سول اسپتال ڪشمور جي عملي جا مريضن سان انوکا ويڌن ، ضلع انتظاميه جي خاموشي سواليا نشان...؟؟؟

'تعارف' فورم ۾ خان محمد شر طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2017۔

  1. خان محمد شر

    خان محمد شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏10 آڪٽوبر 2016
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    ڌنڌو:
    نيوز انچارج ريڊيو ايف ايم 104 ڪشمور
    ماڳ:
    ڪشمور
    انڌير نگري چرٻٽ راجا ڪشمور تعلقه اسپتال ايمبولينس کان محروم عملي جا مريضن سان انوکا ويڌن ڊاڪٽرز به غائب ۔۔

    خان محمد شر

    گڊو ٿرمل پاور هائوس هئڻ ۽ هيڏي وڏي آبادي رکندڙ ٽن صوبن کي ملائيندڙ ڪشمور تعلقه کي هڪ ايمبولينس ناهي ڪنهن حادثي جي صورت ۾ گڏه گاڏي تي کڻي ڪري مريضن کي سول اسپتال ڪشمور پهچايو وڃي ٿو ته اتي سول اسپتال ڪشمور ۾ مقرر ڊاڪٽر به هميشه غائب نظر ايندا آهن ڊاڪٽر ز جي جاء تي ڪمپائونڊر مريض سان وري اهڙو رويو اختيار ڪندا آهن جو مريض سول اسپتال ڪشمور جو رخ ڪرڻ بدران پنهنجي گهر ۾ بيماري جي حالت ۾ رهڻ بهتر سمجهندا آهن يا وري شهر جي عطائي ڊاڪٽرز کان علاج ڪرائڻ تي مجبور ٿي ويندا آهن ڪشمور سول اسپتال ۾ گذريل ڪافي وقت کان انچارج ايم ايس ڊاڪٽر مشتاق سومرو نالي ماتر ڊيوٽي ڪري رهيو آهي هيڏي تعلقي جي حيثيت رکندڙ شهر ڪشمور جي سول اسپتال ايم ايس کان محروم آهي ان سلسلي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ، شهرين پنهنجا پنهنجا ڏک سور ونڊيندي ۽ الزام هڻندي ٻڌايو آهي ته ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لياقت ڪلوڙ ۽ ايم ايس ڪشمور ڊاڪٽر مشتاق سومري سميت اسپتال عملي ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن حڪومت طرفان مريضن لاِ آيل بيڊ اسپتال ۾ عمال ڪرڻ بدران ڀڳڙن مٺ عيوض وڪرو ڪري ڇڏيا ، اسپتال ۾ ڪابه بنيادي سهولت ميسر ناهي ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ يا نانگ جي ڪکجڻ جي وئڪسين اڻ لڀ پر عام بخار جي حالت ۾ به مريض کي پرائيويٽ اسپتال ڏانهن وڃڻ جو چيو وڃي ٿو سول اسپتال ڪشمور جو پيرا ميڊيڪل اسٽاف به گهٽ ناهي سي به مريضن کي ايذاء ڏيڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ڪجهه ڏينهن پهريان هڪ مريض کي علاج لاِ سول اسپتال ڪشمور ۾ داخل ڪرايو ويو اسپتال عملي درندي جو مظاهرو ڪندي مريض کي اسپتال جي پويان ڦٽي ڪري ڇڏيو مريض اتي تڙپندو رهيو پر ڪنهن کي ڪو ڪهل نه آيو جنهن بعد صحافين جي ٽيم جي پهچڻ تي اسپتال عملي ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ان مريض کي اسپتال ۾ داخل ڪري انجو علاج شروع ڪيو ويو ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڪشمور سول اسپتال عملو رات جو شراب نوشي ڪرڻ کان پوِ ليڊي هيلٿ ورڪرن کي تنگ ڪندا آهن پر اهڙي گٿي عمل تي ڊي ايڇ او ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور مٺياڻي جي خاموشي هڪ سواليا نشان آهي ۔ٻي طرف اگر ڳالهه ڪجي ايمبولينسن جي ته سول اسپتال کي چار ايمبولينسون ڏنيون ويون پر چار ئي ناڪاره حالت ۾ آهن ٽي ايمبولينسون محترمه بينظير ڀٽو واري سانحي ۾ ناڪاره ٿي ويون هيون باقي رهيل هڪڙي ايمبولينس به ڪجهه ڏينهن پهريان حادثي جو شڪار ٿي وئي اسپتال عملي يا ضلع انتظاميه ايمبولينسن جي مرمت ڪرائڻ لاِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي جنهن سبب ڪنهن حادثي يا ايمرجنسي جي صورت ۾ سخت تڪليفن مان گذرڻو پوندو آهي جڏهن ته بجلي بند هجڻ جي صورت ۾ حڪومت طرفان هائي پاور جنريٽر اسپتال لاِ ڏنو ويو مگر افسوس جهڙي ڳالهه آهي ته هائي پاور جنريٽر مان به ڪشمور جي غريب عوام کي ڪوبه رليف ملي نه سگهيو جنريٽر جو لکين رپين جو ايندڙ تيل يا خرچ به ملي ڀڳت سان هڙپ ڪيو پيو وڃي جنريٽر اسپتال اڳيان پيل آهي جنهن کي ڪنهن به ايمرجنسي ۾ بجلي بند هئڻ وقت ناهي هلايو ويندو هوڏانهن ان سلسلي ۾ سني تحريڪ ڪشمور جي اڳواڻن سيد ظفر حسين شاهه ،حافظ محمد حنيف مزاري ۽ ٻين ٻڌايو آهي ته سول اسپتال ڪشمور جا اڪثر ڊاڪٽر پرائيوٽ ڪلينڪون هلائي رهيا آهن هر وڏن شهرن ۾ ڊاڪٽرن جون ٽي شفٽون لڳنديون آهن پر هتي وري تماشو ڪجهه ٻي طرح آهي ڊاڪٽر 10يا 12 بجي اسپتال ايندا وري ٻين وڳي واپس پنهنجن ڪاروبارن طرف هليا ويندا ، اسپتال ۾ مقرر ڊاڪٽرن توڙي اسٽاف مان ٽيون حصو عملو به ڊيوٽي صحيح نموني سر انجام نه ٿو ڏئي باقي عملو گهر ويٺي پگهارو ن کڻڻ جو عادي بڻجي ويو آهي هتان جي سول سوسائٽي ، شهرين ۽ سماجي اڳواڻن هيلٿ جي وزير ، ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي سميت اعليٰ عملدارن کان ملوث سڀني عناصرن خلاف ڪاروائي ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي جي ڪن مهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ اسپتال ۾ بنيادي سهولتون ميسر ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۔
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. امدا علي قادري

    امدا علي قادري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 جنوري 2017
    تحريرون:
    87
    ورتل پسنديدگيون:
    96
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    شاگرد ايم فل شاھ عبد الطيف يونيورسٽي خير پور
    ماڳ:
    گهر نمبر 148 ليبر ڪالوني ڏهرڪي ضلع گهوٽڪي
    ادا شر صاحب ! صرف ڪشمور نه پر خاص ڪري پوري سنڌ ۽ سنڌين سان اهو ويڌن آهي !
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    پوري سنڌ جو اهو حال آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو