1. سنڌ سلامت سنڌي ٻوليءَ جو وڏي ۾ وڏو فورم جتي اوهان رُڪن بڻجي ڪري سگهو ٿا گهڻو ڪُجهه!
    •    مُفت ۾ رُڪن بڻجي روزوانو سوين رُڪنن پاران ايندڙ موضوع پڙهڻ ۽ انهن راءِ ڏيڻ
    •    سنڌي ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ ايندڙ انقلابي پروجيڪٽس جو فائدو وٺڻ
    •   سنڌي لکڻ جي لاءِ هر مسئلي ۽ هر مُشڪل جو حل
    •   ذاتي ۽ عام رواجي ڪم ڪارن جي ڪنهن به مسئلي جو حل پُڇڻا نه مُنجهڻا يقيني طور ملڻ
    •   ڪتابن جي هڪ وڏي ذخيري مان لطف اندوز ٿيڻ
    •   ۽ ٻيو گهڻو ڪُجهه جيڪو هن فورم کي سنڌي جو هڪ بي مثال فورم بڻائي ٿو

    رجسٽريشن جو عمل، انتهائي تيز، سادو ۽ بلڪل مفت آهي، سو هتي ڪلڪ ڪري اڄ ئي ساٿ ۾ شامل ٿيو!
    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQs ڏسڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو
  2. سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام تي توهان کي ڀليڪار!
    •    مُفت ۾ رُڪنيت ڪيئن حاصل ڪجي؟
    •    جيڪڏهن پاسورڊ وسري وڃي ته کاتو ڪيئن بحال ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي موضوع ڪيئن موڪلجي يا موضوع ۾ جواب ڪيئن موڪلجي؟
    •   موضوع سان گڏ تصوير ڪيئن اپلوڊ ڪجي؟
    •   سنڌسلامت تي ڪتاب ڪيئن موڪلجي؟
    •   سنڌسلامت سان لاڳاپيل اهڙن ٻين کوڙ سارن سوالن جا جواب

    سنڌ سلامت عمومي سوالن جا جواب FAQsهتي ڪلڪ ڪري ڏِسو ۽ سنڌسلامت سٿ جا ساٿِي بڻجو.

هفتي جي ڏينهن جا نالا ڪيئن پيا دلچسپ حقيقتون

'مختلف موضوع' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏30 آگسٽ 2017
    تحريرون:
    64
    ورتل پسنديدگيون:
    12
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    هفتي جي ڏينهن جا نالا ڪيئن پيا دلچسپ حقيقتون
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه )

    آڳاٽي زماني ۾ وقت مهينن ۽ سال ۾ ته تقسيم ٿيل هئا مگر هفتي جا ڏينهن نه هوندا هئا جڏهن ماڻهو ڳوٺن کان شهر ۾ اچي ترسڻ لڳا ۽ عبادت لاءِ هڪ خاص ڏينهن جي ضرورت محسوس ڪيائون ان خاص ڏينهن تي پورهئي کان آجا ٿي عبادت ۽ واپار لاءِ هڪ هنڌ گڏجي ويهندا هئا انهن گڏجاڻين ۾ بابلين ويهي صلاح مشورو ڪري اهو فيصلو ڪيائون ته (خاص ڏينهن هفتي پوري ٿيڻ کانپوءِ ئي هجڻ کپي )تنهن بعد (يهودين) بابلين جي ان صلاح مشوري ۽ هنن جي راءِ کي اهميت بخشيندي چيو ته هفتي ۾ هڪ (وار) ڏينهن خاص عبادت لاءِ مخصوص هجڻ لازمي آهي ۽ اهو ڏينهن به هفتي کان پوءِ هجڻ گهرجي تنهن بعد هفتي جو پهريون ڏينهن (ڇنڇر) ڏينهن کان شروع ڪيائون اهڙي نموني سان هفتي جي (ستن ڏينهن ) جا نالا مقرر ڪيا ويا جڏهن مصرين ستن ڏينهن وارو هفتو مقرر ڪيو ته مصرين هفتي جي ستن ڏينهن منجهان پنجن تي گرهن جا نالا ۽ ٻن ڏينهن تي وري سج ۽ چنڊ جا نالا رکيا ويا رومين (روم ) وارن به مصرين جي مقرر ڪيل رکيل نالن کي برقرار رکيو هفتي جي ستن ڏينهن جا نالا جيڪي اڄڪلهه مقرر ٿيل آهن اهي اسان کي رومين کان بعد ۾ (اينگلو سيڪسن)يعني آمريڪا ۽ انگلينڊ جي اصلي باشندن (رهاڪن) کان مليا آهن هفتي جي ستن ڏينهن جا نالن کي پنهنجي ديوتائن جي نالن سان منسوب ڪري سڏيندا رهيا آهن اهڙي طرح اڄ تائين اهو سلسلو اڃان تائين هلندو پيو اچي سندن ديوتا اڪثر گهڻو ڀائنجي ٿو ته رومين وارا ئي ديوتا هئا يعني سج (سن) جو ڏينهن (سنڊي )يعني آچر جي نالي سان سڏيو ويو چنڊ (مون) جو ڏينهن يا ( منڊي ) مطلب ته سومر بڻجي ويو مارس جو ڏينهن سندن (ديوتا ٽيو) جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو جيڪو (ٽيوز)يعني ( ٽيوزڊي )يعني اڱارو جي نالي سان مشهور ٿيومرڪري جو ڏينهن هڪ ديوتا (وئودن)يعني (وينسڊي)يا اربع جي نالي سان سڏجڻ لڳو جوپيٽر جو ڏينهن رومين جي گوڙ ۽ کنوڻ واري ديوتا (ٿيوئي) جي نالي سان (ٿرس ڊي)يعني خميس جي نالي سان مشهور ٿيو وينس جو ڏينهن سندن ديوتا (اوڊين )جي نالي سان (فرج)يعني (فرائيڊي )يعني جمعي جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو سئٽران جو ڏينهن رومن لفظ( سيٽئنڊيج) مان (سيٽر ڊي )جو ڏينهن يعني ڇنڇر جو ڏينهن سڏجڻ لڳو اسلامي تاريخ (وقت) دنيا منجهه سج اڀرڻ کان وٺي سج لهڻ تائين جي وقت کي هڪ ڏينهن چون ٿا مگر رومي ماڻهو هڪ اڌ رات يعني رات جو 12 بجه کان ٻي اڌ رات 12 بجه تائين جي عرصي (وقت) گذرڻ کي وري ڏينهن چون ٿا هفتي جا ڏينهن آچر سومر اڱارو اربع خميس جمعو ۽ ڇنڇر هتي هفتي جي ڏينهن جو ترتب وار ذڪر ڪنداسين

    آچر ڏينهن جي فصيلت ۽ ذڪر ؛ جيئن ته آچر ڏينهن کي هفتي جو جو پهريون ڏينهن هجڻ جو اعزاز حاصل آهي

    آچر کي عربي زبان منجهه (الاحد) سڏيندا آهن الاحد جو مطلب معني آهي( پهريون يا هڪ)ائين کڻي چئجي ته هي ڪائنات جو پهريون ڏينهنن منجهان ڏينهن آهي آچر هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ نالو ٻه هزار سال اڳ جي پالي پراڪت جي پستڪن ۾ هي لفظ (آديتوار__آدچوار) لکيل آهي جنهن جو مطلب ۽ معني آهي (سج جو ڏينهن ) جيڪو بعد ۾ هلي (آئچوار _آئچر)مان ڦري گري (آچر) ٿيو ان کان علاوه نج سنڌي منجهه سج کي (آڏت) پڻ چئبو هو ٿي سگهي ته ان منجهان آڏتوار __آرتوار۽ آچر جڙيا هجن هن کي آتوار ۽ آچار به سڏيندا آهن آچر کي انگريزي زبان منجهه (سنڊي ) ڪوٺيندا آهن يعني ساڳي معني (سج جو ڏينهن )آچر کي فارسي ٻولي ۾ (يکشنبه) چوندا آهن اسان جي ملڪ پياري پاڪستان ۾ ڪيترن ئي سالن کان هفتيوار موڪل آچر جي وار تي ٿيندي آهي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومتي زماني ۾ پهريون ڀيرو پهرين جولاءِ 1977ع تي آچر بدران جمعي جي هفتيوار سرڪاري موڪل ڪئي وئي جڏهن ته سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي سرڪاري ادارن منجهه جمعي جي ڏينهن تي اڌ ڏينهن جي موڪل پهريون ڀيرو 22آگسٽ 1947 ع تي رائج ٿي هئي آچر جي هفتيوار موڪل تقريبا 20 سالن بعد 23فيبروري 1997ع تي وري ٻيهر جمعي بدران آچر هفتيوار سرڪاري موڪل ڪرڻ جو حڪم پاڪستان جي وزيراعظم ميان محمد نواز شريف جيڪو ان زماني ۾ ٻيهر وزيراعظم چونڊجي آيو ته هن جمعي جي ڏينهن بدران آچر ڏينهن هفتي وار سرڪاري موڪل ڪري ڇڏي اهو رواج اڄ ڏينهن تائين هلندڙ آهي اسلامي طور طريقي سان هن ڏينهن آچر تي پوک ڪرڻ وڻ لڳائڻ ۽ گهر تعمير ڪرڻ باعث برڪت آهي

    حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون صفه 33

    حوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون صفه 129 يادگارپبلشر حيدرآباد

    حوالو ڪتاب سنڌ سڄي سرهاڻ مرتب خادم حسين چانڊيو صفه 312 روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو 2010

    سومر ڏينهن جي فضيلت ۽ ذڪر سومر ڏينهن کي عربي زبان منجهه (الاثنين) چوندا آهن اثنين جو مطلب معني آهي (ٻه يا ٻيو) جئين ته هي هفتي جي ستن ڏينهن مان ٻيو نمبر ڏينهن آهي انهي لاءِ هن سومر ڏينهن کي (الاثنين) چون ٿا سومر يا سوموار هي هفتي جو ڏينهن آهي سوم چنڊ کي چوندا آهن تنهنڪري سوموار جو مطلب ٿيندو (چنڊ) جو ڏينهن سومر کي انگريزي زبان منجهه ( مون ڊي يا منڊي ) يعني (چنڊ جو ) ڏينهن چئبو آهي هن ڏينهن جي اسلام منجهه وڏي فضيلت آهي هڪ حديث ۾ آهي ته

    رسول الله صه جن فرمايو ته آئون ان ڏينهن پيدا ٿيس ۽ ان ڏينهن مون تي وحي جو سلسلو شروع ٿيو (مسلم)سومر ڏينهن آقا دوجهان حضرت محمد صلي الله عليه وله وسلم جن مڪه مڪرمه کان مديني شريف هجرت فرمائي ۽ انهي ڏينهن پاڻ سڳورا خاتم النبين شفيع المرسلين حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه واله وسلم جن مديني منوره ۾ داخل پڻ ٿيا سومر جي ڏينهن کي اهيا به فضيلت حاصل آهي ته هن مبارڪ ڏينهن تي الله تعالي آقا دوجهان حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن کي مڪه مڪرم جي فتح نصيب عطا فرمائي هن بابرڪت ڏينهن تي پاڻ ڪريمن صلي الله عليه واله وسلم جن پڻ هن جهان منجهان وصال فرمايو

    حوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون صفه 130 يادگار پبلشر حيدرآباد

    حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد اٺون صفه 198

    اڱاروڏينهن جي فضيلت ۽ ذڪر اڱارو هفتي جي ستن ڏينهن منجهان ٽيون نمبر ڏينهن جنهن کي هندو منگلوار چون ٿا اڱارو لفظ تمام پراڻو سنڌي لفظ آهي ان سان ملندڙ لفظ هندستان جي ٻين ٻولين زبانن جي قديم ادب مان به مليا آهن سنسڪرت جي مشهور لغت (امرڪوش) ۾ اهيو ساڳيو لفظ (انگارڪ وار ) معني (منگلوار ) ڏنل آهي اڱرو هندي لفظ منگل جي برابر آهي منگل وري آسمان منجهه نظر ايندڙ ڳاڙهو تارو آهي جنهن کي( منگل ديوتا) جي حيثيت حاصل آهي اهيو ئي تارو قديم يونان ۽ روم جو (مارس) ديوتا آهي اڱاري کي عربي زبان منجهه (الثلاثه)چوندا آهن جنهن جو مطلب آهي ٽيون ڏينهن تنهنڪري اڱاري کي (يوم الثلاثه ) چوندا آهن اردو زبان ۾ (منگل) ۽ انگريزي زبان ۾ وري (ٽيوز ڊي ) چوندا آهن هن ڏينهن جي فضيلت اهيا آهي ته آقا دوجهان حضرت محمد صلي الله عليه واله وسلم جن جڏهن به ڪنهن مهيني ۾ روزا رکڻ فرمائيندا هئا. ته ان جي شروعات اڱاري جي ڏينهن کان ڪرڻ فرمائيندا هئا

    حوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون صفه 132۽ 133

    حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون صفه 237

    اربعا جي ڏينهن جي فضيلت ۽ ذڪر اربعا اصل عربي زبان جي لفظ( اربع يا اربعه) مان ورتل آهي. جنهن جي معني آهي چار سنڌي ٻولي جي ڦيري مطابق پڇاڙي منجهه (الف) وڌائي موءَنٽ صورت ۾ (اربعا ( چوٿون يا چوٿين ) کي هفتي جو چوٿون ڏينهن ڪيو ويو ستارن جي علم جي ڄاڻ رکڻندڙ نجوم مطابق هفتي جا ڏينهن (آچر ) آرتوار کان شروع ٿيندا آهن انهي ڪري (اربعا هفتي جو چوٿون ڏينهن ٿيو سنڌي هندو ان کي ( ٻڌر ) سڏيندا آهن هن ڏينهن جي فضيلت اها آهي ته هن ڏينهن اربع تي مخلوق جي روزي جو الله تعالي انتظام ڪيو. حضرت ابن عباس رضه کان روايت آهي ته جيڪو شخص اربع ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو رکي ،ته ان جي لاءِ دوزخ کان برات لکي وڃي ٿي. (ابويعلي)

    حوالو انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پهريون صفه 164

    حوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون صفه 133 يادگار پبلشر حيدرآباد

    خميس جي ڏينهن جي فضيلت ۽ ذڪر خميس هفتي جي ڏينهن منجهان هڪ ڏينهن جو نالو آهي دنيا جي وڏي ۾ وڏي عظيم شاعر حضرت شاهه عبد اللطيف ڀٽائي رح به پنهنجي شاعري ۾ خميس جو ذڪر پڻ هن طرح ڪيو آهي شاهه سائين فرمائي ٿو ته ڪير ڪريندي ريس آيل سنگهارن سين

    جنين جي خميس واريون واري ڇڏيون (سر ڏهر 4_22)

    عربن هفتي جي ڏينهن جا نالا فارس وارن کان نقل ڪيا ۽ ڳاڻيٽي جي حساب سان ڏينهن جا نالا چونڊي منتخب ڪيا ويا .جنهن موجب فارسي ۾ ( پنجشنبه ) عربي ۾ الخميس ۽ مٺڙي سنڌي زبان ۾ (خميس ) بڻيو فارسي ۾ هفتي جي پنجين ڏينهن کي ( پنجشنبه) چيو ويندو هو، تنهنڪري عربن وري (الخميس ) ڪري هن جو نالو رکيو ٻنهي لفظن جي معني مطلب آهي (پنجون ڏينهن ) سنڌي ۾ هفتي جي وارن ڏينهن تي عربي زبان جي نالن جو گهرو اثر آهي. تنهن ڪري سنڌي ۾ به عربي نالو (خميس ) به هفتي جي ستن ڏينهن مان هڪ ڏينهن جي نالي سان منسوب ٿي رائج ٿيو. خميس لاءِ اسلامي روايتن ۽ عالمن جي راءِ آهي ته (الخميس ) جي معني آهي پنجون حصو جمعي جو ڀلارو ڏينهن هن ڏينهن کان بعد ۾ ايندو آهي ۽ هن ڏينهن تي ( جمعي رات ) خير خيرات ڏيڻ کي سٺو سنئون سمجهيو وڃي ٿو خميس کي انگريزي زبان ۾( ٿرس ڊي ) چيو ويندو آهي جيڪو عونان جي (گجگوڙ ڪرڻ واري ديوتا ) ٿور جي تبديل ٿيل صورت آهي ۽ ان (ٿور ) منجهان ( ٿرس ڊي ) بڻيو آهي خميس کي هندي ۾( ورهسپت وار ) (وسپت) به سڏيندا آهن ڪتاب اسلامي مهينن جو فضيلتون جو مصنف 135 پيج تي خميس بابت لکي ٿو ته خميس اهڙي لشڪر کي چوندا آهن جنهن منجهه پنج ئي فوجون گڏ هجن يعني مقدمه ، قلب، ميسره،ميمنه، ساقه، (ڪامران عربي اردو لغات صه 135) جئين ته خميس هفتي جا پنج ئي ڏينهن گڏجن ٿا انهي ڪري هن جو نالو خميس رکيائون. خميس ڏينهن جي فضيلت خميس جو ڏينهن فضيلت وارو ڏينهن آهي حديث پاڪ ۾ هن جي رات کي روشن فرمايو ويو آهي خميس ڏينهن ايترو ته بابرڪت آهي جو هن ڏينهن ۾ سفر تي وڃن ڪاميابي آهي آقا دوجهان صلي الله عليه واله وسلم جن خميس جي ڏينهن جنگ جي لاءِ سفر تي وڃڻ فرمائيندا هئا ( فضائل الايام والشهور )

    هوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون صفه 135 يادگار پبلشر حيدرآباد

    ڪتاب انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد چوٿون صفه 514

    ڪتاب باره ماه ڪي نفلي عبادات تصنيف حضرت پير سيد ارتضي ڪرماني صفه74

    جمعي جو ڏينهن جي فضيلت ۽ ذڪر هن ڏينهن کي جمعي جو ڏينهن ان ڪري چيو وڃي ٿو ڇو جو هن ڏينهن مسلمانن جي اجتماع جو ڏينهن آهي آسمان ، زمين ۽ سڄي ڪائنات جي پيدائش الله تعالي ڇهن ڏينهن ۾ فرمائي انهن ڇهن ڏينهن منجهان آخري ڏينهن جمعي جو آهي جنهن ۾ تخليق جي تڪميل ٿي اسلامي تقويم ۾ (جمعو) ڏينهن هفتي جو آخري ۽ ستون ڏينهن آهي اسلام کان اڳئين دور ۾ هن ڏينهن کي (يوم المعروبت ) چوندا هئا اسلام جي اچڻ سان هي ڏينهن (جمعو) سڏجڻ لڳو ڇو جو اهو ڏينهن مسلمانن جي عبادت جو ڏينهن ۽مسجد ۾ گڏ ٿي نماز ادا ڪندا آهن جمعي جي ڏينهن جي فضيلت جمعي جو ڏينهن سڀني ڏينهن کان ڀلو آهي ۽ ان ڏينهن کي ( سيدالايام ) چيو ويندو آهي هن وقت ماهه رمضان شروع ٿي چڪو آهي ماهه رمضان جي آخري جمعي کي (جمعه الوداع) چيو ويندو آهي رمضان جو با برڪت مهينو سمورن مسلمانن لاءِ نهايت خير ۽ برڪت جو مهينو سمجهو ويندو آهي تنهنڪري هن مهيني جي آمد سمورا مسلمان خوشي جو اظهار ڪندا آهن ۽ هن جي پوري ٿيڻ تي وري ڏک جو اظهار ڪيو ويندو آهي مگر هن مهيني جي روزن کانپوءِ (عيد ) تي الله تعالي جي حڪم سان خوشيون ملهايون وينديو آهن رمضان مهيني جي آخري جمعي تي وڌکان وڌ مسلمان جمعي جي نماز ادا ڪرڻ تي مسجدن ۾ گڏ ٿيندا آهن هن ڏينهن کي تمام نهايت بابرڪت پڻ تصور ڪيو ويندو آهي

    حوالو انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلد ٽيون صفه 525

    حوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون صفه 119 يادگار پبلشر حيدرآباد

    ڇنڇر جي ڏينهن جي فضيلت ۽ ذڪر ڇنڇر هفتي جي ستن ڏينهن منجهان هڪ ڏينهن جو نالو آهي جيڪو جمعي ۽ آچر جي وچ ۾ ايندو آهي ڇنڇر هڪ گروهه جو نالو آهي جنهن کي (زحل) سڏيندا آهن هن کي نڀاڳ، نحوست، ڪم نختي جي علامت پڻ تصور ڪيو ويندو آهي سنڌي زبان منجهه هڪ مشهور پهاڪو آهي ته

    (جمعو ته گهڻيئي ڀلو پر ڇنڇر به ڇڏيس ! )ڇنڇر يهودين لاءِ وڏو ڏينهن ۽ عبادت جو ڏينهن هوندو آهي آچر وري عيسائين لاءِ عبادت جو ڏينهن قرار ڏنو. جڏهن ته اسلام انهن ٻئي ڏينهن ڇڏي جمعي جي ڏينهن کي اجتماعي عبادت جي لاءِ هوندو آهي __________

    حوالو ڪتاب انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا جلدچوٿون صفه 282

    حوالو ڪتاب اسلامي مهينن جون فضيلتون مصنف مولانا حافظ محمد رمضان مهيري صفه 116

    __________________________________________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو