غزل ساوڻ مند هو سوچون ..... ________________ ساوڻ مند هو سوچون وسندو رهيو سدائين اکڙين ۾ نار جاري جلندو رهيو سدائين دوريون ته يار دلبر ڏيئي ويو دل ڏکائي چاهت ڪجو نه ڪنهن سان چوندو رهيو سدائين بي باڪ بره هن جو بوندو سدائين بر ۾ ڏک ۾ ڏمر نه جنهن وٽ کلندو رهيو سدائين هي پيار پور جهڙو زخمن ناسور جهڙو سڪرات جو سمان سڀ مرندو رهيو سدائين وائي نه وات ٻي هن هڪڙو ئي سر سوادي پيارل کي پيار پويان لڇندو رهيو سدائين لبستم دائودپوٽه