1. سنڌ سلامت کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ تعاون جي اپيل..!
    سنڌي ٻولي جي سڀ کان وڏي فورم کي وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سمورن دوستن ۽ احبابن کي تعاون جي گذارش ڪجي ٿي..وڌيڪ هڪ سال هلائڻ لاءِ سنڌ سلامت کي 50000 روپيه گهربل آهين ..وڌيڪ تفصيل لاءِ هن لنڪ تي اچو

    ٽارگيٽ: 50,000
    46000

استادن جو عالمي ڏينهن ۽ منهنجا استاد

'تاريخ جي دري' فورم ۾ عبيد ٿهيم طرفان آندل موضوعَ ‏6 آڪٽوبر 2017۔

  1. عبيد ٿهيم

    عبيد ٿهيم سپرايڊيٽر انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,631
    ورتل پسنديدگيون:
    6,895
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    283
    ڌنڌو:
    ڊولپر، سنڌي لئنگئج اٿارٽي، حيدرآباد.
    ماڳ:
    ٽنڊوآدم
    مونکي اُستاد هميشه ياد رهندا آهن، هر اُستاد مُنهنجي زندگيءَ جِي جھُوپڙي اڏڻ ۾ منهنجو مددگار ثابت ٿيو آهي، چاهي پوءِ اُن مونکي ماريو هُجي يا اکيون ڏيکاريون هُجن، منهنجي نظر ۾ اُهو به جھوپڙيءَ ۾ ٿوڻاٺيءَ مثل آهي.
    ننڍپڻ ۾ مونکي ياد آهي ته آئون، پپُو (امتياز)، سُهڻو (عبدالحليم) ۽ ٽوھ (عبدالقيوم) اسانجي پاڙي واري اِسڪول ۾ صبح جو 10 بجي ڌاري شرارتون ڪرڻ ۾ مصروف هئاسين، ٻين ڪلاس جا ٻار هُئاسين، شرارت وري ڪا اهڙي تهڙي! اصل ۾ اسڪول جي ڪلاس ۾ بجليءَ جي بورڊ هيٺيان 4 ڪٽا مامي غفور جا ڪڻڪ جا رکيل هُئا اسان ڇا ڪيو جو انهن ڪٽن مٿان هڪ اسٽول رکي، واري واري تي ڊوڙ پائي ڪٽن تي پير رکي اسٽول تي چڙهي پنکن جو بٽڻ پئي کوليوسين، ٻه ٽي وارا ته ڪري وياسين جڏهن ٻيهر منهنجو وارو آيو ته منهنجو پير ڪٽي تان سلپ ٿي ويو ۽ نتيجي ۾ اسٽُول جو ڪوڪو مُنهنجي کاڏيءَ ۾ ٺڪاءُ ٿي ويو، پوءِ ته ڪلاس کي اچي مٿي تي کنيم، ڪلاس ٻاهران سائين منورعلي ابڙو بيٺو هو جنهن يڪدم پنهنجو سُرمئي رُومال (سائين اڪثر سُرمئي رومال کڻندو هو، شايد هاڻ به)، ورانڊي ۾ پيل (سليٽن ڌوئڻ واري) پاڻيءَ جي لوٽي مان پُسائي منهنجي کاڏيءَ تي رکيو ۽ رت بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي (سائين ڪاڳر ساڙي ڇارِي پڻ ڦٽ تي رکي) پر ڪوڪو ته مُنهنجي کاڏيءَ کي چيري ويو سو رت بيهي ئي نه، نيٺ سؤٽ اميرعلي مونکي گھر کڻي آيو ۽ پوءِ ٻهراڙيءَ ۾ جيڪي سوڻ ساٺ ٿيندا هُئا سي ڪيئون ۽ گڏھ گاڏو جوٽي وڃي سرڪاري اسپتال ڀيڙو ڪيئون.. سائين منور جو اُهو مسڪرائيندڙ چهرو اڃا به ياد آ، جڏهن اسڪول مان موٽيس ته چيئين ڪر شرارتون...
    جڏهن خيرن سان پرائمري پاس ڪري ڇهين ۾ آيس ته سياري جِي مُند هُئي، مونکان سيءُ برداشت ٿيندو ئي ناهي، انڪري پنهنجي پاڻ کي ويڙهي سيڙهي اسڪول ايندو هُئس ته سائين خُدابخش ڏهيو (ڪلاس سِڪس سِي جو ڪلاس ٽيچر هيو)، چوندو هو، اچي ويو هيلي ڪاپٽر.... اُهو سائينءَ جو هيلي ڪاپٽر اڄ سائينءَ کي ياد ٿو ڪري ..
    ڇهين ئي ڪلاس ۾ هُئس ته اسان (آئون، صدام سمون، بشير بروهي، جنيد مري ۽ خالد ٻگھيو) اڳين بينچن تي ويهندا هُئاسين، سائين اسلم سمون اسانجو ڪلاس ٽيچر هُيو، اسان انگريزيءَ جو پهرين درجي وارو ڪتاب ڇهين ۾ پڙهيو، سو سائين اسلم هڪ ڏينهن چيو ته ”هاٿيءَ“ کي انگريزيءَ ۾ ڇا چئبو آ، سڀني جواب ڏنا، وري پڇيئين ته ”ايليفنٽ“ جي اسپيل ٻُڌايو، مون يڪدم هٿ مٿي کنيو (ڇوته مونکي ياد هُئي)، سائين چيو ته ترس.. ٻن ٽن ٻين کان پڇيس پوءِ مونکان پڇيس، جيستائين مونکان ايليفنٽ جي اسپيل وسري وئي، ۽ پوءِ ڪلاسي ڇوڪرن هٿان سزا ۾ ٻه چماٽون ۽ ڪاريڊور ۾ ڪُڪڙ ڪري ٻه چڪر ڪاٽڻ جو چيس.. اففف.. اُهو ڏينهن وري مون به تڪڙ ۾ هٿ مٿي کڻڻ جي جُرئت ئي نه ڪئي آ..
    جڏهن ڏَهين ڪلاس ۾ پڙهندو هُئس، ته سائين رفيق ماڪوڙاڻي دير سان اچڻ تي پڇيو ”وائي آر يو ليٽ“ ته وراڻيم سائين سمجھيم ڪونه.. ته ڪاوڙجي پيو پوءِ جيڪي انگريزي گاريون ڏنئين سي اڃا ياد آهن.. اُنهن مان هڪڙي گار باسٽرڊ هُئي. ۽ اُن ڏينهن بليڪ نيٽ ڪيفي تي وڃي باسٽرڊ ڳولهي خوب انگريزياڻين کي ياهُوميسينجر تي گاريون ڏنم.. مطلب ته سائين رفيق جي مهربانيءَ سان انگريزيءَ ۾ گاريون ڏيڻ به سکيس.. لَو يو سائين..
    خيرن سان فرسٽ يئر پري انجنيئرنگ جي ڪلاس ۾ داخل ٿيس، ته مٿاميٽڪ جو پيرڊ هيو، سائين همايت علي شاھ راشدي (ننڍڙي ڏاڙهي، بُت ۾ ڀريل اُستاد) ڪلاس پئي ورتو، ٿيٽا، گاما بلاه بلا بلاه.. ڪُجھ سمجھ نه پئي آيو، مٿان وري پوئين سيٽ وارن ڇوڪرن نيڪٽيل موبائل تي ڪتريناڪيف پئي ڏِٺي ته مون پوئتي ڪنڌ ڪري چيومان ته، شور نه ڪريو، مُنهنجو اِهو چوڻ ۽ سائين همايت شاھ جو مونتي ڪڙڪي پوڻ، اچي مٿان بيٺو ۽ اُردوءَ ۾ جيڪي گُل ارپيس سي اڄ به ياد آهن، پر ٺلهو گُل به نه ڪَن مان جھلي هڪ زوردار ڄماٽ وهائي ڪڍيس، اکين مان پاڻي اچي ويو.. بس اُهو ڏينهن ٿيو، وري ٿو پراون معاملن ۾ ٽنگ اڙايا.. توبنهن.. سائين همايت جو وري مون ڪوبه ڪلاس اٽينڊ نه ڪيو ۽ نه ئي وري ڪڏهن ميٿاميٽڪ پڙهڻ تي دل چاهيو..
    خيرن سان انٽر ۽ بي اي ڪري هاڻ پاڪستان جي اڀياس ۾ ماسٽرس پيو ڪريان، هتي جا پروفيسر (اُستاد) ڏاڍا سُٺا آهن خاص طور سائين شجاع مهيسر، جيڪو اسانکي نه صرف پڙهائي ٿو پر پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڏانءُ به سيکاري ٿو.. يونيورسٽي جا احوال مٿئين سال ساڳئي ڏينهن تي لکندس.. :)
    ان کان علاوه منهنجِي ڪمپيوٽر واري فيلڊ ۾ مُنهنجو رهبر مُنهنجو اُستاد سائين عبدالرشيد سمون، چاچا امرفياض ٻرڙو ۽ دلبر سجادچنا آهن.. جن جو آئون تهِه دل ٿورائتو آهيان، جيڪي وقت بوقت منهنجي رهنمائي ڪندا رهندا آهن..
    بهرحال، مُنهنجا کوڙ سارا اُستاد جن کي اڄ به ياد ڪندو آهيان، انهن مان هڪ اُستاد سائين جان محمد چانڊيو رضاالاهيءَ سان 2007 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو (الله پاڪ سندس قبر تي ڪروڙين رحمتون نازل فرمائي)، ٻين اُستادن ۾ سائين ميان بخش اُنڙ، سائين حبيب الله ٻگھيو، سائين ڪريمداد ٻگھيو، سائين راشد سمون، سائين خدابخش مري، سائين ايوب پٺاڻ، سائين الله بخش هڱورو، سائين اڪبرعلي لاکو، سائين يارمحمد ڏاهري ۽ سائين رفيق ٻجورو شامل آهن.. پر انهن سڀني کان وڌيڪ منهنجو اُستاد مُنهنجو بابا آهي، جنهنجِي مار مونکي غلطيون ڪرڻ کان روڪيندي رهندي آهي.. :) سڀني اُستادن جون مهربانيون لک قرب جن جِي شفقت سان آئون اڄ هِتي پهتو آهيان...
     
    ذيشان رشيد هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو