ٻير جا فائدا

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏10 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    ٻير جا فائدا
    ابراهيم لاشاري وارهه
    ٻير هڪ عام
    مشهور وڻ آهي جيڪو برصغير هند ۽ پاڪ ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ هي قديم ميوو آهي جيڪو ٻين سڀني ميون جي ڀيٽ ۾ سستو ۽ آساني سان حاصل ٿيندڙ آهي قديم زماني کان جهر جهنگ ۾ بيٺل ديسي ٻيرن جي وڻن جا پڪل ٻير مال چاريندڙ ڌنارن ٻني ۾ ڪم ڪندڙ هارين مزدورن غريبن ۽ واٽهڙن جي وات مٺي ڪرڻ لاءَ سٺي سوغات پڻ آهي .ٻير جي وڻن جو ميوويا ڦر کي ٻير ئي چئبو آهي ٻيرن جي قسمن مان سنڌي ٻير ۽ مکڻ ٻير کائڻ ۾ تمام نرم ۽ لذت ڀريا ٿيندا آهن صوفي ٻير ننڊن سنڌي صوفن جيترا بيضوي نموني جي شڪل جا ٿين ٿا هنن جي کائڻ سان منجهن اڇي کير جهڙو رس محسوس ٿيندو آهي . هن وڻ جي ڪاٺي گهڻي قدر ٻرڻ جي ڪم ايندي آهي ٻير جي وڻن جي ٽارين ۾ ڪنڊا جام ٿين ٿا جيڪي طوطي جي چنهب وانگر مڙيل ٿيندا آهن ٻير جي وڻ ۾ ڪو ڪپڙو يا ٻيئي ڪا شين اٽڪي پئي ته ان منجهان جان ڇڏائڻ مشڪل ٿيو پوي جنهڪري ٻير جي ڊنگهري ۾ ڦاسي پوڻ وارو اصطلاح عام آهي ٻير جي وڻ ڊنگهرين مان ماڻهون گهرن جا لوڙها ٺاهيندا آهن ٻير جو وڻ انسانن توڙي جانورن لاءَ وڏو ڪارائتو ۽ فائديمند وڻ پڻ آهي . سنڌ جا ماڻهون عام طور تي ٻهراڙي جا هاري ناري ٻيرن کي سڪائي هارن جي لهڙي ٺاهي پوئي رکندا آهن جيڪي پوءَ سندن ضرورت وقت ڏٿ طور استعمال ڪندا آهن سڪل ٻيرن کي ( ڪوڪڙ) يا ڪوڪڙا ٻير يا وري (ڪوڪلا ) پڻ چوندا آهن ٻير تمام زبردست ڪارائتو وڻ آهي حڪيمن جي چوڻ مطابق ٻير جا پن گهوٽي پيارجن ته پيٽ جا جيت (ڪيڙا ) مري ويندا آهن ۽ جگر آنڊي جي ڦٽن لا۽ پڻ فائديمند آهي ٻير قبضي ڪشاه پڻ آهن ڪوهستاني ماڻهون وري ٻيرن کي سڪائي گهوٽي رکندا آهن جن منجهان ڦڪيون ٺاهيندا آهن هن جي ڦڪي گڙدي جي سور ۽ پيٽ جي سور کي ختم ڪرڻ لاءَ پڻ فائديمند آهي ٻير جو ميوو کائڻ سان سودا جو اثر ختم ٿئي ٿو بلغم ۽ آنڊن جي رطوبت خشڪ ڪري ٿو مثاني جي ڦٽن جگر ۽ معدي جي بيمارين ۾ نهايت مفيد آهي ٻيو ته پيشاب پڻ جاري ڪري ٿو ٻير جو فصل دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿئي ٿو ٻير چين ملڪ ۾ پڻ جام پوکيا وڃن ٿا ٻيرن جي جديد طريقي سان پيوندڪاري پڻ ڪئي وڃي ٿي سنڌ ۾ پيوندڪاري جو طريقو اڌ صدي کان وٺي رائج پڻ آهي چين ملڪ ۾ اهڙيون جنسون به پوکيون وڃن ٿيون جن ۾ ٻج به نه ٿيندو آهي .سنڌ ۾ اندازن 30 يا 40 سال اڳ صرف ديسي ۽ جهنگلي جنسن جا ٻير ٿيندا هئا جن منجهان ميوو صرف مارچ مهيني ۾ حاصل ٿيندو هو هاڻ وري اهڙيون جنسون معتارف ڪرايون ويون آهن جن جو ڦر ميوو هڪ مهيني بدران 5 مهينن ( ڊسمبر کان اپريل مهيني) تائين حاصل ڪري سگهجي ٿو . سنڌ ۾ ٻيرن جو فصل حيدرآباد خيرپور لاڙڪاڻي قنبر شهدادڪوٽ ضعلن ۾ ڪامياب ميوو ٿيندو آهي سرزمين سنڌ ۾ ٻيرن جون مختلف ڪامياب جنسون معتارف ٿيل آهن جن ۾

    صوفي ٻير هي جنس ٻيرن جي ٻين جنسن منجهان وڌيڪ مٺاڻ ۽ لاجواب ذائقي واري جنسن ۾ شمار ٿئي ٿي .پچڻ کان پوءَ پيلا سونهري ٿي پوندا آهن هي جنس پيداوار جي لحاظ کان وچولي تصور ڪئي ويندي آهي هن جون پڻ ڪافي ٻيون جنسون ٿينديون آهن

    آڳاٽو گولو هن جنس جا ٻير وڏا ٿيندا آهن رس ايتري مٺي نه هوندي اٿن ۽ پيداواري به گهٽ ڏيندا آهن

    پاڇاٽو گولو هي زبردست جنس آهي مٺاڻ به زياد ٿيندو اٿس ٻين جنسن کان تمام بهتر جنس آهي هن جنس جا ٻير ٻاهر ن ملڪن ڏانهن به موڪليا ويندا آهن ۽ ڪمائي واري جنس آهي

    کيرول هي جنس پيداوار جي لحاظ کان زبردست جنس آهي هن جنس جا ٻير وڏا ٿيندا آهن هن جنس جا ٻير پڻ ٻاهرين ملڪن ڏانهن به موڪليا ويندا آهن . هن جنس جي هڪ خاصيت زبردست اهيا آهي ته ٻير جي وڻ کي جڏهن لوڏبو ( ڌوڻو ) ڏبو ته پڪل ٻير اچي زمين (پٽ) تي اچي ڪرندا آهن ٻير جو وڻ (ٻوٽو ) تمام سخت جان آهي ۽ پاڻي جي کوٽ يا پاڻي نه هجڻ تي به زنده رهي سگهندو آهي مگر پيوندي ٻير جو ٻوٽو لاءَ پاڻي نهايت اهم آهي ۽ ان جي پيداواري پاڻي کان سواءَ حاصل نٿي ڪري سگهجي تنهنڪري گرمي جي منڌ ۾ هر پندرهين ئي ڏينهن پاڻي ڏيڻ گهرجي ٻير سنڌ جي مڙني علائقن ۾ ٿين ٿا مگر ڪوهستاني جابلو علائقن جا ٻير ننڊڙا ۽ چوپ ڳاڙها ٿين ٿا ۽ ڇاٻرو ٻيرن جا (وڻ ) ننڊا ٿين ٿا هن وڻن جو نسل جابلو ايراضي جي ڪري ننڊو ٿئي ٿو سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ٻير جا وڻ 5 کان 7 فوٽن جا پڻ ٿيندا آهن ٻير جو وڻ انسانن توڙي جانورن لاءَ نهايت مفيد وڻ آهي وڏڙن جو ٽوٽڪو آهي ته ٻير جي پنن کي گهوٽي زخمن تي ٻڌبو ته ان جو گند سڪي ختم ٿي ويندو آهي هن وڻ جي ٽاري ٻڪريون رڊون وڏي شوق سان کائينديون آهن ٻير جي وڻ ۾ ويٺل ماکي جو ( کاڄ ) به جهجهو ٿيندوآهي دعا آهي ته سر زمين سنڌ نباتات سان هميشه سرسبز شاد آباد رهي ( آمين ) ​
     
    Toheedullah ۽ سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي
  2. Toheedullah

    Toheedullah
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2021
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    41
    مھرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو