اهڙو هي جيءَ پورهيو ...

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اهڙو هي جيءَ پورهيو
    ““““““““““““““““““““““““

    اهڙو هي جيءَ پورهيو
    ڇو ٿو چئين ته گهوريو
    صدين کان هي سفر آ
    منزل مراد خاطر
    ڪي ئي جوان جوڌا
    گهايا جي عشق مايا
    ڌرتي جي سڪ سالم
    رکڻي اٿي او بالم
    پنهنجا به گهاو ڏين ٿا
    موقعي پرست ٿين ٿا
    غدار سنڌ ۾ ڪيئي
    او پيارا اڃا اٿيئي
    تون ڪرت پنهنجي پڙلاءَ
    هلندو هلي هڳاءُ
    هڪ مان لکين ٿيا هون
    ڪروڙن ۾ به ٿا ڪاهيون
    هي شوق وحدتن جو
    مٽي مصيبتن جو
    ميڙي اچو ڪو چونڊي
    رهجي نه ڪو ئي رهنڊي
    اونداهيون هي وينديون
    ڏک کي جي هي ڏرينديون
    بره بود ٿيندو
    آڪاس ابتو هوندو
    لوڙهيو نه ٿي لسي ڪا
    ٿر بر ۾ اڄ وسي ڪا
    گوندر به تر ٿيا هن
    ٻهڪي جي بر پيا هن
    نوري به ناز هوندي
    اهڙِ گهڙي ڪا ايندي
    فڪرن ڪي ڪيو فنا سڀ
    هلڄل هلايو پورب
    ڳيرن آواز پيارو
    گونجي ٿو تر هي سارو
    تترن جي ٻولي پياري
    تڙڳي ٿي پئي ڪٽاري
    ڪونجون به ڪرڪي پيون هن
    سڪ ۾ سفر سريون هن
    آئي اجها هو آئي
    رت ۾ جا ريٽي ڳائي
    ڌرتي تي حق وارو
    هڻندا هلو هي نعرو
    غم ويو اسان جو سارو
    هڻدا هلو هي نعرو
    هڻندا هلو هي نعرو

    لبستم دائودپوٽه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو