ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 آگسٽ 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    ڪراچي (رپورٽر ) روزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ کاٻي ڌر جو اڳوڻو سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو گذريل رات 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 63 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار يدار ٿيو. ۽ آخري دم تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان جُڙيل رهيو. 20 سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي اڄ قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ شام 4 وڳي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. جنهن بعد سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ ۾ ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. عوامي آواز ميڊيا گروپ جو سٿ، مٽ ۽ مائٽ آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا. حيدرآباد جا صحافي اقبال ملاح سکر مان جاويد ميمڻ ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪندا. ياد رهي ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان پوري ضلعي ۾ مشهور هو.
     
  2. salimchohan71

    salimchohan71
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2013
    تحريرون:
    82
    ورتل پسنديدگيون:
    183
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    383
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    سکر
    ادا سليمان وساڻ صاحب اڃا ڪجھ وڌيڪ تفصل سان لکو ها ته جيڪر مرحوم جي زندگي بابت ڄاڻ ٿئي ها پر پوءِ به ايترو به سٺو
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    انا لله و انا اليه راجعون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو