ابراهيم لاشاري وارهه

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏31 آگسٽ 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG][​IMG]
    سنڌ جو نوجوان اديب تاريخ جو سوجهرو، ڪالم نگار محمد ابراهيم لاشاري جي سالگره جي مناسبت سان

    شفيق مصطفي ڇٽو (وارهه)

    سونهاري سنڌ جنهن کي علم ادب جو گهر سڏيو ويندو آهي هن ڌرتي وقت به وقت ڪيترن هيرن ،ماڻڪ موتين کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي ، جنهن منجهه عالم ،بزرگ ، اديب ،شاعر ، سگهڙ ، صحافي ، ۽ اهل علم جن پنهنجي ڪيل ادبي پورهي ۽ ڪيل پنهنجي سماجي ، سياسي ڪمن جي ڪري پنهنجي ڪردار کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان علمي ،ادبي حلقن منجهه نروار ڪري پنهنجو نالو ظاهر ڪيو آهي . اهڙي طرح وارهه شهر ڀرسان ڳوٺ ميد شهيد جي ڪلراٺي مٽي تي هڪ هاري حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾ ابراهيم لاشاري نالي ننڍڙي ابهم پهرين جنوري خميس ڏينهن سال 1976ع ڌاري جنم ورتو . ابراهيم لاشاري صاحب جا والدين ايترا پڙهيل لکيل نه هيا مگر تنهن هوندي به هن جي زبردست تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ علمي ۽ نصابي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ داخل ڪرايو جتان هن ننڍي هوندي هن ذهين فرد پنج درجا پرائمري محنتي استاد عبدالوهاب لاشاري مرحوم جي شفقت سان پاس ڪري وڌيڪ تعليم لاءِ وارهه هاءِيرسيڪنڊري اسڪول ۾ داخلا ورتي مگر ڪجهه ٽائيم پڙهي هن جي والدين سندس هاءِ اسڪول کنڊو ۾ داخلاءِ وٺي ڏني جتان هن محنت سان مئٽرڪ جو امتحان (اي گريڊ ) منجهه پاس ڪري ورتو ،انٽر جو امتحان گورنمينٽ هاءِيرسيڪنڊري اسڪول وارهه منجهان پاس ڪري ورتو ته سندس والد صاحب اوچتو دل جي تڪليف سبب وفات ڪري ويو سندس زندگي ۾ مشڪلاتن منهن ڪڍيو ، سندس زندگي جا پل گذارڻ هن ڪومل انسان لآءِ عذاب ٿي پيا سندس تعليم حاصل ڪرڻ به مشڪل بڻجي وئي سندس مٺڙي امڙ رحمت خاتون لاشاري زندگي جو سهارو بڻجي مدد ڪندي تعليم جي زيور سان زندگي کي آرسته ڪندي نظر آئي هن ذهين اديب به مشڪلاتن سبب تعليم مان هٿ نه ڪڍيا .هن همٿ نه هاري جلد هن صحافت واري دنيا کي ترجيح ڏئي وارهه اسٽيشن لاءِ روزاني ڪوشش اخبار جو نمائندو مقرر ٿي صحافت جي شعبي سان سلهاڙجي ويو ، ۽ تعليم کي به جاري رکيو . ابراهيم لاشاري پنهنجي فهم فضيلت واري علمي ڄاڻ سان وارهه جي مسئلن کي وقت به وقت ادارن تائين اجاگر ڪندو رهيو ، ابراهيم لاشاري وقت به وقت سنڌ جي مختلف اخبار جو وارهه جو رپوٽر ٿيندو رهيو ، ان زماني ۾ نوڪرين تي بندش سندس جو روزگار وارو دروازو به بند رهيو ، مگر ڀاڳ جي ديوي ساٿ ڏيندي هن اديب کي ان وقت وارهه جي مشهور زميندار محترم سراج الدين ابڙو صاحب جيڪو عشر زڪوات ڪاميٽي تعلقي وارهه جو تعلقه چئيرمين پڻ هو ان سندس ڊيلي ويجز تي (عاملين ) ڪلرڪ مقرر ڪرايو جتي هن بي يارو مددگار ،غريب ،مسڪين ،بيواه عورتن جي مدد ڪندي نظر آيو ، سندس سماجي پهلو ننڍ پڻ کان وٺي نشابر رهيو آهي .ابراهيم لاشاري گريجوئيشن جو امتحان نور آرٽس ڪاليج نصيرآباد منجهان سال 1996ع ۽ پوسٽ گريجوئيٽ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ سال 1998ع ڌاري پاس ڪري سند حاصل ڪئي . ابراهيم لاشاري سال 1999ع ڊسمبر مهيني ۾ پهرين لکڻي روزاني عوامي آواز منجهه لکي پنهنجي ڏات جو اظهار ڪيو جنهن جو موضوع هو ( شاهه سائين جي شاعري ۾ پکين جو ذڪر) لکي سنڌي ادب ۾ پير پاتو تنهن بعد هو مسلسل سنڌ جي مختلف اخبارن ۾ پنهنجا مضمون تحقيقي مقالا ، ترتيب ڏنل موضوع ،سفرنامه اڄ تائين لکڻ ۾ مصروف عمل آهي .هن اديب سوانح عمري ، سنڌ جي نباتات ، لوڪ ادب، سنڌ جا فنڪار ، لطيفايات ، سنڌ جي مختلف سياسي سماجي ،ادبي شخصتين جي ادبي ۽ ڪيل ڪم کي پنهنجي قلم جو موضوع بڻايو آهي سندس ادبي دنيا جو استاد ناميارو لاڙڪاڻي جو شهر جو مشهور ڪهاڻيڪار ،اديب ، شاعر ، پروفيسر محمد علي پٺاڻ صاحب اٿس جيڪو وقت به وقت سندس ادبي اصلاح ڪندو رهي ٿو . هي ماڻيٺو اديب مسلسل سنڌي ادب کي آسودي ڪرڻ ۾ ابراهيم لاشاري خاموش ناهي ويٺو . ۽ پنهنجي روزگار حاصل ڪرڻ ۾ به هن غريب هاري جي فرزند محنت مان هٿ نه ڪڍيو سال 2005ع ڌاري سنڌ حڪومت تعليم کاتي ۾ 150 سنڌي ادب ۾ ليڪچرارس جي خالي جاين کي ڀرڻ ۾ هڪ اشتهار جاري ڪيو . ان مقابلي واري امتحان ۾ سڄي سنڌ جي 902 اميدوارن حصو ورتو. جنهن ۾ محمد ابراهيم لاشاري پڻ اميدوارن منجهه شامل هو اهي امتحان جي نتيجي ۾ هن سنڌ جي اديب سڄي سنڌ منجهه لکت واري امتحان ۾ (ٻيو نمبر ) کڻي سنڌي ادب جو ليڪچرار جو امتحان پاس ڪري ورتو . ڪجهه مهينن بعد سال 2006 آگسٽ مهيني ۾ سندس گورنمينٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ سنڌي ادب جو ليڪچرار مقرر ڪيو ويو .جتي ابراهيم لاشاري درس تدريس واري شعبي سان سلهاڙجي پنهنجو فرض اڄ تائين محنت ۽ پابندي سان سر انجام ڏيندي نظر اچي ٿو. ابراهيم لاشاري کي سنڌ حڪومت سال 2008ع منجهه عشر زڪوات کاتي واري شعبي ۾ ڊيپوٽيشن تي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو (ڊي _ زيڊ _ او ) مقرر ڪيو ويو جتي هن نهايت ايمانداري سان پنهنجو فرض سرانجام ڏيندو رهيو ۽ هي پهريون مقامي ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جو پڻ ڊسٽرڪٽ زڪوات آفيسر ( ڊي _زيڊ _ او )پڻ رهي چڪو آهي .ابراهيم لاشاري سال 2006 کان وٺي استادن جي تنظيم (سپلا) جو قمبر شاهه لطيف ڪاليج جي يونٽ جو صدر رهندو پئي آيو آهي مڱر بهترين سماجي ڪمن جي ڪري هن ڀيري سندس کي استادن جي تنظيم (سپلا) جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ نامزد ڪيو ويو مگر هن سال 2018، 2016_ جي (سپلا) جي اليڪشن ۾ سپلا ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جو بنامقابلي جنرل سيڪريٽري چونڊجي ويو سال 2016 ۾ هن سنڌ جي مختلف اخبارن روزاني سوڀ، روزاني عوامي آواز، روزاني فاسٽ ٽائيمز ، روزاني هلال پاڪستان ۽ سوڀ سنڊي مئگزين منجهه هفتيوار ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي مضمون ڇپجندا رهن ٿا. سندس سوڀ سنڊي مئگزين ادبي نالي جي سڃاڻپ سڄي سنڌ ۾ ظاهر ڪرڻ ۾ ڪا ڪمي ناهي ڇڏي، ابراهيم لاشاري جا 200کان مٿي مختلف ڪالم ڇپجي سنڌي ادب ۽ اخبارن ،رسالن ، مئگزرين جي زينت بڻيا آهن سنڌ جي هن سيبتي ڪالم نويس اديب اڄ پهرين جنوري 2017ع تي ( 41) سالن جي ڄمار ۾ پير پاتو آهي منهنجي هن نماڻي طبيت جي سهڻي اديب ڪالم نويس لاءِ ڌڻي در دعا آهي ته هو اڃان پنهنجي ڏات منجهان سنڌي ادب کي پنهنجي قلم وسيلي شادآباد ڪري . ********

    .
     
    آخري ترميم: ‏31 آگسٽ 2017
  2. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    سنڌ جو جاکوڙي ڏاهو اديب ليکڪ محمد ابراهيم لاشاري[​IMG]

    فقير محمد سنڌي

    پنهنجي ڌرتي وادي مهراڻ جي مهين جي دڙي جي چيڪي مٽي کي صدين کان وٺي اهو اعزاز رهيو آهي ته هن خوبصورت سرزمين جي خطي تي ڪيترن ئي اديبن اهل علم وارن کي پنهنجي گود ۾ جنم پئي ڏنو آهي ،اهڙي ريت اڳوڻي ضلعي لاڙڪاڻي ۽ هاڻوڪي ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي واره تعلقي جي ڳوٺ ميد شهيد جي معزز شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گهر ۾ 1 جنوري سال1976ع خميس ڏينهن خوشين جو ڏينهن ثابت ٿيو جو سندس کي رب سان هڪ ماڻيٺي طبعيت جي پٽ جي اولاد سان نوازيو جنهن جو ڇٺي جو نالو( محمد ابراهيم لاشاري) رکيو ويو ،جيڪو اڳتي هلي ادبي دنيا ۾ وري (ابراهيم لاشاري ) سان هن وقت تائين مشهور پڻ آهي ، ابراهيم لاشاري جي والدين ننڍي هوندي بهترين تربيت ڪري پنهنجي اباڻي ڳوٺ ميد شهيد جي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو جتان هن محنتي ٻار پنج درجا پاس ڪري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لا وارهه هاءِ اسڪول ۾دخلا ورتي پر جلد هاءِ وارهه ڇڏي گورمينٽ هاءِ اسڪول کنڊو منجهان هن ميٽرڪ جو امحتان سال 1992ع(اي گريڊ ) ۾ پاس ڪري ورتو تنهن بعد هن هائير سيڪنڊري اسڪول وارهه منجهان انٽر ۽ سال 1994ع ڌاري سنڌ يونيورسٽي جي ( ماس ڪمينوڪيشن ) واري ڊپارٽميت ۾ داخلا ورتي جتي هن ڪجهه عرصو تعليم پرائي والد جي اوچتو وفات سبب هو تعليم جي سلسلي کي خير آباد چئي اچي ڳوٺ وسايو بعد ۾ گريجوئيشن ۽ پوشت گريجوئيشن (سنڌي ادب ) ۾ سندون پڻ حاصل ڪري ورتيون ، هن ان زماني ۾ وري صحافتي دنيا ۾ پير پاتو پاڻ وارهه اسٽيشن لاءِ مختلف اخبارن جهڙوڪ روزاني ڪوشش ، روازني عوامي آواز ، روزاني سچ ، رواني تعمير سنڌ ، ۽ ٻين اخبارن ۾ پڻ ايمانداري سان پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهيو تنهن بعد سال 2006ع ۾ سنڌ گورنمينٽ تعليم کاتي جي سنڌي ادب جي ليڪچرارس جي پوسٽ لاءِ امتحان ورتو جنهن ۾ ابراهيم لاشاري پڻ اميدوار پڻ هو هن محنتي ذهين ليکڪ اديب سڄي سنڌ جي اميداورن مان لکت واري امتحان ۾ سڄي سنڌ ۾ (ٻيو نمبر ) حاصل ڪري سنڌي ادب جو ليڪچرار گورنميٽ شاهه لطيف ڪاليج قمبر ۾ مقرر ٿيو جتي اڄ ڏينهن تائين درس تدريس واري شعبي سان نهايت ايمانداري سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو پاڻ سال 2008ع ڌاري ڊسٽرڪٽ زڪوات آفسير واري عهدي تي پڻ ايمانداري سان ڪم ڪري چڪو آهي سال 1998ع کان وٺي هن جاکوڙي اديب سنڌي ادب کي پنهنجي مختلف موضوعن تي لکڻين سان نوازيندو پيو اچي هن وقت سنڌ جي سمورين اخبارن سندس جي لکڻين کي تمام گهڻي جاءِ ڏينديو پيون اچن پاڻ هن وقت 300 کان مٿي مختلف لکڻيون لکڻ جو ٿوري عرصي ۾ اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي ، سنڌ جو هي بهترين مهان اديب لاءِ دعا آهي ته هو سنڌي ادب کي اڃان پنهنجي قلم جي نب سان آسود ڪندو رهي ابراهيم لاشاري هن وقت سنڌ پروفيسر ليڪچرار ايسوسئيشن (سپلا) ضلعي قمبر جو جنرل سيڪريٽري واري عهدي تي ڪم پڻ ڪندي نظر اچي ٿو سنڌ جو هي نماڻو اديب هن وقت پنهنجي هڪ پٽ علي ابراهيم لاشاري ٽن نياڻين ۽ گهر وارن سان وارهه شهر ۾ زندگي جا پل گذاري رهيو آهي
     
  3. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    وارهه شهر جي ڪهاڻي ___________ابراهيم لاشاري [​IMG]

    پنهنجي وادي مهراڻ سونهن ڀري سر زمين جا شهر وستيون ، واهڻ ، ڳوٺ ، شهر ، دنيا وجود ايندي صدين کان وٺي آباد ٿيل نظر اچن ٿا ،اهڙي ريت منهنجو جنم ڀومي شهر وارهه وادي مهراڻ جي چيڪي مٽي جي شهر مهين جي دڙي واري شهر کان 45 ڪلوميٽر جي مفاصلي تي لاڙڪاڻي شهر کان اولهه طرف ڪلهوڙن جي زماني کان وٺي اڄ تائين پنهنجي ترقي واري جوڀن جي هن سونهن ڀري سنسار ۾ ڏيهان ڏيهه پڻ مشهوري ضروي ماڻي آهي، ڇو جو هن شهر ڪيترن ئي اديبن ، ڏاهن ، دانشور ، علم جي اڪابرن کي پنهنجي هنج ۾ پيدا ڪري وڏي نالي وارو بڻايو آهي سنڌ جو هي قديم شهر سال 1901ع ڌاري تعلقي جي حيثيت حاصل ڪري ورتي هئي مڱر انهن سال کان اڳ هي تعلقي جي حيثيت وارو شهر ڪوٺيو وڃي ٿو ڇو جو سنڌي ادب جو چمڪندڙ ستارو مهان اديب شمس العماءَ مرزا قليج بيگ صاحب کي اهو اعزاز پڻ حاصل رهيو جو هو 1897ع ڌاري نصيرآباد ايٽ وارهه جو پڻ بهترين مختيار ڪار رهي چڪو آهي ، قدامت جي لحاظ کان هي شهر ڪنهن بادشاهه يا وزير ، زميندار جو ٻڌرايل ناهي مڱر روايتن جي لحاظ منجهان ثابت ٿئي ٿو ته وارهه لفظ (واري جي دڙن ) ڪري يعني پنهنجو دادلو دريا جي هتان وهڻ جو اشارو ملي ٿو( ڇو جو هن جي ڀرسان اڄ به واري جا وڏا وڏا دڙا موجود آهن ) آبادي جي لحاظ سان هي ٻن لکن جي آبادي وارو شهر پڻ آهن جنهن منجهه 10 يونين ڪائونسل 43 ديهون تي پڻ مشتمل آهي انتظامي لحاظ کان هي وارهه تعلقو اڳ ۾ لاڙڪاڻي ضلعي جو حصو پڻ هو جڏهن ته ڊسمبر 2004ع کان هن سب ڊويزن ۽ تعلقي کي لاڙڪاڻي ضلعي کي ٽوڙي قمبر شهداد ڪوٽ ضلعي ۾ شامل ڪيو ويو آهي وارهه شهر سرسبز ۽ آبادي وارو هي شهر پڻ سبزي جي جي ڪري ڏيهان ڏيهه مشهور پڻ هو، هن شهر جي سبزي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ وڪري لاءِ ويندي هئي جڏهن ته سندس آباد زمينن کي وارهه بئراج جو پاڻي سرسبز ۽ سونهن ۾ واڌرو ڪرڻ ۾ ڪم اچي ٿو وارهه شهر منجهه مختلف قبيلن برادرين جهڙوڪ کهاوڙ ، لاشاري، ابڙا ، چانڊيا ،سومرا ، ڇٽا ، گائينچا ، ڪلهوڙا ، سوڍر ، سومرا ، بروهي ، چنا ، تنيا، قريشي ، ڪاڪيپوٽا ، گاڏهي ، مـڱڻهار، مڱڻيجا، ٻگهيا، ميرجت، ٻرڙا ، چن ، ڀٽي ، کرل ، هندو ، مغل ،راجپوت ، آرائين ،آريجا، باريچا، لوهر، ڀاڳت ، جوڻيجا، پتوجا، ميمڻ ، پيرزاده، سيد ، ڏيپر،،مگسي، جوکيا ، ۽ پڻ ٻيو ڪيتريون ئي برادريون جا ماڻهو هن شهر ۾ آبادي جو حصو آهن هن شهر ۾ ناليوارا اديب شاعر منجهان ، سياستدان ، مولوين، ليکڪن ، منجهان ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر ، ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو ، فقير محمد لاشاري (ف _ م ) نور جوکيو ، ڊاڪٽر اڪبر قريشي ، ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ ، ڊاڪٽر قاضي عبدالغفار ، جانڻ چن ، هدايت علي نجفي تارڪ، منان چانڊيو ، حنيف سوڍر، ابراهيم لاشاري ، سعيد سومرو ، نجيب چانڊيو ، احمد خان(جبران ) ڇٽو ، اياز ڀاڳت، نظير ڇٽو ، قمرالدين ڇٽو شهيد ، مولوي مير حسن بروهي مولوي تاج محمد گاڏهي ، مولوي منور قريشي، قاضي محمد رمضان لاشاري ،رئيس سراج الدين ابڙو ،رئيس ٺارو خان ، منظور مارفاڻي ، محمد ابراهيم چانڊيو ، وڏيرو علي حسن بروهي ، عيد محمد بروهي ،رئيس رتو خان ڪلهوڙو ، محمد سليمان ڪلهوڙو ، رحيم بخش آريجو ، حليم الله ٻگهيو ، رياض الدين ابڙو ، حريف خان چانڊيو ، امداد حسين چولياڻي، ملوڪ شاهه ، رائي گل محمد کهاوڙ ، استاد عبدالمالڪ چانڊيو ، رئيس غلام حسين لاشاري ، رئيس بشير خان چولياڻي ، سرتاج احمد چانڊيو ، نظير حسين راڌاڻي ، نياز حسين مير جت ، قيصر خان ڇٽو ، ،حافظ خير محمد چولياڻي ، احمدي تنيو ، عبدالهادي چولياڻي شعيب مصطفي ڇٽو ، فيض بروهي ، رئوف گائينچو ، محمد صلاح چانڊيو ، غلام حيدر ڇٽو ، عبدالفتاح سومرو ،مولوي محمد صديق مڱڻيجو سرائي عبدالفتاح کهاوڙ ، سرائي محمد نواز کهاوڙ ، سرائي غلام رسول کهاوڙ وڪيل ، سرائي فقير علي مراد کهاوڙ ، منظور سولنگي وڪيل ، سائين موهن لعل ، ڌنومل ،فقير محمد تنيو ، رئيس قبول محمد تنيو ، ذوالفقار نوحاڻي تونيو ، اسدالله چولياڻي ، عبدالغفار چولياڻي ، استاد محمد قاسم لاشاري ، شهيد ڊاڪٽر امير علي لاشاري ، محمد مٺل چن ، محمد خان پنجابي ، استاد خادم حسين تونيو، مور منصور چانڊيو قابل ذڪر ۽ معزز شخصيتن ۾ شامل پڻ آهن ،هن شهر منجهه تعليم پرائڻ لاءِ بوائز ۽ گرلز هائرسيڪنڊري اسڪول ، وڪيشنل اسڪول ، مونو ٽيڪنڪل اسڪول . کان سواءِ تعلقه اسپتال پڻ موجود آهي هن شهر ۾ روڊ رستل جو بهترين ڄار وڇايل پڻ آهي هن شهر وارهه جو نيڪال جو سرشتو تمام بهتر ۽ اعلي نموني جو پڻ آهي وارهه ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو پڻ آهي هن شهر جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين واٽر سپلاءِ پڻ موجود آهي جيڪا شهرين جي ضرورت کي پڻ پوري ڪري ٿي وارهه ۾ صحافتي دنيا واري سلسلي ۾ ٻه پريس ڪلب پڻ موجود آهن صحافي دوستن منجهان نظير ڇٽو ، ساحل سڪندر چولياڻي ، ذوالفقار چانڊيو عرف ذولفي ، پرويز ٻرڙو ، قاضي مظفر ، ظهور چانڊيو ، حاڪم پتوجو ، علي اصغر ميراسي، عبدالخالق ڇٽو ، رشيد احمد لاشاري ، وراهه شهر ۽ تعلقي جا ڪيتريون ئي شخصيتون هن وقت اعلي سرڪاري عهدن تي فائز پڻ آهن هن شهر وارهه جي سونهن ۾ پڻ ڪرڪيٽ راند کيڏڻ لاءِ هڪ زبردست ميدان موجو پڻ آهي جيڪو ٿرڙي گرائونڊ جي نالي سان مشهور پڻ آهي جتي سنڌ ليول طور تي راندين جا مقابلا وقت به وقت ٿيندا رهندا آهن هتان جي مشهور ڪرڪيٽ رانديگرن ۾ خليل احمد بروهي ، شفيق مصطفي ڇٽو ، اسماعيل بروهي ، راجه ٻرڙو ، نادر ڇٽو ،عابد قريشي ، مهراڻ چولياڻي پڻ شامل آهن هي شهر پڙهيل لکيل ۽ سياست جو مرڪزي شهر پڻ سڏيو وڃي ٿو هن شهر جي آس پاس ۾ ڪيترائي فصل جهڙوڪ ساريون ، ڪڻڪ ،ڪمند ، جوءَ مٽر، سرنهن ، پڻ پيدا ٿين ٿا باقي هن شهر منجهه ڪو به تفريحي باغ ، سرڪاري لائبريري ، ڪميونٽي هال نه هجڻ ڪري هن شهر جي سونهن پڻ متاثر ٿئي ٿي منهنجي دعا آهي ته هي شهر وارهه سونهاري سنڌ جي ٻين شهرن وانگر سرسبز شاد آباد هجي _____________ ابراهيم لاشاري لاشاري 6[​IMG]
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترم سائين سلام

    اوهان جون لکڻيون ۽ مضمون پڙهندو رهان ٿو.
    اوهان جي ادبي پورهيي، جستجو ۽ جاکوڙ تي اوهان کي جس هجي.
     
    ابراهيم لاشاري هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    پيارا محمد سليمان وساڻ صاحب منهنجي ادبي پورهيي جي قدرداني ڪرڻ ۽ اتساهه ڏيڻ لاءِ آءَ اوهان جو دلي ٿورائتو سائين لک قرب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو