نه ٿي دلگير دلبر تون ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نه ٿي دلگير دلبر تون
    __________________

    نه ٿي دلگير دلبر تون اسان جو ڏينهن اچڻو آ
    ڏکن جو وقت سهڻا هي هميشه ڪين رهڻو آ
    اماوس آ ته ڇا ٿي پيو وري چنڊ چاهتون چمندو
    گذر ٿي ويندي ڪاري رات روشن ڏينهن ٿيڻو آ
    ڀلاري ڀونءِ جا ڀائر هڻي نارا اٿي پوندا
    ڀڄي گيدي سڀ ويندا نظارو نينهن نچڻو آ
    مندو ميرو سڀ سنڌ جو گندو ٿيندو غلطانن
    اسان جو سنڌي سوره پٽ ورائي واڳ ورڻو آ
    وسيلا وس هوندا پنهنجي ٻنيون ٻارا هوندا نيارا
    نه ڪو بدمعاش هوندو هت ماري سڀ ناس ڪرڻو آ
    شهر هونداامن جا گهر زبان تي ڳوٺ جون ڳالهيون
    اچاريندو امن کي جو سپت سو سنڌي سهڻو آ

    رسول بخش دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو