ڊاڪٽر امير علي لاشاري شهيد مني

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ابراهيم لاشاري طرفان آندل موضوعَ ‏26 سيپٽمبر 2017۔

  1. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    [​IMG]
    مني واقعي ۾ شهيد ڊاڪٽر امير علي لاشاري جي ٻئين ورسي جي مناسبت سان
    [​IMG]

    ابراهيم لاشاري (وارهه)

    سونهاري سنڌ هميشه پنهنجي هنج ۾ ڪيترن ئي عظيم انسانن ، سماجي شخصيتن ، علمي ادبي ، ، ثقافتي شخصيتن کي جنم ڏنو آهي اهڙن سماجي شخصيتن منجهان وارهه لڳ ڳوٺ ميد شهيد ۾ لونگ خان لاشاري جي گهر منجهه گرمي جي مند 5جون سال 1972 ع ڌاري سومر جي ڀلاري ڏينهن ڊاڪٽر امير علي لاشاري اکيون کوليون ، هن جي والد صاحب کي اصل کان وٺي شوق هو ته پنهنجي پٽ کي پڙهائي ڊاڪٽر ڪيان . هن پنهنجي پٽ امير علي جي زبردست تربيت ڪري ڦرهي هٿ ۾ ڏئي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جي گورنمئنٽ پرائمري اسڪول ميد شهيد ۾ داخل ڪرايو . جتي هن پنج سال مسلسل محنتي استاد مرحوم عبدالوهاب لاشاري جي رهنمائي ۾ پڙهي وڌيڪ مئٽرڪ جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڳوٺ کان ست، اٺ ڪلوميٽر پري هاءِ اسڪول وارهه ۾ داخل ٿيو جتي تمام محنتي استادن روشن علي ڪنڀر ، علي گوهر واهوچو ، ۽ عبدالمالڪ چانڊيو جي شفقت سان سال 1987ع ڌري مئٽرڪ ( اي) گريڊ ۾ پاس ڪري وڌيڪ تعليم انٽر لاءِ ڊگري ڪاليج نصير آباد ۾ داخل ٿيو جتان به( اي) گريڊ حاصل ڪري انٽر جو متحان پاس ڪيائين ڊاڪٽر امير علي لاشاري وڌيڪ تعليم لاءِ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ ميريت جي بنياد تي (ايم _بي _ بي _ايس ) جي ڊگري لاءِ چونڊجي ويو جڏهن ته ان زماني منجهه تعليمي بورڊ جي حاصل ڪيل مارڪن تي ميريٽ لسٽ ٺهندي هئي ۽ سليڪشن به مارڪن جي بنياد آڌار ٿيندي هئي . هن غريب هاري جوفرزند محنت منجهان هٿ نه ڪڍيا نيٺ سنڌ جي مشهور ڊاڪٽرن هاڻوڪو دل جو ماهر ڊاڪٽر جاويد سيال صاحب، ڊاڪٽر ممتاز علي ڇٽو صاحب ، ڊاڪٽر عبدالمجيد جمالي، ڊاڪٽر اڪرام الله ڇڄڙو صاحب ، ڊاڪٽر مظفر چن صاحب ، ڊاڪٽر عبدالرزاق ابڙو صاحب،۽ ڊاڪٽر سجاد احمد سولنگي صاحب انهن ناليوارن ڊاڪٽرن سان گڏ 19 پينچ چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان سال 1996ع ڌاري (ڊاڪٽر ) ٿي ايم _ بي _ بي _ ايس جي ڊگري حاصل ڪري ورتي . ڊاڪٽر امير علي لاشاري چانڊڪا ميڊيڪل ۾ پڙهائي دوران سماجي ۽ فلاحي ڪمن جي سبب ڪيترن ئي بيواهه عورتن. يتيم ٻارن، مسڪين ماڻهن کي پنهنجي رت جو عطئو ڏئي هنن جي زندگين کي بچائڻ جو سهارو بڻجندو رهيو ، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج اسپتال لاڙڪاڻو ۾ ڪنهن به ضرورتمند کي رت نه ملي ته ڊاڪٽر امير علي کان سندس مسئلو حل ٿيندو نظر ايندو هو. هو شاگردن ۾ هڪ (ايڌي ) جو ڪردار ٿي اڀريو. نيٺ هي چانڊڪاميڊيڪل ڪاليج کان ڊگري وٺي ٻارڙن جي شعبي ۾ هن ( ٻارڙن جي ماهر ) طور ڊپلوما جي ڊگري آغاخان اسپتال ڪراچي منجهه ڪري ٻارڙن جو ماهر ڊاڪٽر طور سنڌ واسين جي خدمت ۾ مصرف ٿي ويو . ڊاڪٽر تعليمي سطح جون سڀ سندون حاصل ڪري سال 2001 جي مارچ مهيني جي 27 تاريخ تي ٽنڊو محمد خان زرعي يونيورسٽي جي مشهور پروفيسر حاجي خان ابڙو جي نياڻي اقبال خاتون سان شادي جي ٻڌڻ منجهه ٻڌجي ويو . هن جي اهيا شادي حيدآباد جي ڪلهوڙا ڪالوني ۾ پروفيسر صاحب جي رهائشگاهه تي ٿي .شادي کان ستت ئي پوءِ ڊاڪٽر امير علي لاشاري وارهه شهر کي خير آباد چئي ڪراچي شهر جي رحمت ڪريم گارڊن واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪئي . ڊاڪٽر امير علي مسلسل ٻه سال محنت سان پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽرن تي ٻارڙن کي تپاسيندي نظر آيو تنهن بعد هن کي ڪراچي شهر ۾ مزو نه پئي آيو نيٺ سال 2004ع يا 2005ع کان وٺي هن سعودي عرب هڪ ڪمپني (بدرالدين ميڊيڪل گروپ ) بي _ ايم _ سي ۾ ملازمت اختيار ڪري ورتي . انهي ملازمت دوران ڊاڪٽر امير علي لاشاري کي کي نياڻي پيدا ٿي . هن پنهنجي نياڻي جو نالو فاطمه اميرعلي رکيو . هاڻ هو سعودي عرب جي جده شهر جي شهره فلسطين علائقي بني مالڪ واري گهر ۾ پنهنجي زندگي گذارڻ لڳو . هو سعودي عرب ۾ رهي ڪري ڪيترن پاڪستاني ڀائرن جي بيماري واري حالت ۾ هڪ زبردست سهارو بڻجي پيو ، هو هر آيل تڪليف واري ماڻهون جي مدد پئي ڪندو هو ، ڊاڪٽر امير علي لاشاري سعودي عرب ۾ به سماجي ورڪ نه ڇڏيو . هن جده شهر ۾ هڪ سنڌي ڪمينٽي فورم ٺاهيو جتي هر سنڌي زبان ڳالهائيندڙ جي دوا درمل فري (مفت ) ۾ ڪندو هو ان فورم جي تسلسل سان ڪيترائي سماجي ، ثقافتي ، علمي ، ادبي ، تعليمي سيمينار ڪوٺرائي سنڌين کي پاڻ ۾ گڏ ڪيو . ڊاڪٽر امير علي لاشاري وقت به وقت سعودي عرب کان پاڪستان هر سال موڪل جي بهاني ايندو ۽ وري واپس ويندو رهيو . هن مسلسلل ڏهه ئي سال سعودي عرب ۾ حج جو پاڪ فريضو به ادا ڪندو رهيو. سال 2015 ع واري حج دوران هو پنهنجي گهر واري ۽ پنهنجي نياڻي فاطمه امير علي سان گڏ حج جو فرض ادا ڪري رهيو ته ته هو مني ۾ شيطان مٿان پٿرين هڻڻ لاءِ 235 اسٽيريت کان اڳتي وڌيا ته اوچتو هڪ هل هنگامو ٿي ويو جتي سمورا حاجي مصيبت ۾ اچي ڦاسي پيا جتي ڊاڪٽر امير علي لاشاري به ( لبيڪ اللهم لبيڪ) جو آواز بلند پئي ڪيو ته هو اوچتو هيٺ زمين تي ڪري پيو سندس گهر وارا به ان وقت وڇڙي ويا. هر طرف قيامت وارو منظر نظر پئي آيو هزارين مسلمان شهيد ، زخمي ٿي پيا ، مني واقعي ۾ ڊاڪٽر امير علي لاشاري سخت زخمي حالت ۾ بيهوش ٿي پيو سندس کي بيهوشي واري حالت ۾ هن عظيم انسان کي سعودي انتظامي هليڪاپٽر وسيلي مني کان مڪه مڪرمه جي ڪنگ عبدالعزيز اسپتال ۾ داخل ڪرايو ، جتي ڊاڪٽرن سندس زندگي بچائڻ جون سموريون ڪوششون ڪتب آنديون مڱر زندگي سندس ساٿ نه ڏنو اهڙي ريت ڊاڪٽر امير علي لاشاري شهادت جو جام نوش ڪري هميشه لاءِ ساهه جو پکيڙو جسم منجهان پرواز ڪري درالبقا ڏانهن راهي ٿي ويو اهڙو اطلاع پياري پاڪستان جي وارهه واري ڳوٺ ميد شهيد پهتو ته گهر ۾ روڄ ۽ راڙو پئجي ويو . گهڻي رش ڪري سندس ترت علاج نه ٿيڻ سبب هن جي جسم منجهان رت زيادهه ضايع ٿيڻ سبب هي عظيم ۽ سماجي انسان اسان سڀني کان هميشه هميشه لاءِ 43 سال 3 مهينا ۽ 20 ڏينهن زندگي جا پل گذاري شهادت ماڻي راهه رباني ٿي ويو . سعودي عرب ۾ هن جي اسپتال ۾ سڃاڻپ هڪ سنڌي دوست ڊاڪٽر سجاد احمد سولنگي ڪئي . جتي هن سندس گهر واري ۽ نياڻي کي گهرائي اطلاع ڏئي ڊاڪٽر شهيد امير علي لاشاري جي ڊيٿ بادي قانوني چاراگوئي بعد سعودي انتظاميه کان وٺي ڏني ، سندس گهر واري ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ سندس ڀاءُ مغل خان لاشاري سندس ميت کي سعودي عرب ۾ دفن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو . سعودي انتظاميه شهدا قبرستان جي پلاٽ نمبر ست جي قبر نمبر 461 الاٽ ڪري ڏني ، تنهن بعد سندس نمازه جنازه ڪبعت الله جي امام حرم شريف ۾ ادا ڪئي سموري مسلماني رسمن ادا ڪرڻ به هن عظيم انسان کي شهدا قبرستان ۾ 25 سيٽمبر 2015ع جي جي ڀلاري ڏينهن جمعي تي دفن ڪيو ويو جنهن جي اڄ ٻئين ورسي وڏي عقيدت سان سندس ڪراچي واري رهائيش گاه کان علاوه ڳوٺ ميد شهيد ۾ ملهائي ويندي . سندس نياڻي فاطمه امير علي به پنهنجي والد جي فلسفي کي قائم ڪرڻ جو وچن ڪري غريب مسڪينن ، لاچار انسانن جي مدد ۽ تعليم ۾ رڌل نظر اچي پئي ڊاڪٽر امير علي جي وڇڙي وڃڻ کي ٻه سال گذري وڃڻ باوجود سندس گهر وارا اڄ به ان ئي سوڳ ۾ ورتل آهن .



    __________________________________________________

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو