نعراءِ لطيف ...جيئي لطيف

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏1 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نعرءِ لطيف جيئي لطيف
    لطيف تون به پڙهيو آ لطيف مان به پڙهيو آ تون مونکي لطيف جي اصل تعليم ترجيح کان غافل نه ٿو رکي سگهين ان جيڪي پروڙيو آ اها عالم آشڪار آ هن جو لڳاءُ پنهنجي رب سان ۽ پياري پيغمبر سان ڪو ڳجهو نه آهي ۽ هڪ بهترين شريعت مطابق آهي جنهن ۾ الله ۽ ان جي رسول ۽ باقي مخلوق انساني جي پروڙ آهي جانڄ آهي جستجو آهي رهنمائي آهي رهبري آهي گس آهي دڳ آهي رستو آهي راه آهي ...اهو لطيف جيڪو آخر ۾ مجبورن چيو ته
    جي تو بيت ڀائيان سي آيتون آهين نيو من لائين پريان سندي پار ڏي.
    اهو پرين جو پار ڪهڙو آ پهرين مونکي اهو سمجهاءِ ڇا لطيف الله جي واکاڻ نه ڪئي آ ان نبي سان نينهن نه رکيو آ جنهن جي هي شريعت آهي جنهن جو هي دين آهي اجايو ڀلائڻ ڇڏي ڏي هي قرآن رهندي دنيا تائين جو حق تي هلندڙ ڪتاب رهنمائي آ ان کي تون پنهنجي مرضي منشا يا مطلب مطابق ڦير گهير نه ٿو ڪري سگهين .هي دين مڪمل آ جنهن جو ثبوت خود پاڻ قرآن ۾ فرمان آ .
    تنهنجون معروضي حالتون ڪهڙيون به هجن پر دين اسلام هڪ مڪمل ضابطه حيات آ جنهن ۾ نسل انساني جي جيئڻ ۾ آجپو آ آشنائي سک آ سلامتي آ ....
    تنهنجي مذهبي انتها پسندي جو رخ صرف اسلام دشمني آ ٻيو ڪنهن به مذهب کي تون گهٽ وڌ نه ٿو چئي ڇو ته انهن ۾ وري به ڪٿان نه ڪٿان نفس جي پيروي آهي پر هن آفاقي مذهب اسلام ۾ پوري پوري مڪمل ضابتگي آهي مستقل مزاجي آهي مستقيم راه آهي جيڪا هدايت واري آهي تون ڀل نفس پرستي ۾ انڌو ٿي وڃ پر هن جا احڪام ملان مولوي کان وٺي عام انسانن تائين هڪجهڙا انصاف تي ٻڌل اصول زندگي آهن جي ڪو ملان زنا ڪري ته ان کي به سنگسار ڪريو جي ڪو عام مسلمان هي ڪڌو ڪم ڪري ته ان کي به سنگسار ڪريو ...هي آ اسلامي درس تون اسلام کي پڙهين به نه ٿو پڙهين ٿو مارڪس لينن مائوزي ته پو تو کي خاڪ اسلام سمجه ۾ ايندو جنهن ۾ پوري انسانيت کي اوج تي پڄائڻ جو پيغام آهي ...الله جي خوشنودي حاصل ڪرڻ جي ريت رکيل آهي .
    شاه لطيف هڪ فقير ماڻهو الله لوڪ ماڻهو هيو ان وٽ مثنوي روم ۽ هي قرآن سدان ئي ڪڇ ۾ هوندو هيو اهو ان هدايت واري ڪتاب کان غافل رهيو ئي نه تون ڪيتريون به ڪانفرنسون ڪر لطيف ته فڪر لطيف اهو ئي آ ته الله هڪ آ رسول ان جو آخري پيغمبر آ دين اسلام حق آ اهو مڪمل آ هن ۾ ڪا به ڦير ڦار ڪري نه ٿو سگهين ....شريعت جو پابند طريقتي نبوي هلندي معرفت تي پڄندو ۽ معرفت جي معيار کي مانائتو ڪندي حقيقت تي رسندو اهو ئي صوفي لاڪوفي رستو آ رهنمائي آ ان کان ٻاهر ڪوڙ آ فتنو آ فساد آ نفس پرستي آ نڀاڳ آ رلڻ آ گمراهي آ گند آ .
    نعر ءِ لطيف جيئي لطيف
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو