موت کان فرار ممڪن نه آهي

'تعارف' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    موت کان هجرت ممڪن ناهي.....•●•
    هن آمريڪا ۽ يورپ جي 55 چوٽيءَ جي پلاسٽڪ سرجنز جون خذمتون حاصل ڪيون. ايتري قدر جو 1987ء تائين مائیڪل جیڪسن جی سڄي شڪل و صورت،چمڙي نقش و نگار بدلجي ويا سیاہ فام مائیڪل جیڪسن جي جاء تي اڇي رنگ ۽ زناني نقوش جو مالڪ هڪ خوبصورت مائیڪل جیڪسن دنیا جي سامهون آيو. ھن 1987ء ۾ bad جي نالي سان پنهنجو ٽيون البم جاری ڪيو، هي گوري مائیڪل جیڪسن جو پهريون البم ھو، هي البم به هٽ ٿيو ۽ ان جون ٽي ڪروڙ ڪاپيون وڪرو ٿيون ۽ هن البم کان پوءِ هن دنيا جو پهريون سولو ٽوئر شروع ڪيو. هو ملڪ ملڪ، شهر شهر ويو. موسیقی جا شو ڪيا ۽ انهن شوز مان ڪروڙين ڊالر ڪمايا، اهڙي طرح هن پنهنجي ڪاري رنگ کي به شڪست ڏني. ان کان بعد ماضی جو وارو آيو. مائیڪل جیڪسن پنهنجي ماضی کان فرار شروع ڪري ڏنو. هن پنهنجي خاندان کان قطع تعلق ڪري ڇڏيو. هن پنهنجي ايڊريس تبدیل ڪري ڇڏي، مسواڙي گورا ماء پيء به حاصل ڪري ورتا. پنهنجي سڀني پراڻن دوستن مان جند ڇڏائي ورتي. جنهن ڪري نه صرف هو اڪيلو ٿيندو ويو پر مصنوعي دنيا جي چڪر ۾ ڦاسندو ويو. هن پاڻ کي مشهور ڪرڻ لاءِ ایلوس پریسلي جی ڌيءَ لیزا میری پریسلي سان شادی به ڪئي. یورپ ۾ پنهنجا وڏا وڏا مجسمہ به لڳايا ۽ مصنوعي طريقي توليد سان هڪ نرس ڊیبی رو مان پنهنجو پهريون پٽ پرنس مائیڪل به پیدا ڪرايو ڊیبی رو جي پيٽ مان هڪ ڌيءَ پیرس مائیڪل به پیدا ٿي. هن جي اها ڪوشش به ڪامياب ٿي. هن گهڻي قدر پنهنجي ماضيءَ مان جند ڇڏائي. لھٰذا هاڻي هن جي آخری نفرت یا خواهش يعني موت جو وارو هو. مائيڪل ڏيڍ سو سال تائين زندہ رهڻ گهريو پئي. طویل عمر حاصل ڪرڻ لاءِ هو دلچسپ حرڪتون ڪندو هو. مثلاً هو رات جو آڪسیجن ٽينٽ ۾ سمهندو هو. هو جراثیم، وائرس ۽ بیمار کان بچڻ لاءِ دستانه پائي ماڻهن سان هٿ ملائيندو ھو. وات تي ماسڪ پائيندو هو. خاص خوراڪ کائيندو هو. مستقل طور تي ٻارهن ڊاڪٽر ملازم رکيل هئس. هي ڊاڪٽر روزانہ هن جي جسم جي هڪ هڪ حصي جو معائنو ڪندا هئا. هن جي خوراڪ جو روزانو لیبارٽری ٽيسٽ به ٿيندو هو. سندس اسٽاف کيس باقاعدي ورزش به ڪرائيندو هو، پنھنجي لاءِ فالتو ڦڦڙ، گڙدا، اکيون، دل جگر جو بندوبست به ڪري ڇڏيو هئائين، هي ڊونر هئا جن جا سڀ خرچ پاڻ ڀريندو هو، اهي ڊونر ان ڳالهه جا پائبند هئا ته بوقت ضرورت پنهنجن پنهنجن عضون کي عطیہ ڪن...... چنانچہ هن کي يقين هو ته هو 150 سالن تائين جيئرو رهندو. آخرڪار 25جون جي رات آئی، هن کي ساه کڻڻ ۾ دشواري پيش ٿي، سندس ڊاڪٽرن سڄي ملڪ جي سينيئر ڊاڪٽرن کي رهائش گاهه تي گڏ ڪيو. هي سڀ ڊاڪٽر هن کي موت جي منهن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ هئا. ليڪن ناڪامياب ٿيا. هن کي اسپتال نيو ويو جنهن انسان ڊگهي جيڻ جو منصوبو ٺاهيو، اگھاڙن پيرن سان نه هليو، دستانه ، جراثيم ڪش اسپري، 25 سالن تائين ڪا به اهڙي چيز نه کاڌائين جنهن جي منع ٿيل هجي. اهو شخص 50 سالن جي عمر ۾ صرف ٽيھ منٽن اندر انتقال ڪري ويو. سندس روح چپٽي وڄائڻ جي دير ۾ جسم مان پرواز ڪري وئي ۔ مائیڪل جیڪسن جي انتقال جي خبر گوگل تي ڏه منٽن اندر لکين ماڻهن پڙهي، هي گوگل جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽريفڪ رڪارڊ هو جنهن ڪري گوگل جو سسٽم ويهي ويو ۽ ڪمپني کي 25 منٽن تائين پنهنجي صارفین کان معذرت ڪرڻي پئي. مائیڪل جیڪسن جو پوسٽ مارٽم ٿيو ته خبر پيئي، احتیاط جي ڪري سندس جسم هڏائون پڃرو ٿي ويو هو، پاڻ گنجو ٿي ويو هو، هن جون پاسراٽيون ٽٽل هيون. هن کي ڪلهي، چوتڙن ۽ ٽنگن تي بي تحاشا نشان هئا. پلاسٽڪ سرجری ڪري هو ’’پین ڪلرز‘‘ جو محتاج هئو. روزانہ درجنوں انجیڪشن لڳائيندو هئو، لیڪن هي انجیڪشنز، هي احتیاط ۽ ڊاڪٽر به کيس موت کان نه بچائي سگهيا. هڪ روز چپ چاپ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو، جتي هر زندہ شخص کي پهچڻو آهي. اهڙي طرح سندس آخری خواهش پوری نہ ٿي سگهي. مائیڪل جیڪسن جو موت هڪ اعلان آهي ته انسان سڄي دنيا کي فتح ڪري سگهي ٿو لیڪن پنهنجي مقدر کي شڪست نہ ٿو ڏئي سگهي. ۔ چنانچہ ڪير راڪ اسٽار هجي یا ڪوئی فرعون ٻه ٽن مٽی جي بار کان بچي نه ٿو سگهي. پرحیرت آهي اسين پاڻ کي فولاد جو انسان سمجھي، ظلم، زبردستي ڏاڍائي ۽ تڪبر سان پيا جيون. اسان جو خیال آهي ته موت کي ڌوڪو پيا ڏيون. ائين ڪڏهن نه ٿيندو آخرڪار مرڻو آهي ۽ ان ابدي زندگي لاءِ تيار ٿيڻو آهي.
    ان لاءِ پنهنجي پروردگار طرف متوجہ ٿيو ۽ ماڻهن سان سٺي طريقي سان ملي جلي محبت سان رهو. انهن جا ڏک سک جا ساٿي ٿي رهو. انهن لاءِ خوشین جو سامان ٿيو اللہ سائین توهان لاءِ خوشیون ۽ آسانيون پیدا ڪندو. ڪنهن کي خوش ڪرڻ اللہ تبارڪ وتعالي جو پسندیدہ عمل آهي غریبن مسڪينن جي غم گساری ڪندا رهو اللہ سائین بری موت کان بچائيندو ۽ آخرت ۾ اجر عظیم عطا ڪندو. آمين
    هونئن به موت کان فرار ناممڪن آهي. اللہ تعالی جو ارشاد پاڪ آهي.
    اي انسان بي شڪ توکي پنهنجي رب طرف ضرور موٽڻو آهي ۔ (پ 30، الانشقاق6)............... ترجمو، ترميم شده شبير احمد قريشي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو