو ويٺي آهين سڳنڌ؟” ڪجهه ئي دير گذري ته سارنگ جي ماءُ پنهنجي ڪنهن پاڙي واري ڇوڪري سان گڏ اچي سڳنڌ جي ڀرسان بيٺي.

    سڳنڌ جي اکين مان لڙڪ ڪِري ٿر جي پياسي ڌرتيءَ ۾ گم ٿيندا ويا. سارنگ جي ماءُ سڀ ڪجهه سمجهي وئي،کيس ان ڳالهه جو ئي ڊپ هو انڪري هوءَ هتي آئي هئي.

    دروازي وٽ بيهي هُن سنگهار جي ماءُ کي سڏيو ته اندران دروازي جو ڪڙو کليو

    هوءَ اندر گهڙي وئي، ڪافي دير کان پوءِ ٻاهر آئي ۽ ٻاهر اچڻ سان ئي سڳنڌ کي پاڻ سان هلڻ جو چيائين. پهرين ته سڳنڌ انڪار ڪيو پر پوءِ هُن کيس راضي ڪري ورتو.

    اُتي اچي سڳنڌ سڄي رات جاڳندي رهي ۽ اهيو سوچيندي رهي ته آخر پنهنجي گهر وارن کي ڪهڙي ريت پنهنجي بي گناهي جو ثبوت ڏياري. سڄي رات اهيو سوچيندي رهي، رات جي آخري پهر سڳنڌ کي سارنگ جو آواز ڪن تي پيو، هو ماءُ کان پاڻي گهري رهيو هو پر اها گهري ننڊ ستل هئي انڪري سڳنڌ خاموشي سان وڃي کيس پاڻي پياريو.

    “تون گهر ڇو ڪو نه ويئي آهين سڳنڌ.” سڳنڌ ته چپ چاپ آئي هئي پر سارنگ ان جي ڪڙي جي آواز مان سمجهي ويو هو ته سڳنڌ پاڻي کڻي آئي آهي.

    “گهر وارن مون کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو آهي.”

    “سڳنڌ تو کي منهنجي پويان نه اچڻ گهرجي هان.”

    “آءُ تنهنجي پويان ڪو نه آئي هيس، آءُ ان ماءُ جي پٽ جي پويان آئي هيس جنهن وٽ سندس پٽ جي ٻيو ڪو سهارو ڪو نه هو، ۽ آءُ ان سارنگ جي پويان آئي هيس جنهن مون ۾ همت جو جذبو پيدا ڪيو. سارنگ مونکي اهيو احساس ئي نه ٿيو ته تون ڪهڙي مهل مون ۾ اها سگهه ڀري جو آءُ بزدل ائين گهر کان رواني ٿي پيس.”

    “توکي خبر آهي هو اهڙيون ڳالهيون ڪو نه سمجهندا. آءُ هاڻي ڪنهن ڪم جو ڪونه رهيو اهيان، مون کي هتي آڻي تون امان ۽ پنهنجي لاءِ پريشانيون وڌائي ڇڏيون آهن. ” سارنگ سڳنڌ کي ڏسي ڪو نه پئي سگهيو پر کيس محسوس ٿيو ته سڳنڌ جي مک تي هاڻي اهو خوف نه آهي جيڪو شروع کان هن جي منهن تي ڏٺو هئائين.

    “ تو ڪا پريشاني ڪونهي وڌائي، ڏسجئين ته ڪيئن نه جلد ئي تنهنجي بينائي واپس اچي ويندي ۽ پوءِ تون وري ڳوٺ وارن کي پاڻي پيئاريندين.” سڳنڌ اها ڳالهه پوري يقين سان چئي.

    “ايتري همت ۽ يقين تو ۾ اڳ ته نه هو سڳنڌ.” سارنگ پڇيو

    “اوهان کي دلاسا ڏيڻ وارو ماڻهو جڏهن اوهان کان پري هليو وڃي يا اهو پاڻ مايوس ٿي وڃي ته ان جو يقين اوهان ڏانهن اچي ويندو آهي.”

    سارنگ خاموش ٿي سڳنڌ جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو، ائين ٿي ڀانيائين ڄڻ سڳنڌ هڪ رات اندر سڳنڌ مان سنگهار بڻجي وئي هجي.

    آسمان تي آخري ستارو بچيو ته سڳنڌ گڏهه گاڏو تيار ڪيو ۽ ان تي اهو سامان رکيائين جيڪو سارنگ پاڻ سان گڏ کڻي ويندو هو.

    هو سانگ ڏانهن واپس آئي ۽ کيس ٻڌايائين ته اڄ کان ڳوٺ وارن کي هوءَ ئي پاڻي ڏيندي.

    ۽ سارنگ کي لڳو ڄڻ هيءَ اها ئي سسئي آهي جيڪا پنهون پنهون ڪندي پاڻ ئي پنهون ٿي وئي آهي.

    سڳنڌ سارنگ جو ڪم اهڙي ته سهڻي نموني سنڀاليو جو سڄي ڳوٺ کي حيرت پئي لڳي. هوءَ نه صرف وقت تي سڀني کي پاڻي پهچائيندي هئي پر جهنگ مان ڪاٺيون پڻ ڪري اچڻ کان پوءِ ڀرٿ ڀرڻ جو ڪم پڻ ڪندي هئي جيڪو ڳوٺ جو هڪ ڇوڪرو شهر وڃي وڪڻندو هو.جنهن سان هوءَ پنهنجو پاڻ کي ٻين تي بار نه سمجهندي هئي. هُن ڪيترائي دفعا اها ڪوشش ڪئي ته پنهنجي گهر وارن کي به پاڻي ڏي پر پهرين ته هُنن کيس صاف جواب ڏنو، پر ڪجهه ڏينهن ۾ ئي کين مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو ان ڪري سڳنڌ کي سنگهار جي ماءُ وٺڻ آئي.

    سڳنڌ کي ته بس پنهنجي گهر جي ڪنهن ڀاتي جي اچڻ جو انتظار هو سو هوءَ پنهنجي سس سان ان شرط تي وئي ته هوءَ سارنگ وارن جو گهر به ائين سنڀاليندي جيئن پنهنجو گهر.

    سندس سس وٽ ته هاڻي انڪار جي ڪا گنجائش ئي نه رهي هئي ان ڪري سڳنڌ کي پاڻ سان گڏ وٺي وئي.
     
    TAHIR SINDHI ۽ رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    تمام سٺي ڪهاڻي ، جيڪا عورت ۾ اتساه پيدا ڪري ٿي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو