ڊاڪٽر رُٿ فائو، انساني خدمت جو اعلى نمونو نصرالله منڱريو(عمرڪوٽ) دنيا ۾ اهڙا ڪيترائي لازوال ڪردارپيدا ٿيا آهن جيڪي ٻين جي حياتين کي پنهنجيون حياتيون سمجھي انهن جي جياپي لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪري ڇڏيندا آهن. پنهنجو سُک چين، سُڪون سڀ قربان ڪري ٻين لاءِ مسيحا بنجي اُڀرندا آهن. اهڙا املهه انسان هر روز ڪنهن نه طرح نئين تاريخ رقم ڪري دنيا جي تاريخ ۾ پنهنجا سُنهري باب جوڙي هميشه لاءِ اسانجي اکين کان ته اوجهل ٿي ويندا آهن پر دراصل اهي ئي انسان امر بڻجي هميشه لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ موجود رهندا آهن. اهڙن ڪردارن ۾ ”ڊاڪٽر رُٿ ڪيٿرين مارٿا فائو“ به هڪ نمايان ڪردار آهي. ڊاڪٽر رُٿ فائو هڪ جرمن-پاڪستاني ڊاڪٽرياڻي هئي جنهن جون پاڪستان لاءِ ڪيل خدمتون ڪڏهن به وسرڻ جهڙيون ناهن. ڊاڪٽر رُٿ فائو 9 سيپٽمبر 1929ع تي جرمني جي هڪ شهر ''ليپزگ'' ۾ پيدا ٿي. ڊاڪٽر رُٿ فائو هڪ ڀاءُ ۽ چئن ڀينرون جي ڀيڻ هئي . سندن شروعاتي زندگي تمام ڏکي گُذري ۽ خراب حالتن جي ورچڙهيل هئي. ان وقت ٻي مهاڀاري لڙائي به هلي رهي هئي جنهن دنيا ۾ ڪافي تباهي مچائي هئي. ڊاڪٽر فائو جو گھر به ان جنگ ۾ تباه ٿي چُڪو هو. نتيجي ۾ پوري خاندان کي اوڀر جرمني ڇڏي اولهه جرمني ۾ وڃي رهائش پذير ٿيڻو پيو. رُٿ فائو ميڊيڪل جو شعبو منتخب ڪري پنهنجي ڊاڪٽري ڪريئر جي شروعات ڪئي. ڊاڪٽر فائو ان وقت ”ڊاٽرز آف دي هارٽ آف ميري“ ۾ شامل ٿي جنهن جي ذريعي کيس هندستان موڪليو ويو. پر ان وقت هڪ عجيب اتفاق ٿيو جنهن پاڪستان لاءِ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي. اتفاق اهو ٿيو جو ان وقت جڏهن ڊاڪٽر رُٿ فائو هندستان وڃي رهي هئي ته سندس فلائٽ پاڪستان مان ٿيندي هندستان وڃڻي هئي پر ان وقت ڊاڪٽر رُٿ جي ويزا جو مسئلو درپيش آيو جنهن جي ڪري هو اڳتي وڃي نه سگھي ۽ پاڪستان ۾ ئي رهجي ويئي. ڊاڪٽر رُٿ فائو پاڪستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ پاڪستان عوام جي خدمت ڪرڻ جووچن ڪيو.31 سالن جي ڀرپور عمر ۾ هن پنهنجي گھر، ڀاءُ، ڀينرن سميت سڄي خاندان کي الوداع چئي اچي پاڪستان وسايو. 1960ع پاڪستان ۾ اچي لپروسي(ڪوڙه) جهڙي خطرناڪ بيماريءَ جو علاج شروع ڪيائين. 1962ع ڊاڪٽر رُٿ فائو ڪراچي ۾ لپروسي خلاف هڪ سينٽر به جوڙيو جنهن جو نالو ”ميريءَ ايڊيليڊ لپروسيءَ سينٽر“ رکيو ويو. 1963ع ۾ پوري ملڪ ۾ ننڍا وڏا ٻيا به انيڪ لپروسي سينٽر به ٺاهيا ويا جنهن ۾ پوري ملڪ جي ماڻهن جو علاج ڪيو ويندو هيو ۽ افغانستان مان به مريض علاج ڪرائڻ لاءِ هتي ايندا هئا. ٻن سالن کان پوءِ اهو سينٽر هڪ وڏي اسپتال ۾ منتقل ٿي ويو جنهن ۾ ماڻهن جو مفت ۾ علاج پڻ ڪيو ويندو هيو. ان وبا کي ختم ڪرڻ واري مُهم ۾ ڊاڪٽر ڊريگو به سندس مدد ڪئي جنهن ميرپورخاص ۾ پنهنجي ڪلينڪ ۾ هڪ لپروسي سينٽر پڻ قائم ڪيو. هي سينٽر انهن مريضن لاءِ کوليو ويو جيڪي ڏوراهن علائقن سان تعلق رکندا هئا ۽ ڪراچي تائين پهچي نه سگھندا هئا. اهو سينٽر پڻ ”ميري ايڊيليڊ ڊريگو گورنمينٽ ڪلينڪ“ ۾ ضِم ٿي ويو جنهن ۾ هر سال سوين مريضن جو علاج ڪيو ويندو هو. 2003ع ۾ تقريبن 20،000 ان وبا ۾ مبتلا مريض سامهون آيا جن مان 12،000 مريض اهڙا هئا جن کي علاج جي شديد ضرورت هئي. 2010ع ۾ ”ميري ايڊيليڊ لپروسي سينٽر“ جي بلڊنگ کي وڌائي اٺ ماڙ عمارت ٺاهيو ويو. جيڪو هڪ وڏي سينٽر جي صورت ۾ اڃا تائين به قائم آهي. ڊاڪٽر رُٿ فائو کي هن وبا کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيل لازوال ڪاوشن خاص ڪري 2010ع ۾ سنڌ ۾ آيل ٻوڏ جنهن جي ڪري انيڪ ماڻهو بي گھر ٿيا انهن جي مدد ڪرڻ ۽ سهڪار جي ڪري پاڪستان جي ”مدر ٽيريسا“ پڻ چيو ويندو آهي. 1979ع ۾ ڊاڪٽر رُٿ کي صحت کاتي پاران وفاقي صلاحڪار پڻ رکيو ويو. هن جرمني ۽ پاڪستاني سرڪار کان امداد پڻ ورتي جنهن سان راولپنڊي ۽ ڪراچي ۾ قائم اسپتالن جي پڻ مدد ڪيائين. هن جي ڪيل خدمتن خاطر آخرڪار پاڪستان سرڪار پاران 1988ع ۾ کيس پاڪستاني شهريت پڻ ڏني ويئي. ان سان گڏوگڏ کيس ڪيترائي انعام پڻ مليا جن ۾: • ستاره قائد اعظم 1969 • هلالِ امتياز 1979ع • هلالِ پاڪستان 1989ع • ريمن ميگسيسي ايوارڊ 2002 • نشانِ قائدِ اعظم 2010ع هيءَ عظيم عورت ڊاڪٽر رُٿ فائو هئي جنهن جي ڪري پاڪستان کي ”ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن“ طرفان 1996ع ۾ ايشياء جو پهريون ”ڪوڙه جي بيماري کان آجو“ ملڪ قرار ڏنو ويو. ڊاڪٽر رُٿ فائو هميشه انسانن ۽ انسانيت لاءِ ئي ڪم ڪيو ۽ مرڻ گھڙي تائين پنهنجي زندگي انسانيت کي ارپي ڇڏي. ڊاڪٽر رُٿ فائو هميشه اهو چوندي هئي ته: ”اسان سڀئي جنگ ۽ جبر ته ختم نٿا ڪري سگھون پر گھٽ ۾ گھٽ اسان انسان ذات جي تڪليفن کي ته گھٽ ڪري سگھون ٿا.“ ڊاڪٽر رُٿ فائو 10 آگسٽ 2017ع تي ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ زندگي کي الوداع چئي هميشه لاءِ اسان جي اکين کان اوجهل ٿي هلي ويئي. ڊاڪٽر رُٿ فائو پاڪستان لاءِ نه پر پوري دنيا لاءِ انسانيت جي خدمت جو مثال آهي. اهڙي انسانيت دوست خدمت جيڪا ڪنهن ملڪ جي سرحد تائين محدود ناهي هوندي. پر اها صرف عام جا اهنج ڏسي ٿي پوءِ اهو ڌرتي جو ڪهڙو به خطو هجي .اهڙا انسان دوست خدمتگار انسانن لاءِ رحمت جا فرشتا هوندا آهن ۽ ماڻهو سندن خدمتن ۽ ڪيل ڪمن کي عزت جي نگاه سان ڏسندا آهن ۽ سنهري لفظن ۾ ياد ڪندا آهن.