کجورکجي جو وڻ ۽ کجور جا لاجواب فائدا

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    کجورکجي جو وڻ ۽ کجور جا لاجواب فائدا

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ کي الله تعالي سمورن نعمتن سان مالامال بڻايو آهي .سر زمين سنڌ دنيا جو اهو ٽڪرو اهي جتي هر قسم هر منڌ ۽ موسم جا ميوا ۽ فصل جهجي مقدار ۾ پوکيا وڃن ٿا ۽ لاڀائتو فصل ڏيڻ ۾ هن سرزمين ڪڏهن به ڪمي ناهي آندي هتي اڄ هڪ وڻ ۽ ميوي (کجي) جو ذڪر ڪنداسون هي وڻ کجي يا کجور انهن ميون منجهان هڪ ميوآهي . جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۽ حديثن ۾ خاص طور تي موجود پڻ آهي .هن لاجواب ميوي جو ذڪر قرآن مجيد منجهه( 20) ڀيرا کان به وڌيڪ آيل آهي .کجي جي فصل جي پوکي جي ابتدائي سڌ ڪنهن کي به ناهي ته ڪڏهن ۽ پهريان ڪٿي هن جي پوکي ڪئي وئي ، مگر مطالعي ڪرڻ سان معلوم پيو ٿئي ته هن جو ڦهلاءَ (خليج فارس ) يعني عراق ، ايران ، عربستان کان معلوم پيو ٿئي . انهن ملڪن جي علائقن منجهان شروع ۾ سڪندر اعظم 327 قبل مسيح ڌاري ۽ تنهن بعد وري محمد بن قاسم جي ذريعي ننڍي کنڊ ۾ کجي معتارف ٿي .چون ٿا ته سڪندر اعظم سان گڏ آيل فوجي لشڪر جي کاڌي پيتي واري راش ۾ فقط هڪ خوراڪي غذا کجي (کجور ) شامل هئي . ان وقت کجور يا کارڪون راشن طور طاقتور غذا سمجهي ويندي هئي ۽ هاڻي به پڻ آهي.انهي ڪري فوجن کي ويڙهه يا حملي دوران کجور ڏني ويندي هئي .ڱجي کارڪون ، ڪتل ، ڇونهارا ، ڏونڪا ، (ڏوڏا ) کجي وڻ منجهان ملندڙ ميو پنهنجو مٽ پاڻ آهي ، کجي جو شمار واقع دنيا جي انتهائي پراڻن ميون منجهه ٿئي ٿو . هن ميوي جو فصل به اسان جي پياري ملڪ پاڪستان منجهه به زبردست ۽ لاجواب اپت وارو ٿئي ٿو . کجور جي پيداوار جو شمار دنيا جي ملڪن سان پاڪستان جي ڀيٽ ڪبي ته اسان جو ملڪ پيدواري جي لحاظ کان ڪڏهن چوٿون نمبر ته ڪڏهن پنجون نمبر تهي وڌيڪ اپائيندڙ ملڪن منجهان هڪ ملڪ آهي جتي 90100 هيڪٽر ايراضي منجهان 557500 ٽن پيداوار ملي ٿي . جنهن ۾ 30000 هيڪٽر ايراضي ۽ 200000 ٽن پيداوار صرف سونهاري سنڌ مان حاصل ٿئي ٿي .سنڌ صوبي جي ضلعي خيرپور ۾ جهجهي مقدار ۽ گهڻي ايراضي تي کجي جو فصل پوکيو وڃي ٿو هڪ اندازي موجب خيرپور جي باغن منجهه 300 کان مٿي مختلف جنسون پوکيون وڃن ٿيون خيرپور جي علائقي ۾ 22310 هيڪٽر ايراضي ۾ کجين جا باغ پڻ آهن .جن مان 158775 ٽن کجور جي پيدوار ملي ٿي . کجي جي باغن جو گڙهه خيرپور کي سڏيو وڃي ٿو .کجي گرم علائقي جو وڻ آهي جنهن کي خشڪي ۽ گرمي جي ضرورت هوندي آهي . کجي جي وڻ لاءِ مشهور پهاڪو پڻ آهي ته

    کجي جو مٿو باهه ۾ ۽ پير پاڻي ۾ هجن ، گهرجن ڇو جو جيتري گرمي گهڻي هوندي ۽ هيٺان پاڙن منجهه پاڻي يا آلاڻ بهتر هوندي ته اوترو کجي لاءِ بهتر هوندو آهي . کجي جو فصل جي پوک وارياسي ۽ لٽاسي زمين منجهه تمام بهترين ٿيندي آهي ، جڏهن ته چيڪي لٽاسي زمين به پڻ بهتر ۽ موزون آهي .کجي جا ٻوٽا 20کان 35 فوٽن جي وٿي تي لڳايا ويندا آهن کجي جا ٻوٽا مادي جنس منجهان ڪڍي لڳايا ويندا آهن جيڪي چئن سالن اندر ڦر ڏيڻ شروع ڪندا آهن . .کجي کي گرمي جي منڌ ۾ هر هفتي ۽ سردي جي موسم ۾ وري هر پندرهن ڏينهن بعد پاڻي ڏيڻ گهرجي ،هن جي ميوي تيار ٿيڻ مهل گهڻي گهم ۽ جولاءِ مهيني ۾ پوندڙ برسات ميوي لاءِ نهايت نقصانڪار هوندو آهي .کجي جي وڻ جو پياري پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ مختلف جنسون پوکيو وينديون آهن مڱر اسان جي صوبي سنڌ منجهه کجي جا ڪيترائي قسم ۽ ڪيتريون ئي جدا جدا نالن واريون جنسون پڻ پوکيون وڃن ٿيون . سونهاري سنڌ جي خيرپور ضلعي اندر وري اصيل يعني (اصلي ) عرب جي علائقي جي کجور وڏي پيماني تي پوکي ويندي آهي ، ۽ تجارتي لحاظ کان پڻ اهم اصيل ئي کجي جي اهميت پڻ زياد فائديمند پڻ آهي هن اصيل جنس کان علاوه سونهاري سنڌ منجهه زاهدي ، پتاشو ، ڪربلائڻ ، اوطاقڻ ، نوري ، وڏي پيلي ، ننڍي پيلي دغلت ، فصلي ، ڀيڌر ، حلاوي ، ۽ وڏي ڳاڙهي ۽ ننڍي ڳاڙهي جنسون عام جام پوکيون وڃن ٿيون . جيڪي پيداوار پڻ بهتر ڏين ٿيون .کجي جو فصل سڄي دنيا جي گرم ملڪن منجهه عام ٿئي ٿو اسان جي ملڪ پياري پاڪستان جي مختلف علائقن جهڙوڪ صوبي سنڌ جي خيرپور ۽ سکر ضلعن ۾ کجي عام جام پوکي وڃي ٿي جڏهن ته صوبي پنجاب۾ ملتان ، بهاولپور ، ڊيرا غازي خان ،۽ صوبي خيبر پختونخواه ۾ ديرو اسماعيل خان وارو علائقو کجي جي پوک لاءِ تمام مشهور پڻ آهي . صوبي بلوچستان ۾ مڪران ۽ قلات وارا علائقا کجي جي فصل ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهن . کجي جي ميوي کي خشڪ ڪري کارڪون ۽ ڇوهارا يا آلي حالٽ (صورت) ۾ ڪتل ٺاهي ويندي آهي . انکانسواءِ کجي جي وڻ پڪل ڏوڏي کي (ڏنگ) پڻ چئيبو آهي اهو به عام ٿيندو آهي

    کجي يا کجور جا طبي فائدا

    جديد طبي سائنس موجب کجور غذائيت سان ڀرپور ميو آهي ، طبي ماهرن موجب گرم مزاج واري هن ميوي کجور جو استعمال انساني صحت لاءِ نهايت ڪارائتو ۽ فائديمند آهي ،کجور منجهه مٺاڻ، سڻڀ ۽ حياتين کان سواءِ وٽامن اي، وٽامن بي ، ۽ وٽامن سي ، ڪئلشيم ، پوٽاشيم ، وغيره جهجي مقدار ۾ موجود آهن . انهي ڪري کجور کي مڪمل غذا پڻ چئي سگهجي ٿو . کجور بلڊپريشر ۽ دل جي مرض ۾ نهايت زبردست فائدو رسائي ٿو کجو رت ۽ طاقت ۾ اضافو پڻ ڪري ٿو کجور ڪوليسٽرول ۾ گهٽتائي آڻي ٿو ۽ قوت باهه کي سگهارو پڻ ڪري ٿو .مزي جي ڳالهه اهيا پڻ آهي ته هڪ کجور جي( هڪ سئو گرامن ) ۾ ڪي 315 ڪيلريز ٿينديون آهن ، مگر انهن ۾ ڪوليسٽرول نه هجڻ برابر هوندو آهي بلڪه اڻلڀ هوندو آهي کجور قدريتي غذايت سان مالامال آهي کجور منجهه غذائي ۽ معدنيات جا ڪيترائي جزا شامل آهن . کجور جو استعمال سڄي دنيا ۾ فائديمند غذا طور ٿئي ٿي ، کجور ميوي کان علاوهه مٺائين ۽ مشروب طور به عام جام استعمال ڪئي ويندي آهي .کجور کي بادامين سان گڏ کائبو ته قوت باهه ۾ اضافو ٿئي ٿو ، بدن کي پڻ ٿلهو ڪري ٿو ، مثاني ۽ گردي کي تقويت ڏئي ٿي ، کجور کائڻ سان چيلهه ۽ پٺن جو سور کاءِ نهايت مفيد پڻ آهي .کجور معدي جي ڪيڙن کي ماري ڪڍي ٿو ، انکانسواءِ الٽين دستن کي بند پڻ ڪري ٿو . دماغ ۽ آنڊن جي رطوبت کي پڻ خشڪ ڪري ٿو .حديثن منجهه (عجوه) کجور جو ذڪر عام ملي ٿو ان کان علاوه عام کجور کي پڻ ساراهيو ويو آهي . کجي کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو جهڙوڪ عربي زبان منجهه شجر طيبه، فارسي ۾ درخت خرما ،ان کان علاوه عجد ۽ فجون پڻ سڏيو ويندو اٿس
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو