مادام ڪيوري

'مختلف موضوع' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    هي معلوماتي پوسٽ مان سنڌي نوجوان جي جذبن جاڳائڻ ۽ سبق حاصل ڪرڻ لاء ڪيان ٿو...... ِ

    مادام ڪیوری (مانیا سڪلوڊو وسڪا)

    پولینڊ جي هڪ ننڍي شهر ۾ هڪ غريب ڇوڪري رهندي هئي ان جو نالو مانیا سڪلوڊو وسڪا هئو، هوءَ ٽیوشن ڏئي گزر بسر ڪندي هئي 19 سالن جي عمر ۾ هو هڪ امیر خاندان جي ڏه ساله ڇوڪري کي پڙهائيندي هئي ، ڇوڪري جو وڏو ڀاءُ هن ۾ دلچسپی وٺڻ لڳو، ظاهر آهي ته پاڻ به ڇوڪر طرف مائل ٿي. چنانچہ ٻنهي شادی ڪرڻ جو فیصلو ڪيو. جڏهن ڇوڪري جي ماءُ کي پتو پيو ته اچي آسمان مٿي تي کنيائين، مانیا کي ڪن مان پڪڙي پورچ ۾ اچي بيهاريائين. گوڙ ڪري نوڪر گڏ ڪري انهن جي سامهون بي عزت ڪيائين "ڏسو هي ڇوري جنهن کي پائڻ لاءِ ڪپڙا ڪونهن 24 ڪلاڪن ۾ هڪ وقت ڍو تي کائڻ لاءِ ماني اسان به وٽان ٿي مليس جوتن جي تري ۾ سوراخ اٿس. هي منهنجي پٽ سان شادي جي خواهش ٿي رکي. گهر ڌياڻي ٿيڻ گهري ٿي ڇا هي منهنجي ننهن سڏائڻ لائق آهي." سڀ نوڪر هن تي کلڻ لڳا. مائي ته لفظن جو زهر هاري هلي وئي. مانیا کي ائين محسوس ٿيو ته ڪنهن سندس مٿان تيزاب جو دٻو اونڌو ڪيو هجي. توهين جي شدید احساس وچان اتي پورچ ۾ بيٺي بيٺي هن فيصلو ڪيو ته زندگي ۾ ايتري ته عزت ۽ شهرت ڪمائيندس جو سڄو پولینڊ منهنجي نالي سان سڃاتو ويندو.هي سن 1891ء هو. هو پولينڊ مان پيرس آئي. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺي فزڪس پڙهڻ شروع ڪيائين. ھن محنت ڪئي 20، 20 ڪلاڪ پڙهندي هئي. ڪجهه رقم جمع ٿيل مان پنهنجو گذر سفر ڪندي رهي. ڪفايت سان هڪ شلنگ روز خرچ ڪندي هئي، گيس بجلي نالي ڪا چيز ڪمري ۾ ڪانه هئس، پيرس جي سخت سردي واري موسم ۾ ڪوئلا به نه هئس جو ٻاري جسم گرم ڪري . هيٺان بستري تي پنهنجا سڀ ڪپڙا وڇائي، جسم مٿان ڪتاب ڪرسيون رکي ڏڪندي گذارو ڪندي هئي. مسلسل 5 سال ڊبل روٽين جي سڪن ٽڪرن ۽ مکڻ کانسواءِ هن ڪجهه نه کاڌو. ڪمزوري جو هي عالم هو ته بستري تي ويٺي ويٺي بي ھوش ٿي ويندي هئي. جڏهن هوش ايندو هئس ته چوندي هئي ته اک لڳي وئي، پاڻ کي تسلي ڏئي همت پڪڙيندي هئي.هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ بي هوش ٿي وئي.ڊاڪٽر معائنو ڪري چيو ته هن کي دوا بجاءِ هڪ گلاس کير جو ڏيو. آخر ڪار هن یونیورسٽی جي ئي هڪ سائنس دان( پائي) سان شادی ڪئي، هو سائنس دان به هن وانگر غريب هو، شادی جي وقت ٻنهي جو ڪل اثاثو ٻه سائیڪلون هيون. انهيءَ غربت دوران پی ایچ ڊی ڪري ورتائين. مانیا(ميڊيم ڪيوري) پی ایچ ڊی لاء دلچسپ موضوع چونڊيو، هن فيصلو ڪيو ته هو دنيا کي ٻڌائيندي ته یورینیم مان روشنی ڇو نڪرندي آهي هي هڪ مشڪل بلڪه ناممڪن ڪم هو، پر هي تجربن سان جڙي رهي. تجربات دوران هن هڪ اهڙو عنصر دریافت ڪيو جو یورینیم جي مقابلي ۾ 20 لک دفعا وڌيڪ روشنی پیدا ڪري پيو.هن جا شعاع ڪاٺ، پٿر، ٽامي ۽ لوه مان پر دنيا جي هر شيء مان گذريو وڃن...اہم ايجاد هئي. مادام ڪيوري هن عنصر جو نالو* ریڊیم* رکيو. هي سائنس جي دنيا ۾ هڪ وڏو ڌماڪو هو. ماهر ريڊيم جو ثبوت گهرڻ لڳا. مانیا ۽ پائري هڪ پراڻو احاطو مسواڙ تي ورتو، جنهن جي نه ڇت مڪمل هئي نه فرش سڌو هو.هن خسته حال آڳند ۾ هو چار سال لوه پگهرائيندا رهيا. ٻنهي زال مڙسن اڪيلي سر 8 ٽن لوه ڳاريو ۽ ان مان مٽر جي داڻي برابر ریڊیم حاصل ڪيو، چار سال هن جوڙي گرمي سردي پنهنجي جسم تي وسائي، پر هار نه مڃي، بٺي جي زهريلي دونهين ۾ مانيا جا ڦڦڙ خراب ٿي ويا، پر هو ڪم سان جڙي رهي. دنيا ڏٺو ته پولش ڇوڪري ناقابل يقين ڪارنامو ڪري ڏيکاريو.... ايتري قدر جو پوري سائنس هن جي قدمن ۾ جهڪي وئي....... هي ريڊيم، ڪينسر جي لکين مريضن لاء زندگي جو پيغام کڻي آيو. اڄ جنهن کي اسين شعائي علاج يا ريڊيو ٿراپي سڏيون ٿا سو مادام ڪيوري جي ايجاد آهي. هي عورت دنيا جي واحد سائنس دان هئي جنهن کي زندگي ۾ ٻه دفعا نوبل پرائز مليو، جنهن جي زندگی تي 30 فلمون ٺھيون ۽ سوين ڪتاب لکيا ويا. دنيا هن ايجاد بدلي جڏهن مٿس ڪروڙين ڊالرن جي بارش ڪئي، هن جو چوڻ هو ته مان پنهنجي ايجاد جا حق ان اداري کي ڏينديس جو اسپتال ۾ داخل ڪينسر ۾ مبتلا هڪ پوڙهي عورت جو علاج ڪندو. جي ها اها ساڳي پولش پوڙهي جنهن هن کي ڪن مان وٺي گهران ڌڪاري ڪڍيو هو.


    [​IMG]

    https://en.m.wikipedia.org/wiki/Marie_Curie
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    معلوماتي لکڻي ...لک قرب

    چاچا سائين اميد ته دنيا جي مڃيل شخصيتن بابت مختصر ۽ معلوماتي لکڻيون شيئر ڪندا رهندا جيئن نوجوان نسل کي ڄاڻ ملي ۽ هو به سکن.
     
    قريشي شبير احمد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو