سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ۾ احمد سولنگي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي چونڊ ڪالهه حيدرآباد ۾ ٿي. رات دير سان نتيجن جيو اعلان ٿيو. چونڊن ۾ ڌرتي دوست پينل جو احمد سولنگي سيڪريٽري جنرل چونڊجي ويو آهي جنهن ڊاڪٽر ذوالفقار سيال کي 11 ووٽن جي فرق تان شڪست ڏني، جڏهن ته باقي چارئي اميدوار سنڌ دوست پينل جا ڪامياب ٿيا آهن. احمد سولنگي 131 جڏهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 120 ووٽ کنيا.
    سنڌ دوست پينل کي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي حمايت حاصل هئي جڏهن ته ڌرتي دوست پينل کي اڳوڻن سيڪريٽري جنرل تاج جويي، ادل سومري ۽ يوسف سنڌي جي حمايت هئي.

    کٽندڙ اميدوار

    سيڪريٽري جنرل : احمد سولنگي (ڌرتي دوست پينل)
    جوائنٽ سيڪريٽري : زاهد راڄپر (سنڌ دوست پينل)
    عورت جوائنٽ سيڪريٽري : نسرين الطاف (سنڌ دوست پينل)
    خزانچي : محمد عرس اوٺو(سنڌ دوست پينل)
    آڊيٽر : ڄام محبت سهتو (سنڌ دوست پينل)


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو