ڪنڌ ڪوٽ غوثپور پل ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏7 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    اڄ هڪ خبر ته ڪجه سمجه وارن ڏاهپ وارن دانشورن ڪنڌڪوٽ ۾ هڪ ميڙ ڪوٺايو جنهن جو مقصد متن هيو ڪنڌڪوٽ گهوٽڪي پل جي سپورٽ يا ڪا خاص يڪ راءِ ٿيڻ ته هي منصوبو ڇا آهي ڪيئن هي ڪهڙو مقصد آ ان جو ان ۾ ڪهڙي حقيقت آ ڪنهن کي فائدي ڏيڻ وارو آ ان جا دور رس نتيجا ڪهڙا آهن ڇا هن تي سياست ڪجي يا تنهنجي منهنجي جهيڙي جي ور چاڙهجي يا عوام کي حقيقتن کان آگاه ڪجي يا ڳاله ڳجه ۾ رکي انهن کي اجايو ميڙاڪو ڪجي ته جيئن حل هلندو رهي هڙ ڪجه به حاصل نه ٿي ....
    بهترين ساڃاه وند سٺو لاڀائتو پر .....
    مون کي هڪ شڪايت آ هڪ نه پر سو شڪايتون آهن جن کي هتي رکڻ پنهنجو شهر ڪنڌڪوٽ سان انس محبت پنهنجائپ فڪر فلاح جو اونو سمهان ٿو
    ڪنڌ ڪوٽ شهر جي سياست ته هر ڪو ڪري ٿو ڪندو رهندو آ پر ان سان سچ جي بنياد تي ڪنهن به حصو نه ورتو
    ڪنڌڪوٽ کي ڇا گهرجي
    ضلعي حيثيت ....ملي ڪنهن جي بدولت ...اهو وسري ٿو وڃي
    ڪنڌڪوٽ کي ٻوڏ کان بچائڻ ۾ ڪوشش ڪنهن ڪئي ڪنهن بچايو ..الله بچايو ان شخص بچايو
    ڪڌڪوٽ جي آرائش زيبائش هن وقت جي صورت حال هڪ نرالي نظر پئي اچي ڪنهن دلچسپي ورتي ...اهو هنن کان وسريل آ
    ڪنڌ ڪوٽ کي ڪا به يونيورسٽي ته ڇڏيو پر ڪيمپس به نه ملي هن وقت تائين شهري اتحاد ڪٿي هيو ۽ آهي نه شاه لطيف جي ڪا ڪيمپس ،نه سنڌ يونيورسٽي جي ڪا ڪيپمس ،نه مهراڻ يونيورسٽي جي ڪا ڪيمپس ،نه قائد عوام جي ڪا ڪيمپس نه ڪو ميڊيڪل ڪاليج نه ٽيڪنيڪل ڪاليج ....ٽيڪنيڪل ڪاليج ته جڙيل بدلائي ڇڏيو ويو ڪنهن به شهري کي ،ڪنهن به اين جي اوز واري کي ڪنهن به داناءَ کي ڪنهن به سڄاڳ ماڻهو کي ڪهل نه آئي ته يار هي ڇا ٿو ٿي جي اڄ اسان اهي تعليمي گهرون ڪريون ها ته اسان ۽ اسان جو نسل تعليم جي زيور کان آراسته ٿي ها ۽ تعليم پرائي پنهنجي روزي روٽي جو بندو بست ڪري ها ۽ ڪجه قدر آسودگي ۾ پڄي ها ...اسان ڪجه قدر هن سلسلي ۾ ڪچيون ڦڪيون لکڻيون لکيون سين هن فيس بوڪ جي شرعاتي دور ۾ ۽ آواز ايوانن تائن نه صحيح پر ان جي درن تان ضرور پڳو هوندو جن پنهنجا ڪن بند ڪري آواز ٻڌڻ جي ذهمت نه ڪئي هوندي ...خير
    ڪنڌ ڪوٽ هڪ تاريخي شهر هن سان وقت سر نا انصافيون ٿينديون آيون آهن ڪنهن به شهري سڄاڻ ڌر انهن نا انصافين جو قدر نه ڪيو نه احساس ڏياريو ...
    ها اڄ خوشي ٿي هي ميڙ ڏسي پر سائين هن ۾ اڳ پو جانچي پو سمجه کي سلهاڙي ميڙ ڪجن ته بهتر آ ...هي ڪافي پراڻو منصوبو جيڪو حڪومتون اکين کان اوجهل رکنديون آيون نيٺ هن وقت جي قيادت ان طرف ساڃاه وند ٿي تحرڪ ورتو ته يار هي صرف هتان جي عوام نه پر اجتمائي پوري ملڪ جي عوام جو فائدو آهي جنهن ۾ هڪ آسان لنگه پل جي صورت ۾ جڙڻ گهرجي ۽ اسان به هن ڪيفيت کي سمجهندي سچ جي بنياد تي فائده نقصان ڳڻيندي سوچ جو رخ اوڏانهن ڪيو ۽ گوگل ارٿ وسيلي ۽ ذاتي چڪر لڳائيندي ان نتيجي تي پهتاسين ته هي پل وڌيڪ فائديمند گهوٽڪي غوثپور جي رستي روٽ تي هلندي ٿيندين جنهن ۾ ڪنڌڪوٽ جي عوام کي ڀلايو پيو وڃي ته هي ڪنڌڪوٽ سان نانصافي آ ....ادا هي رستو ڪنڌڪوٽ کان ئي جڙڻ وڃي پيو جنهن ۾ ڪنڏ ڪوٽ کي نظر انداز چوڻ وارن جي منشا ڪجه ٻي ٿي سگهي ٿي پر هن منصوبي ۾ ڪٿي به ڪنڌڪوٽ نظر انداز نه آهي ڇو ته سڄي ٽريفڪ اتان ئي گذرندي ...ها ڪجه قدر روٽ سهل آسان ڪرڻ لاءِ فيزيبل روٽ ضرور واضع ڪيو ويو جيڪو غوثپور کان ٿيندو ڪنڌڪوٽ کان گذر ٿيندو ...هاڻي ڪجه دوست شهر جا جيڪي آيا تن جي روٽ ۾ ته ڪو فرق نه پيو ٽريفڪ ڪنهن ٻي هنڌا ته نه ٿي گذر ڪري پر جيڪا ٽريفڪ ٺل جيڪب آباد جي هوندي ان کي وسارڻ ڪهڙي انسانيت آ سڀ لاءِ سوچو جي سمجه رکندڙ آهيو پاڻ سان به منصف ٿي پو ٻي ڏي اشارو ڪرڻ گهرجي فيزيبلٽي مطابق هي گهوٽڪي غوثپور پل هڪ بهترين ثابت ٿيندي سو ان جي مخالفت صرف وقت جو ذيان آ اجايو حل آ .....
    جن کي اهو خدشو آ ته پاڻي جو وهڪرو سوڙهو آ ته انهن لاءِ عرض ته اتي دريا زياده اونهو آ ۽ جيئن ته روهڙي سکر پل جي ويڪر کان هي پل وڌيڪ ويڪري هوندي ۽ پاڻي کي ڪا روڪاوٽ نه هوندي هي هڪ انجينيئرنگ اک سان ماپو آ نه ڪي سادو احوال آ ...
    اميد ته سنگت سهمت ڪندي
    رسول بخش دائودپوٽه انجينيئر آف مهراڻ يونيورسٽي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو