مولوي تي تنقيد ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اهو ٿو مولوي تي تنقيد ڪري جيڪو پاڻ غير محرم عورتن جي وچ ۾ ويٺو آ ...وچ ۾ ڇا جهولي ۾ ويٺو آ ۽ شراب نشو چرس گانجو پيئندڙ آ ڪڏهن نماز پڙهڻ لاءِ مسجد جو منهن نه ڏٺو آ ....واه سائين تنهنجي مسلماني ...۽ اڳتي هلي اسلام تي ٺٺولي ڪندڙ جو ساٿ پيو ڏي ڪله قرآن جي بي حرمتي ڪندڙ مسجدن جي بي حرمتي ڪندڙ اهو هن کي انسانيت جي ڪري اهم آ پر جيڪو انسانيت لاءِ رهبري ڪندڙ ڪتاب قرآن ان جي ڀل بي حرمتي ڪري ڇو ته هي مسلماني مان سيڪيولر ٿي ويو آ يعني مسلمانن کي گاريون گند ڀل ڏيو جيڪو انهن جي نشاندهي ڪندو واضع ڪندو هي ان سان مهاڏو اٽڪائيندو ڇو ته هي مسلمان نه آهن سيڪيولر آهن ...خبر نه آهي ته اهو سيڪيلرزم ڪهڙو آ جيڪو صرف اسلام جي دشمني ۾ اڳتي اڳتي آ باقي هندو يا عيسائي انهن لاءِ هنن جو وايون بند هونديون آهن ڪنن ۾ شيهو پگهريل وڍل هوندو آ ٻوڙا هوندا آهن گونگا هوندا آهن ....کوڙ واقعات ڀريا پيا آهن ڪهڙِيجي نشاندهي ڪري ڪهڙي جي نشاندهي ڪريون ....
    هٿ سان اسلامي رويا بگاڙي اسلام جي تذليل ڪري پو وري هڪڙا انهن جي پاسي ٿي سپورٽر ٿي بيهندا جوان مڙس ٿي بيهندا ته ٻيا وري گهمائي ڦيرائي اشوز کي نان اشوز چئي ڪري ڇڏيندا ...بس معملو رفع دفع ...
    اسان جي پياري پيغمبر جزا سزا جي ڳاله ڪري شريعت لاڳو ڪئي ...ان وقت هڪ فاطمه نالي ڇوڪري چوري جي مرتڪب ٿي پاڻ سڳورن ان جوهٿ وڍڻ جي سزا تجويز ڪئي ...پر جيئن ته ڇوڪري سردار گهراڻي جي هئي ان ڪري سردار ۽ عام ٻيا ماڻهو نه چاهين پيا ته ڪا سزا ڏجي ...پاڻ ڪريم جن ڳاڙها پيلا ٿي ويا ۽ بلند آواز فرمايائون ته اڄ جي فاطمه بنت محمد به هي چوري ڪري ها ته ان جو به هٿ وڍجي ها .....۽ اسان وٽ اهو رويو آ ته بس سائين غلطي ٿي وئي هاڻي خير آ ....
    افسوس اڄ جي مسلمان رويي تي جيڪو هڪ ڪمزور ٿي چڪو آ جنهن ۾ غيرت اسلام بلڪل نه رهي آ نفس ۽ شيطان جي ور چڙهيل مسلمان کي پنهنجو ئي مسلمان تذليل ڪندي اسلام تي ٺٺولي ڪندي گذاري ٿو ۽ منهنجو ڇا وارو احساس ٻين مسلمانن تائين رسايو وڃي ٿو .......

    الله لوڪ ماڻهو
     
    اعجاز علي ڀٽي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو