وارهه کان رپڙي ۽ شهداڪوٽ تائين

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    وارهه کان رپڙي ۽ شهداڪوٽ تائين

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    وادي سنڌ قدرت جي سونهن سان مالامال آهي سندس شهر جهر جهنگ آباد ۽ قدرت جي سڀني رنگن سان سر شار لڳاپيا آهن اڄ هت آءُ پنهنجي زندگي جي ياترا اوهان سڀني پڙهندڙ آڏو پيش ڪندس 14 سيٽمبر 2016 اربع ڏينهن آءُ وارهه شهر کان اڳواٽ رٿيل پروگرام تحت عيد نه پر غيد جي ڏينهن شهدادڪوٽ شهر ۾ سوڀ سنڊي مئگزين جي ايڊيٽر محترم خادم حسين سيلرو صاحب کي عيد مبارڪ چوڻ لاءِ پهتس . ڇو جو هو اڪثر ڪري ٿدڙي هوائن واري شهر حيدرآباد ۾ رهندو آهي مگر هن ڀيري سيلرو صاحب پنهنجي اباڻي شهر ۾ پنهنجي گهر وارن سان عيد پئي ملهائي ، آءَ پنهنجي ڪلٽس نما ڪار تي صبح سوير شهدا ڪوٽ پهچي سيلرو صاحب کي فون ڪئي ته سائين اسين شهدادڪوٽ منجهه توهان سان عيد ملڻ آيا آهيون .ان ٽائيم سيلرو صاحب کي يقين نٿي پئي آيو ته واقع توهان وارهه شهر کان ايترو جلد هتي پهتا آيو مگر ٿوري عرصي بعد خادم حسين سيلرو صاحب نيٺ اچي اسان سان مليو هڪ ٻئي کي عيد مبارڪون ڏنيون سين . ٿورو روايتي عليڪ سليڪ بعد هن اسان کي هوٽل تي ناشتو (نيرن ) ڪرڻ لاءِ هام ڀري آءَ بغير هجاب جي هن جي ان چوڻ کي قبول ڪندي هڪ (بروهي هوٽل ) تي پهتاسين ته هوٽل مالڪ ڪائونٽر تي وِٺو سگريٽ کي ڪش هڻي ۾ مصروف پئي نظر آيو ڪجهه گهڙيون انتظار بعد هوٽل مالڪ اسان کي جواب ۾ وراڻيو ته سائين اسان وٽ ڪجهه به موجود ناهي معاف ڪجو عيد ڪري سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي توهان ڪنهن ٻئي هوٽل تي ناشتو ڪيو ، سيلرو صاحب ٿورڙي مايوسي بعد شهر جي ڪوٽو موٽو چونڪ تي هڪ زبردست هوٽل تي مونکي ۽ منهنجي ڪار ڊرائيو کي وٺي ويو اتي ماڻهن جون قطارون لڳل هيون جتي ڇولن کان سواءِ حلوا پوري ، چانهه ، لسي ، ڏهي کان علاوه ناشتي (نيرن ) ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه جهجي انداز ۾ ملي رهيو هو . سيلرو خادم صاحب اسن کي ٻڌايو ته هي پراڻو هوٽل آهي جتي آءَ ٻالڪ پڻ کان وٺي هر شهر هتيان ناشتو خريد ڪري ٺٽ ڪندا آهن . اسان به لش ناشتي کي خوب کائي واهه واهه زبردست جا ٻول خادم سيلرو سان پئي ڳايا سين . خادم سيلرو صاحب ۽ آءَ ناشتي بعد شهداد ڪوٽ شهر کان هاڻ حضرت سچل سرمت رح جي درگاهه درازان شريف شهر ڏي گاڏي جو رخ ڪيو سين، هلڪي هلڪي موسيقي منظور سخراڻي جي آواز ۾ ( مون ڏي نيڻ نه کڻ دنيا ڏاڍي ساڙولي آ ) جي سرن سان لطف اندوز پئي ٿيا سين هاڻ قبر واري روڊ سان سان اچي لاڙڪاڻي شهر پهتا سين ته خادم حسين سيلرو صاحب سنڌي چوڻي ( هجي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو ) جا الفاظ دهرايا مگر وقت گهٽ هجڻ ڪري اسين لاڙڪاڻو شهر کي ڪراس ڪري خيرپور گمبٽ پل واري رستي تي وڃي پهتا سين ٿورو اڳتي سفر ڪيو سين ته سڄي سنڌ کي ساوڪ بڻائيدڙ سنڌو درياءَ جي پل وٽ پهتاسين مهراڻ ۾ اها موج نظر نه آئي باقي مهراڻ کي ڏسندي ڏسندي دل تمام خوش پئي ٿي ۽ اندر منجهان آواز پئي نڪتو ته

    سائنيم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

    دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين (شاهه )

    آمين . سنڌو جي سيني متان سٻاجهڙا سوين سنڌي هن پل تي جديد (سيلفي نما ) اسٽڪ هٿن ۾ ڪري ڦوٽو پئي ڪڍرائڻ ۾ مصروف نظر آيا . اسان به ڪار کان هيٺ لهي سنڌو دريا جي (سيلفي اسٽڪ ) سان سين ورتي سين . تيزي سان سفر کي اڳتي وڌائيندي گمبٽ شهر پهتاسون ، جتي هڪ زبردست هوٽل (رائل ) نظر آيو اسان ڪار پارڪنگ ڪري هن هوٽل تي چانهه ۽ آئيس ڪريم کائي مزو ماڻيو سون چانهه جي ڪواليٽي زبردست نظر آئي .ڪجهه منٽن جي سفر ڪرڻ بعد اسين حضرت سچل سرمت جي نگري ۾ پهتا سين جتي منهنجو ۽ خادم حسين سيلرو صاحب جو پهريون ڀيرو وڃڻ ٿيو . جئين درگاه جي اڱڻ تي پهتا سين ته ماڻهن جا ميلا متل نظر آيا هرطرف (حق موجود ، سدا موجود ) جي صدا پئي ٻڌي سون، درگاه جي اڱڻ تي پهتا سين ته يڪدم خادم سيلرو صاحب جي نظر هڪ خوبصورت علم پاڪ تي پئي مونکي هن علم پاڪ جي تصوير ڪڍڻ لاءِ چيو آءَ فوري طور تي علم پاڪ کي تصوير جي شڪل ۾ بند ڪري ورتو . ڪافي رش ۽ عيد جي ٻيو ڏينهن هجڻ سبب زيارتين جا آمد درفت ۾ تمام گهڻو اضافو نظر آيو ، نيٺ اسان به آهستي آهستي سچل سائين جي مزار تي وڏي رش باوجود پهتا سين. جئين ئي مزار (تربت ) ۾ اندر داخل ٿيا سون ته گرمي سبب ا سان جو ساهه پئي گهٽيو ، سيلرو صاحب اسان مختصر دعا گهرڻ بعد ٻاهر اچي ساهه کڻيون سون ٿورو اڳتي وڌيا سين ته ڪتابن جو هڪ شاندار اسٽال نظر آيو جتي سچل سائين جي زندگي کان علاوه سنڌي ادب جا سڀ رنگن سان سرشار ڪتاب نظر آيا. ڪتابن جي اسٽال جي ڀر ۾ هڪ زبردست ماڻهن جو ٽولو نظر آيو جتي اسان به سرڪي وڃي معلوم ڪيو سون ته ڇا آهي اتي پهچي ڏٺو سون ته ٻه ننڍڙا فنڪار سنڌي موسيقي جا سر ( جنهن پيتا عشق دا جام سا دل مستو مست مدام ) جي جهونگار ۾ مصروف نظر پئي آيا ننڍڙا فنڪار سنڌي ثقافتي رنگ سان اوڍل نّظر آيا سندس منجهان هڪ ننڍڙي کي يڪتارو ۽ ٻئي کي وري ڍولڪ وڄائيندي ڏسندڙن ۽ ٻڌندڙن کي خوب لطف اندوز پئي ڪيائون. انهن ننڍڙ فنڪارن سان والد صاحب به ڀر ۾ ويٺو رهيو نالا معلوم ڪياسين ته هڪ ڳائيندڙ جو نالو منصور خاصخيلي ۽ ڍولڪ وڄائيندڙ جو نالو ملازم خاصخيلي ٻڌايو ويو . تنهن بعد اسان حضرت سچل سرمت جي درگاهه جي اولاهين طرف ويا سين جتي هڪ قديمي (کهي) نظر آئي هڪ روايت آهي ته اهيا (کهي) سنڌ ۽ دنيا جي عظيم شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ۽ حضرت صاحب ڏني فاروقي صاحب ٻنهن گڏجي کوٽي هئي. کهئي قديمي ۽ زبون حالت ۾ نظر آئي اڪثر سرن کاڄي چڪيون هيون ،کهي متان جديد طرز نما ٽائلس جي سرن جي (پڳ) ٻڌل نظر پڻ آئي هاڻ اسين گهمي گهمي ٿڪجي پيا سون گرمي جو درجه حرارت به 44 سينٽي گريڊ محسوس پئي ٿيو اسين حضرت سچل سرمت جي درگاهه کي خير آباد چئي سفر کي اڳتي رٿيل پروگرام تحت وڌايوسون هاڻ اسن گمبٽ شهر ۽ گمبٽ اسٽيشن جي روزاني سوڀ جي رپورٽر محترم نديم احمد اڄڻ جي ڳوٺ طرف پئي وياسين جڏهن ته عجب جي ڳالهه اهيا به ٿي ته اسان جي موبائل فون منجهه ڪو به بيلنس نه هيو ، سفر دوران جتي پئي وياسون اتي ايزي لوڊ ۽ ڪارڊ بنهه نه پئي مليا، جڏهن ته نديم اڄڻ سان هاڻ اسان جو ملڻ مشڪ ٿيو پئي ويو ، مون اوچتو پنهنجي پياري دوست مسٽر شفيق الرحمن ڇٽو صاحب کي فون ڪري بيلنس گهرايو ،ته اوچتو نديم اڄڻ جي ڪال آئي اسان جي پريشاني ختم ٿي وئي ۽ رستو معلوم ڪري کهڙن جي شهر کي ڪراس ڪري رپڙي طرف وڌيا سين اڌ ڪلاڪ جي سفر بعد اسين خير سان نديم اڄڻ جي ڳوٺ وڃي پهتاسين جي اسان جي منجهند جي ماني نديم اڄڻ تيار ڪرائي رکي هئي بڪ به زبردست ستايو هو . جئين اسين اتي ٿورو آرام ڪيو سون ته خادم حيسن سيلرو صاحب جي طبيت اوچتو اوچتو خراب ٿي پئي . اسان سمورن کي ماني وسري وئي ۽ پريشاني جي عالم ۾ پئجي وياسين ڪجهه وقت گذرڻ بعد سيلرو صاحب ٺيڪ ٿئي ويو اسن به خوش ٿياسين . بس هاڻ بسم الله ڪري ماني کي ورتوسون خوب ماني کائي لش کاڌن منجهان پرباش ٿيا سين ، نديم اڄڻ ماني منجهه سڀ ثقافتي ۽ رواجي ائٽم تيار ڪرائي ميزباني جو خوب داد اسان کان حاصل ڪيو ،تنهن بعد ريڊار ڳوٺ کان ٿيندا اسان وري شهدادڪوٽ طرف رونا ٿيا سين ٻن ڪلاڪن جي سفر کان بعد خير سان شهداد ڪوٽ شهر خادم حسين سيلرو صاحب کي ڇڏي خير سان آءُ پنهنجي وارهه شهر پهتس ، اهيو سفر هميشه هميشه منهنجي يادن ۾ سمائجي ويو .​
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو