دنيا ۾ نئين سال ملهائڻ جا انوکا طريقا

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    دنيا ۾ نئين سال ملهائڻ جا انوکا طريقا
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري ( وارهه)

    وقت ڪائنات ۾ موجود سڀني خلقيل شين کان اتم ۽ اعلي، مٿاهون ۽ سڀني کان وڌيڪ قيمتي پڻ آهي ، ظاهري طور ڪا به سماج واري شڪل نه هجڻ جي باوجود ڪائنات جي هن مڪمل نظام منجهه سندس وڏو عمل دخل ظاهر ٿئي ٿو ، جڏهن اسين ڪائنات تي نظر وجهون ٿا ته ان جا مختلف مظهر جهڙوڪ ڏينهن رات ،صبح شام، سردي گرمي ، موسمون ،چنڊ ،ستارا ، سج ، ڪهڪشائون ،ڪتيون ۽ وهائوتارا سڀ پنهنجي عمل ۾ وقت پابند بڻيل نظر اچن ٿا .مطلب ته جهان جون جملي تخليقون پنهنجو ڪردار پنهنجي مقرر وقت تي نڀائي دستبردار ٿي وڃن ٿيون اهڙي طرح دنيا جا سڀئي انسان وقت يعني ڏينهن ڪلاڪن،منٽن ،سيڪنڊن جي قدر کان واقف آهن .اهڙي ريت سان ڏينهن جي نئين تاريخ جي خبر (ڄاڻ) قمري مهيني جي شامسج لهڻ بعد نئين ايندڙ تاريخ جو پتو پوي ٿو . جڏهن ته گريگورين ڪلينڊر (انگريزي ) ڪلينڊر مطابق ڊسمبر جيڪو سال عيسوي جو ٻارهون نمبر مهيني جي 31 تاريخ تي رات جو 12 بجه بعد نئين تاريخ جي ڄاڻ ڏئي ٿو .جڏهن ته نئين تاريخ جو رات 12 بجه تبديل ٿيندي آهي .جنهن کي نئون سال سڏبو آهي ،ڊسمبر مهيني جي آخري رات 12 بجه بعد نئون سال (هيپي نيو يئر) طور سڄي دنيا منجهه مقرر ٽائيم تي پنهنجي پنهنجي ملڪن منجهه جدا جدا طريقن سان ملهائن ٿا .اهڙي طرح اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي مختلف شهرن ، ڳوٺن ،۾ مختلف طريقن سان پڻ اها رات ملهائي ويندي آهي ، اڪثر ڪري شهرن منجهه ملڪ جي سلامتي لاءِ دعائن ۽ مچ ڪچهرين ،سر سنگيت جي محفلن ۽ هوائي فائرنگ سان ملهائي ويندي آهي ۽ ان رات خوشي جو سماءَ هر طرف نظر پيو ايندو آهي . اهڙي ريت دنيا جي ٻين ملڪن ۾ وري جدا جدا ۽ انوکن طريقن ۽ رنگن سان نئين سال جي خوشي ملهائي ويندي آهي . اهڙي طرح اڀرندڙ سج جي زمين چورائڻ واري ملڪ جپان منجهه 108 گهنٽيون وڄائي ڪري 108 گناهه معاف ڪرايا ويندا آهن ، انهن جپان ملڪ وارون جو عقيدو آهي ته گهنٽين جي آواز ٻڌڻ سان انساني جسم ۾ 108 گندا خيالات ختم ٿي وڃن ٿا .ڪيوٽو جي شين مندر منجهه 74ٽن ڳورو وزني هڪ گهنٽ لٽڪيل هوندو آهي جاپان جا باشندا ان گهنٽ جو وڏو معتبرڪ ۽ خيال رکندا آهن . ان لاءِ انهن جي ڪوشش هوندي آهي ته ان وزني گهنٽ جو آواز اسان جي سماعتن (ذهنن) تائين پهچي ۽ ٻڌو وڃي ڇو جو ان جي ٻڌڻ سان سڪون ۽ خوشي محسوس ڪندا آهن

    رومانيه ۾ نئين سال جي اچڻ جي خوشي تي نوجوان پنهنجي ٻهراڙي ۾ وڃي ڪري (ڊرم) وڄائيندا آهن ۽ پنهنجي ڏاندن ۽ ڳوئون (جانورن ) کي ٻڏل گهنٽين کي هٿن سان زوز سان وڄائيندا آهن سندن اهيو انهن جو خيال آهي ته انهن جي وڄائڻ سان اسان جا فصل ڀلا ٿيندا ۽ ملڪ ۾ خوشي ۽ خوشحالي اچي ويندي

    ميڪسيڪو ملڪ جا ماڻهو نئين سان جي آمد تي خالي ميدانن تي نڪري ويندا آهن ۽ هوائي فائرنگ ڪري نئي سال جو استقبال ڪندا آهن ،انهن جو خيال ظاهر ڪري ٿو ته اچڻ واري نئين سال ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي وطن جي صحيح نموني سان حفاظت ڪري سگهون ٿا

    ناروي ملڪ جا ماڻهو نئين سال جي موقعي تي هڪ خصوصي طعام تيار ڪرائيندا آهن جنهن کي (ليوٽفسڪ) چوندا آهن .ان منجهه تازا مٽر ،گوشت ، سرهه، ۽ اٻاريل ٻٽالو استعمال ڪندا آهن ، ۽ اۡثر ان ملڪ جا ماڻهون وري خشڪ (ڪاڊ مڇي) جو طعام تيار ڪرائي کائيندا آهن

    اسپين ملڪ جا ماڻهو نئين سال جي آمد تي وري (انگور فروٽ ) جا 12 داڻا پنهنجي هٿ ۾ چونڊي رکندا آهن ۽ رات جو 12 بجي اهي انگور اهڙي طريقي سان کائيندا آهن جو هر هڪ ڪلاڪ جي هر هڪ ٽڪ ٽڪ تي هڪ هڪ داڻو کائيندا رهندا آهن ،اهڙي طرح ٽڪ ٽڪ 12 انگور جا داڻا کائي نئين سال کي خوش آمديد چوندا آهن

    پيرو ملڪ جا ماڻهون نئين سال جي آمد تي به ٺيڪ 12 بجي تمام گهڻا انگور هڪ هنڌ ميز جي هيٺيان رکي ڪري ويهي کائيندا آهن ڇو جو اهيو انهي ڪري ائين ڪندا آهن ۽ سندن خيال آهي ته صحت ۽ خوشيون ڪڏهن به اهڙي طريقي اپنائڻ سان رسي نه ٿيون سگهن

    سڪائيلينڊ جي ملڪ جا ٻار نئين سال جي پهرين شام پنهنجي ڪنڌ ۾ گهٽيون ۾ گهمندا آهن ۽ تمام سڀني گهرن ۾ جو جي اٽي مان تيار ڪيل (ڪيڪ) هڪ هنڌ جمع ڪندا آهن ، سڪائيلينڊ جا ماڻهون ان ڳالهه جا اميدوار هوندا آهن ته ڪاري (وارن وارو ماڻهون) مهمان اسان جي اڱڻ تي اچي پوءِ ڇو نه ان جو تعلق ڀلي ڪهڙي به مذهب يا نسل سان ڇو نه هجي انهن جو عقيدو آهي ته اهڙي طرح اسان جي گهرن ۾ سڄو سال برڪتن وارو هوندو

    آرمينا ملڪ جا تمام ماڻهون نئين سال جو رات 12 بجي وڏي هڪ باهه جي مچ تي ويهي ڪري کاڌا کائيندا آهن ۽ انهن جا پاڙي وارا انهن کي باهه جي مچ تي چمنيون رسن ۾ ٻڌي ڪري انهن کي ٽنگي انهن کي سال جا تحفا موڪليندا آهن

    اٽلي جي شهر نيپلر جا ماڻهون وري نئين سال جي آمد جي موقعي تي اڌ رات جو پنهنجي گهرن جو دريون کولي کائڻ پيئڻ وارا سڀ ٿانو ٻاهر اچليندا رهندا آهن انهن کي انهي ڳالهه جو ڪو فڪر ناهي ٿيندو ته ٿانون اڇلائڻ مهل اتان گهٽي مان گذرندڙ ماڻهون کي لڳي ڪري ان جو حشر ڇا ٿيندو .اهڙي طرح انهن ماڻهن جو عقيدو اهيو آهي ته اهڙي عمل ڪرڻ سان اهي خوش قسمت بڻجي وڃن ٿا

    ڊينمارڪ جا ماڻهون نئين سال جي آمد هڪ عجيب طريقي سان استقبال ڪندا آهن هو رات جو 12 بجه پنهنجن پنهنجن ڪرسين تي بلڪل تيار ٿي ويهي رهندا آهن . جڏهن رات جا 12 ٿيندا آهن ته هو پنهنجون ڪرسيون اڇلائي ڪري اوچتو وڏو بل ( ڇلانگ) ڏيندا آهن .انهن جو جو خيال آهي ته اهڙي بل ڏيڻ سان نئين سال ۾ داخل ٿي وياسين

    ڪوريا جون نوجوان ڇوڪريون نئين سال جي آمد تي پنهنجي گهرن اندر جهولا (سي سيو) تي لڏنديون آهن صدين کان وٺي انهن جي ملڪ ۾ اها روايت آهي ته انهن جون ڇوڪريون گهر کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سندن ڪنهن به تقريب ۾ شامل ٿيڻ جي ڪا به اجازت ناهي هوندي

    برازيل ملڪ ۾ نئين سال جو هڪ انوکي انداز سان استقبال ڪيو ويندو آهي . ريوڊي جنيرو جا ماڻهو نئين سال جي رات جو ٺيڪ 12 بجه سمنڊر منجهه بل (ڇهلانگ ) ڏيندا آهن ۽ ان رات ريوڊي جنيرو جي سمنڊ ڪناري تي ماڻهن جو وڏو هجوم اڇي لباس سان ملبوس ٿي گڏ ٿيندا آهن ۽ سندن هٿن ۾ گلن جا گلدستا ، ميڻ بتيون ، کٽمٺڙا ، چاڪليٽ، سگار، ۽ ڪمند جو جوس جون بتلون هٿن ۾ هونديون اٿن ۽ اهي سڀئي شيون سمنڊر جي (ديوي (ليما نجا ) جي خدمت ۾ پيش ڪندا آهن ۽ هنن جو اهيو عقيدو آهي ته هاڻ سڄوسال اها ديوي هنن جي حفاظت ڪندي ۽ خوشيون ۽ خوشحالي کڻي ايندي .

    اهڙي طرح رسمن جو تعلق ته مذهب سان ٿيندو آهي پر علائقي ، قبيلي يا خاندان ۾ نظر ايندڙ رسمون هڪ ٻئي کان مختلف ٿينديون آهن جڏهن ته هن جديد ٽيڪنالوجي جي دور ۾ جڏهن دنيا سوڙهي ٿي هڪ ڳوٺ جي حيثيت سان ظاهر ٿئي ٿي مگر ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ رسم رواج جي باري ۾ ڄاڻ وٺڻ مشڪل ڪم ناهي رهيو ، هتي ڪجهه اهڙين رسمن جو ذڪر ڪيوسين جيڪي پڙهندڙن کي عجيب وغريب ضرور محسوس ٿيون هونديو مڱر اهڙن رسمن کي مڃڻ وارا به موجود آهن .
    محمد ابراهيم لاشاري ​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو