ڊيٽا کي هڪ ڪمپيوٽر مان ٻئي ڪمپيوٽر ۾ منتقل ڪرڻ جو آسان طريقو

'نيٽ ورڪ مينيجمينٽ' فورم ۾ محمد راشد شر طرفان آندل موضوعَ ‏13 آگسٽ 2017۔

  1. محمد راشد شر

    محمد راشد شر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2015
    تحريرون:
    214
    ورتل پسنديدگيون:
    279
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ڌنڌو:
    لکپڙه
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    لوڪل ايريا نيٽورڪ تار جي ذريعي ٻن ڪمپيوٽرس کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڊيٽا کي هڪ ٻئي ڏانهن سيڪنڊن ۾ موڪلي سگهجي ٿو. جنهن جي سکيا جو آسان طريقو هيٺ ڏجي ٿو.

    لوڪل ايريا نيٽورڪ ڪيبل جي ذريقي ٻن ڪمپيوٽرس کي پاڻ ۾ ڳنڍيو.

    [​IMG]

    هاڻي ٻنهي ڪمپيوٽرس جي سيٽنگ بدلايو.

    Go to Control Panel > Network and Internet > Network and Sharing Center > Advanced sharing settings.

    [​IMG]

    پاسورڊ پروٽيڪٽيڊ شيئرنگ کي بند ڪريو. هيٺين تصوير ۾ ڏسو.

    [​IMG]

    وائرليس نيٽورڪ ڪنيڪشن تي ڪلڪ ڪريو. تنهن کان پوءِ پراپرٽيز جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

    [​IMG]



    ڪمپيوٽر جي آءِ پي ايڊريس بدلايو.

    آءِ پي 192.168.1.1

    سب نيٽ 225.225.225.0

    گيٽ وي 192.168.1.2

    [​IMG]





    ۽ هاڻي ٻئي ڪمپيوٽر جي آءِ پي ايڊريس بدلايو.

    آءِ پي 192.168.1.2

    سب نيٽ 225.225.225.0

    گيٽ وي 192.168.1.1

    [​IMG]



    تبديليون محفوظ ڪريو. نيٽورڪ ونڊو ۾ وڃي چيڪ ڪريو ته ڇا ٻئي ڪمپيوٽر نيٽورڪ سان ڳنڍجي چڪا آهن. جيڪڏهن ها ته نيٽورڪ ونڊو ۾ توهان کي ٻه ڪمپيوٽر نظر ايندا.

    [​IMG]



    اچو ته هاڻي ڪنهن به فولڊر کي شيئر ڪري ڏسون. اوهان جيڪو فولڊر شيئر ڪرڻ چاهيو ٿا ان تي ساڄو ڪلڪ ڪريو.

    کلي ايندڙ ڊراپ ڊائون مينو مان

    تي ڪلڪ ڪريو share with > specific people

    [​IMG]

    هاڻي ايوري ون کي چونڊيو ۽ ايڊ تي ڪلڪ ڪريو. تنهن کان پوءِ شيئر جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.

    [​IMG]

    اوهان جو چونڊ ڪيل فولڊر ڪاميابي سان نيٽورڪ تي ڳنڍيل ڪمپيوٽر سان شيئر ٿي چڪو آهي.
     
    Asif z، ايس ايم درس ۽ چنچل راج هيء پسند ڪيو آهي.
  2. چنچل راج

    چنچل راج
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    97
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    موبائل اپليڪيشن ڊولپر
    ماڳ:
    لاهور، پاڪستان
    ڪارائتي ڄاڻ
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Asif z

    Asif z
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2019
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    بھترين ڄاڻ ادا
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.
  4. WASEEM

    WASEEM
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 مئي 2010
    تحريرون:
    888
    ورتل پسنديدگيون:
    404
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    اي سي ٽيڪنيشن
    ماڳ:
    ڪراچي
    بهترين آهي.......
     
    محمد راشد شر هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو