ڄامشورو سيوهڻ روڊ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو شاهد موسو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جمیل احمد لوھارانی برفت طرفان آندل موضوعَ ‏27 جولائي 2017۔

  1. جمیل احمد لوھارانی برفت

    جمیل احمد لوھارانی برفت
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏3 جون 2017
    تحريرون:
    56
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    58
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪوهستان کيرٿر جبل
    ڄامشورو سيوهڻ روڊ تي جڏھن کان آمري قاضي احمد پل ٺھي آھي تڏھن کان هڪ طرف تہ اتان جي مقامي ماڻھن کي وڏو فائدو ٿيو آھي جو انهن جي فاصلي ۾ تمام گهڻي گهٽتائي ٿي آھي . پهرين سن يا آمري جا ماڻھو جيڪڏھن قاضي احمد يا نواب شاھ ويندا هئا تہ ياتہ کين ٻيڙين وسيلي دريا پار ڪري وڃڻو پوندو هو يا وري کين حيدرآباد مان ڦري وڃڻو پوندو هو ، پر آمري پل ٺھڻ کان پوءِ کين سفر ۾ گهڻي آساني ٿي پئي .
    ٻي طرف وري هن پل ٺھڻ کان پوءِ هيوي ٽرئفڪ بہ هن روڊ تان پهريان کان وڌيڪ گذر ڪرڻ لڳي جنهن سبب هن سنگل روڊ تي حادثن ۾ رڪارڊ اضافو ٿي پيو . انهن حادثن ۾ مقامي رهواسين سميت راهگيرن جو وڏو انگ اجل جو شڪار ٿي چڪو . هن روڊ تي حادثا روز جو معمول بڻجي ويا هئا جن ۾ ڪيترائي ماڻھو پنهنجي صحت ۽ زندگي وڃائي ويٺا .
    ان سڄي صورتحال کان پوءِ مقامي ماڻھن ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن هڪ تحريڪ جي شروعات ڪئي سندن مطالبن ۾ ھي مطالبو بہ شامل هو تہ هن روڊ تي فوري طور هيوي ٽرئفڪ جي گذر کي بند ڪيو وڃي ، ۽ ڄامشورو سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪرڻ جو اعلان ڪري ان تي فوري عمل ڪيو وڃي . سندن مطالبن تي وس وارن جي ڪا خاص دلچسپي نظر نہ آئي پر تحريڪ هلائڻ وارن دوستن جا حوصلا بلند رهيا ، ۽ هو مسلسل تحريڪ کي جاري رکڻ ۾ ڪامياب رهيا . آخر هنن دوستن انصاف لاءِ عدالت جو رخ ڪيو جتان تازو هن روڊ جي حوالي سان تمام سٺو فيصلو آيو آھي .
    ڄامشورو سيوهڻ روڊ بابت هاءِ ڪورٽ جي تاريخي فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ روڊ ڊبل ٿيڻ تائين آمري پل وڏي ٽريفڪ لاءِ بند رکي وڃي . ايڊووڪيٽ سعيد ميرجت جي پٽيشن تي ڏنل فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي تہ آمري پل ۽ قاضي احمد کان ڪراسنگ گيٽ هنيا وڃن .
    مهراڻ يونيورسٽي جي جنڪشن وٽ چوڪي قائم ڪئي وڃي جنهن ۾ سنڌ ٽرانسپورٽ ، سنڌ پوليس ۽ موٽروي جي پوليس جا اهلڪار ويٺل هوندا جيڪي بنا روٽ پرمنٽ يا جيڪي آمري پل تان گزرڻ واريون ھيوي گاڏيون هونديون تن کي روڪيندا . عدالت بنا روٽ مرمنٽ يا ڪا گاڏي قانون جي خلاف ورزي ڪندي تہ انهي جي خلاف فوري قانوني ڪاروائي ڪرڻ جو بہ حڪم ڏنو آھي . پيٽارو ٽول پلازا ۽ سيوهڻ ٽول پلازا تي پڻ چوڪين تي سي سي ٽي وي ڪيئميرا هڻي گاڏين جي اچ وڃ کي مانيٽر ڪرڻ جو بہ فيصلي ۾ چيو ويو آھي . انڊس هاء وي تي پڻ حفاظتي بورڊ ۽ نشان لڳائڻ جو چيو ويو آھي .
    ان عدالتي فيصلي کان پوءِ انتظاميا حرڪت ۾ اچي وئي آھي ، ايس ايس پي جي ڄامشورو جي اڳواڻي ۾ ڪاروائي شروع ڪئي وئي آھي ، جنهن تحت وڏين گاڏين کي روڪي سپر هاءِ وي تان روانو ڪيو پيو وڃي . ايس ايس پي ڄامشوري جو چوڻ هو تہ عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ ڪاروائي جاري رکي ويندي .
    ان فيصلي تي جيڪڏھن مڪمل عملدرآمد ڪيو ويو تہ جيڪو يقينن ڪرڻ بہ کپي تہ ان سان ڄامشورو سيوهڻ روڊ تي ٿينڌڙ حادثن ۾ رڪارڊ گهٽتائي اچي سگهي ٿي . جنهن سان ڪيتريون ئي انساني جانيون بچي سگهن ٿيون .
    ان فيصلي کان پوءِ مقامي ماڻھو ۽ تحريڪ هلائينڌڙ سول سوسائٽي جا دوست خوشي جو اظھار ڪري رهيا آھن . جن دوستن ان اهم تحريڪ ۾ حصو ورتو اهي مبارڪباد جا مستحق آهن . ان فيصلي کان پوءِ حڪومت وقت کي بہ گهرجي تہ ڄامشوري سيوهڻ روڊ کي ڊبل ڪرڻ لاءِ تڪڙا اپاء وٺي تہ جيئن هن روڊ تي ٿينڌڙ حادثن ۾ اڃان وڌيڪ گهٽتائي اچي سگهي . ۽ ماڻھو بيڊپا ٿي هن روڊ تي سفر ڪري سگهن .
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو