ڊاڪٽر الفرڊ نوبل

'مختلف موضوع' فورم ۾ قريشي شبير احمد طرفان آندل موضوعَ ‏22 آگسٽ 2017۔

  1. قريشي شبير احمد

    قريشي شبير احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 سيپٽمبر 2014
    تحريرون:
    97
    ورتل پسنديدگيون:
    216
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    123
    نوبل پرائز.....


    [​IMG]
    ڊاڪٽر الفرڊ نوبل غیر معمولی صلاحیتن جو حامل شخص هو ۔ هو بنيادي طور تي انجنيئر ۽ ڪیمسٽ هو. ساڳي وقت ڪيترن ئي نين سائنسي ایجادات جو موجد به هو. هن پنهنجي ٽيهٺ سالہ زندگيءَ ۾ 355 ایجادات ڪيون، انهن مان ڊائنامائيٽ سڀ کان زیادہ مشهور ٿيو. الفرڊ نوبل 1833ء ۾ سویڊن جي جي شهر اسٽاڪ هومز ۾ پیدا ٿيو. هن جو سارو خاندان انجینئر هئو. 1894ء ۾ هن بوفرز نالي اسٽیل مل خرید ڪئي، هتي مختلف قسم جو توبون ٺهنديون هيون. هن دونهين بغير بارودی سامان بڻائڻ شروع ڪيو. مجموعي طور تي ڏٺو وڃي ته الفرڊ پنهنجو سڄو پئسو هٿيار بڻائڻ مان ئي ڪمايو جيڪو جنگين ۾ عام ماڻهن جي قتل لاءِ استعمال ٿيندو هو. هن جي اهم ايجاد ڊائنامائيٽ ان ڪري اهم ھئي جو ان وقت معدنيات حاصل ڪرڻ لاءِ کاڻيڻ کوٽڻ، وڏين عمارتن کي ڪيرائي ٻيهر تعمير جو رواج هو. جبل مان سرنگهه ڪڍي رستا ٺاهڻ يا ڪا پل يا ريل رستي ٺاهڻ لاءِ ڊائنامائيٽ جو ڌماڪو ڪيو ويندو هو. ڊائنامائيٽ انتها موثر ڌماڪي چيز مواد هو . هن ايجاد مان کيس بي تحاشا شهرت مال و دولت مليو. جتي انسانيت کي هن ايجاد فائدو ڏنو اتي هن جي ناجائز استعمال کيس ملول ڪري ڇڏيو. دنيا کيس موت جو سوداگر چوڻ لڳي. ٿيو ائين جو 1888ع ۾ هن پنهنجي موت جي خبر فرانس جي اخبارن ۾ پڙهي،کيس حيرت ٿي ته مان ته جيئرو آهيان،جڏهن ته منهنجو ڀاءُ لڊوگ نوبل مري ويو آهي. اخبار سرخي لڳائي ته "موت جو سامان وڪرو ڪندڙ سوداگر آخر ڪار پاڻ به مري ويو." هن قسم جي تبصري تي هي بيحد رنجیدہ هو. هن سمجهيو ته مان زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو ڪم ڪيان جو هميشه ياد رکيو وڃان. بي شمار دولت جي مالڪ الفرڊ نوبل جو ذهن مڪمل تبديل ٿي چڪو هو . هن پنهنجي ملڪيت جو 94% حصو نوبل فائونڊيش نالي هڪ ٽرسٽ ٺاهي انساني فلاح لاءِ وقف ڪيو . ان مان سڄي دنيا ۾ انسانيت جي خذمت ڪندڙن لاءِ پنهنجي نالي تي هڪ خاص انعامي رقم ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن چيو ته هر سال هي ٽرسٽ 5 شعبن ۾ فزڪس، ڪيميسٽري، ميڊيسن، ادب ۽ امن جي شعبي ۾ انسانیت جي فلاح و بهبود جي لاءِ غیر معمولی ڪم ڪندڙن کي انعام ڏيندو. جنهن سان پنجن شعبن ۾ ڪم ڪندڙن جي حوصله افزائي به ٿيندي ۽ قدر شناسي به ٿيندي، اڄ تائين هر سال ڊسمبر ۾ دنيا جا ماهر ويهندا آهن ۽ سڄي دنيا مان چونڊي مطلوبہ شعبي ۾ انسانيات لاءِ آعلي ڪم ڪندڙن جي* نوبل انعام* لاءِ چونڊ ڪندا آهن. هي انعام حاصل ڪرڻ بلاشبہ هڪ وڏو اعزاز آهي. 1968ع ۾ هڪ ڇهون شعبو اقتصادیات به انعامي فهرست ۾ آيو آهي..... اڄ تائين سڀ کان زياده انعام جا حقدار آمريڪي رهيا آهن، يورپي ملڪ به پوئتي ڪونهن. باقي مسلمان ملڪ ان سلسلي ۾ بلڪل پوئتي آهن. تحقيق ۽ سائنسي علم ۾ اسان مسلمان افسوس ناڪ حد تائين زوال جو شڪار آهيون، نئين ڳالهه سوچڻ، چوڻ اسان وٽ ڏوهه آهي. اسلامي دنيا کي ڇڏيو پنهنجي وطن عزیز جي ڳالهه ڪجي ته جستجو تحقيق سوچ جي نئون انداز ته ٺهيو پر تعليم صرف نوڪري حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي . حڪمران طبقي جي تعليم، لھجہ، تقرير، تحرير، بود و باش شرمناڪ حد تائين عاميانه آهي. نوبل ٽرسٽ وارا جيڪڏهن هڪ ستون شعبو ڪرپشن، مڪاري و عياري تي نوبل انعام جو اعلان ڪن ته هوند اسان جي ملڪ جا حاڪم هر سال انعام جا حقدار هجن. [​IMG][​IMG][​IMG]
     
    ميرمحمد گھانگھرو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ميرمحمد گھانگھرو

    ميرمحمد گھانگھرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏15 جنوري 2014
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    93
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    ڪنڊيارو
    چاچا ڳاله جائي ڪئي اٿئي
    تمام بهترين. . .:)
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهرباني چاچا سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو