"مُنگھو" لاجواب ميوو

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    "مُنگھو" لاجواب ميوو

    مٺل جسڪاڻي

    يار! ھي تہ ڪمال جو، لاجواب ميوو آھي. ھن کي "مُنگھو" (واحد، جمع مُنگھا) چئبو آھي. جيئن کنڀي برسات کان پوءِ ٿئي، ھي بہ برسات کان پوءِ، پر ھڪ ننڍي قد جي ٻوٽي ۾، پنن ۾ اھڙو لڪل ھوندو آھي، جو پري کان ھن جي ھجڻ جي خبر بہ نہ پوندي آھي.
    ھن جو ميوو اڃا ڪچو، سائو ئي ھوندو آھي، تہ کائبو آھي ۽ ذائقو ٻين سڀني ساون ميون کان نرالو، وڻندڙ اھڙو، جو جڏھن بہ منگھو نظر اچي يا ڪٿان ٻڌبو، پڙھبو، تہ دل چوندي "منگھو ملي تہ کائجي".
    ھن ميوي جا ٻہ قسم مون ڏٺا آھن. ھڪ قسم جو ميوو لسو ٿئي ٿو. ٻئي قسم جي ميوي جي ٻاھران ڪنڊن وانگر چُنھبياريون سُيون نظر تہ اينديون آھن، پر ميوو کائڻ سان محسوس نہ ٿينديون آھن.
    ميوو ڪچو ھوندو، تہ پٽڻ وقت جيئن اڪ مان کير جھڙو پٽڙو مادو ٿو نڪري، ھن مان بہ نڪرندو آھي. ميوو پچڻ واري مرحلي ۾ وڃڻ ڪري ٻاھران سائو، اندران ڦڪاڻ مائل ھوندو آھي، پچڻ کان پوءِ اڪ وانگر ٿي پوندو آھي.
    ھن جا پن گول نہ، گولاوان، سنھڙا، ننڍڙا ٿيندا آھن. ٻوٽن مان ٻڪريون بہ ميوو چونڊي کائينديون آھن.
    جابلو ماڻھو پٽي ڪچو کائيندا آھن، ويجھن شھرن، بازارن، گس تي کنڀين وانگر وڪڻندا آھن. گھٽ ھجڻ سبب مھانگا ۽ ججھا ھجڻ جي صورت ۾ سستا وڪامندا آھن.
    حڪيم ھن جون ڪيتريون ئي خوبيون ٻڌائيندا آھن.
    مون ھن جي ٽنڊوڄام ۾ ھٿرادو پوک بہ ڪئي ھئي ۽ پوکڻ جو طريقو، مضمون جي صورت ۾ اخبارن ۽ رسالن ۾ بہ ڇپرايو ھو.

    تصوير: گل بھار باغائي


    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو