شاهينا وهاب جي شاعري

'سنڌي شاعري' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏8 سيپٽمبر 2017۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    شاهينا وهاب جو تعلق بدين ضلعي جي تعلقي ماتلي سان آهي. پنهنجي ڳوٺ جي مردن توڙي عورت مان پهرين ۽ واحد عورت آهي جيڪا شاعري ۽ پينٽنگ طرف مائل ٿي آهي. سندس ذھن هميشه هن سماج جي واهيات رسمن، رواجن ۽ عورتياڻي پابندين جي خلاف رهيو آهي. حساس طبيعت ۽ ڪوڙن ۽ ٻھرُوپي ماڻھن کان شديد نفرت ڪندڙ شاهينا ڪجهه عرصو شاهين سنڌيءَ جي نالي سان شاعري ڪئي جيڪا مختلف رسالن ۾ پڻ ڇپي. هوءَ اردو ۽ سنڌيءَ ۾ شاعري ڪري ٿي. سنڌ سلامت لاءِ موڪليل سندس شاعري هتي پيش ڪجي ٿي:

    شاهينہ وهاب

    ”اسان“

    اسان ماڻھو موڳا مَٽر هون
    اسان پيار سوا ڪجهه نه ڄاڻون
    اسان پيار ڄاڻون اعتبار ڄاڻون
    ريتين کان سوا رسمن کان سوا
    وعدن کان سوا قسمن کان سوا
    اسان پيار ڪيو جسمن کان سوا
    هن روح جي ويجهي راحت ۾
    ھن پيار سچي جي چاهت ۾
    مَنَ تنهنجي قدمن جي آهٽ ۾
    جت پيار پرين ويساھ وڌي
    اڌ رات ويلي جڏهن ياد اچي
    ڪائنات روئي ۽ ماڪ وسي
    هڪ لُڙڪ ٽمي گڏ تارو ٽُٽي
    ۽ دل پئي چنڊ سان حال ونڊي
    هڪ چنڊ ئي پيو ٿو توکي پسي
    احساس منهنجا چانڊاڻ کڻي
    پئي تن کي توتي گهور ڪري
    ۽ دل ملڻ لئه زور ڪري
    اهي لمحا ماڻڪ لمحا سي
    اسان تن ۾ جيئڻ وارا آهيون
    اسان ماڻهو موڳا مٽر هون
    اسان پيار سوا اعتبار سوا
    ڪجھ به نه ڄاڻون
    ڪجھ به نه ڄاڻون !
    ____

    گيت

    شاهينہ وهاب

    گوري!

    ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي
    ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي
    ھيءَ دنيا وات بلا جو آھي
    اُن کان پاڻ بچائي گوري
    ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !

    ڇير پير ۾ ڇم ڇم ڇم ڇم
    ٿي ڏاډو شور مچائي
    لوڪ سُتل جاڳائي گوري
    ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !

    ڊيل جيان تنھنجي ٽورَ او گوري
    گھورَ ٽورَ تان مورَ او گوري
    ھوريان وِکَ وڌائي گوري
    ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !

    تنھنجي حسين پيرن ڏي
    ڪيئي پيا ٿا نانگ نھارن
    ڦوڪ ڏئي ٿا ڦُوڪارن
    وجھين نہ پاڻ ڏنگائي گوري
    ڇوري ڇير نہ تون ڇمڪائي !
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينه وهاب

    محروميون …!

    هي کدڙا فقير،
    مُخنثَ ،خواجہ سرا،
    هيجڙا يا ٽرانسجينڊر
    جيڪي به کڻي چئو

    پر ڪيڏا هي ويچارا ماڻهو
    ڪيڏا پيارا سارا ماڻھو
    ناچ نچي جي پيسو ٺاھن
    پنهنجي محنت سان ٿا ڪمائن
    لوڪ چپن تي مُرڪ ٿا لائن
    هر پل هوندا دعاگو آهن

    ڪڏھن يار انهن سان
    ويھي حال ونڊيو جي
    هانؤ هاريا سي ويچارا
    لُڙڪ اکين ۾ لڙي ايندا ٿن
    پوءِ به گيت چپن هوندا ٿن
    اهڙا هيءَ دلدارا ماڻھو

    تِن جو ڇو نه رتبو ساڳيو؟
    رب ته آهي تِن جو به ساڳيو!

    پوءِ ڇو هوُ انسان نه سڏجن
    حيوانن جا به حق آهن
    ۽ تِن لئہ به تنظيمون آهن
    پر هي جيڪي ماڻھو آهن
    تِن جي ڪائي عزت ناهي
    ڇا تعليم انهن جو حق ناهي
    عام جيان تن لئہ
    ڇو ڀلا نوڪري ناهي !

    اسان جھڙا ئي ماڻهو آهن
    ڇا ”مُخنثَ“ سارا ماڻهو ناهن؟
    هي دنيا ظالم دنيا آهي
    ڪيڏي ظالم دنيا آهي
    قدرت جو ڪو قدر ئي ناهي
    بي دردي! پنهنجي مطلب سان هي
    ڪنءَ نه تن کي ٿي رَتُ رئاڙي
    دنيا ڪيڏي ظالم آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينہ وهاب

    ڪنءَ تہ جيان !

    ھاءِ اَلا
    رات رُٺي
    آءٗ اها
    قرب ڪُٺي
    ڪاڪ مٿان
    ماڪ وُٺي
    مُند رُٺي
    دل به ٽُٽي
    ننڊ ڇُٽِي
    آس ٽُٽي

    لُڙڪ لڙيا
    نيڻ سڙيا

    پوءِ به اڃان
    صدقو وڃان
    توکان سوا
    ڪاڏي وڃان؟
    تنهنجي بِنا
    ڪنءَ ته جيان؟
    ڏَس ته ڀلا
    ڪنءَ ته جِيان !
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينه وهاب

    هڪ نظم !

    سنڌ ۽ سچ جي لاءِ
    منهنجي جان وڃي
    ته به گهور ڪيان

    پر او ڀورا ٻُڌ تون گيدي
    پٺيان نه مون تي وار ڪجان

    آهي سينو منهنجو حاضر
    ڀل گولي هڻ يا هڻ خنجر

    مون سچ چيو ۽ سچ ئي چوندس
    جي سچ سان مَچُ لڳي ٿو توکي
    سَڙُ ڀلي پيو پَچُ اُنھيءَ ۾

    رنگيلا تنهنجا رنگ سڃاڻان
    ڍونگي تنهنجا ڍنگ سڃاڻان

    مان تنھنجا ست ئي پردا لاھيان
    متان سمجھين مائي مان آھيان

    ھيءَ پوتي منھنجو عَلم اٿيئي
    تلوار سندم ھي قلم اٿيئي

    سنڌ نہ تنھنجي جاڳير آھي
    سنڌي تنھنجو نوڪر ناھي

    تنھنجو پيٽ پَلي تن پيسن مان
    مزدور جي ساري محنت آ

    ھاري ئي ان داتا آهي
    ڀُل آ تنھنجي تون مالڪ آن
    تون نوڪر آن تون نوڪر آن

    تون سنڌين جو سردار ناھين
    ڌارين جو تون ڪمدار آھين
    غدار آھين غدار آھين

    مان چوڪ چوڪ تي سَچُ چوان
    مون کي مارين ڀل تون مار اچي
    مان جندڙي سنڌڙيءَ تان گھوريان
    ھڪ وار تہ ڇا سؤ وار اچي
    مون کي مار اچي ڀل مار اچي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينه وهاب

    ”وائي“

    سانول ساري ساري رات اَلا
    ساريم توکي سِڪَ مان

    ڏاڻَ ڏنو تو ڏاتر مون کي مون
    وٽ ڏانءُ نہ ڏات اَلا
    ساريم توکي سِڪَ مان

    وَرھيہ وھامي ويا ڙي راڻل
    پر نہ وھامي رات اَلا
    ساريم توکي سِڪ مان

    آ ته ٻُڌون يَر پرھہ ڦُٽيءَ جو
    پاڻ پکين جي لات اَلا
    ساريم توکي سِڪَ مان
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينہ وهاب

    تڏھن !

    جڏھن وِڇڙي ڪوبه وِيو هوندءِ
    تڏھن ڏاڍو درد ٿِيو هوندءِ
    هڪ لُڙڪ اکين مان لَڙيو هوندءِ
    وڃي پيرن منجھ ڪِريو هوندءِ
    جِيءَ جُھوريءَ منجھ جُھريو هوندءِ
    ۽ پل به نه پير چُريو ھوندءِ
    ڪري رِيھون روح رَڙيو هوندءِ
    تڏهن ڏاڍو درد ٿِيو هوندءِ
    تڏهن ڏاڍو درد ٿِيو هوندءِ
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينہ وهاب

    ”غزل“

    اوھان سان جڏھن عاشقي ٿي وئي آ
    تڏھن شاعري ، شاعري ٿي وئي آ

    اوهان جو ملڻ مُرڪ جھڙو اسان لئہ
    اوهان جو کلڻ زندگي ٿي وئي آ

    اوهان نيڻ گھرا گلابي کنيا جو
    تڏهن ھر طرف روشني ٿي وئي آ

    اوھان ساڻ دلڙي اڙي وئي اسان جي
    اوھان کي ڏسڻ بندگي ٿي وئي آ

    اوهان ئي خُماريل خيالن تي ڇانيل
    سچي سونَ جنءَ هر گهڙي ٿي وئي آ

    اوهان سان ملياسين ملي زندگي آ پرين ،
    ڪيڏي دنيا حسين ٿي وئي آ
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شاهينہ وهاب

    ”ماڻهو ميگھ ملهار“

    ڪي ماڻهو ميگھ ملهار اُٿيا
    ڪي نِوڙت ڪندي نروار اُٿيا
    ڪي ڏونگر ڏاري ڏار اُٿيا
    ڪي دودا ، ساڻ ترار اُٿيا
    ڪي دُولھ دريا ، ڌار اُٿيا
    ڪي شاھ لطيف، ٿي يار اُٿيا
    ڪي سچل، جھڙا سچار اُٿيا
    ڪي هوشُو ، ٿي هُٻڪار اُٿيا
    ڪي ڀڳت سنگھ ، سردار اُٿيا
    ڪي ڪنور ڀڳت ، اقرار اُٿيا
    سي جانب جلويدارَ اُٿيا
    ڪي هيمون ڪلنگيدار ، اُٿيا
    ڪي لالڻ ، ٿي للڪار اٿيا
    ڪي ڀُٽا، ٿي ڀُڻڪار اُٿيا
    ڪي بينظير ، بهار اُٿيا
    سي سوريءَ جا سينگار اُٿيا
    سي ماڻهو ماڻڪ ماڻهو ها
    ٿي الفت جو اظهار اُٿيا
    تھڙا نه وري دلدار اُٿيا
    ٿي ساري سنڌڙي ساري تِن کي
    ساري سنڌڙي ساري تِن کي
    ساري ۽ اوساري تن کي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو