سودو (استاد بخاري)

'استاد بخاري' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏9 آڪٽوبر 2017۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    هي خون منهنجو هوندو.
    عنوان آهي تنهنجو،
    مضمون منهنجو هوندو.
    سمجهان ٿو تنهنجو منهنجو سنگم ته ٿي نه سگهندو.
    هي گهاءُ جنهن جو نالو رکجي ويو وڇوڙو،
    تَنهنجو رڳو روئڻ سان مرهم ته ٿي نه سگهندو.
    ڀاڪُر م تنهنجي ناهيان،
    بوسن ۾ تنهنجي ناهيان،
    ديدون ته ڇا او دلبر،
    يادن ۾ تنهنجي ناهيان،
    پر جي ڪڏهن ڪڏهن مَن، تنها اداس ٿين تون،
    ڳوڙها کڻي نه ڳاڙين، آهُون نه بي ڀرين تون.
    چپڙا گلابي چوري،
    هوري تمام هوري،
    جي هي ڪلام منهنجو ڳائين ته ٻيو کپي ڇا؟
    منهنجي تِکي تڙپ جا تحفا کڻي هزارين.
    جذبا کڻي هزارين،
    بوسا کڻي هزارين،
    پنهنجي زبان سان جي لائين ته ٻيو کپي ڇا؟
    رومال تنهنجو تنهنجي هٿ سان لڳي چُڪو آ،
    چپ سان لڳي چُڪو آ ۽ ڳل اگهي چُڪو آ.
    رکندس نه مان لٽن ۾،
    دل جي تهن ۾ رکندس،
    هيجن سَوَن ۾ کڻندس.
    چمندس ضرور پيو پر چمندس نه مان چپن سان،
    ڇو جو ڪپهه نه ملبي آ، آڳ جي اُلن سان.
    مان چاهه سان پيو چمندس،
    احساس جي اکين سان،
    اتساهه سان پيو چمندس،
    هن ۾ هڳاءُ تنهنجو،
    تنهنجو سڄو تصور،
    عڪس ۽ اهاءُ تنهنجو،
    هي ڪو وڌاءُ ناهي،
    الله سان پيو چمندس.
    ______
    استاد بخاري (زندگي زندگي)
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    صفا ڪو سٽيل ٿو لڳين ادا

    لاجواب شاعري بخاري جي

    پري کان نهارين ته تاڻيو ملڻ لئه،
    ملون ٿا ته اڳتي کان اڳتي وڌون ٿا۔

    گهڙيء کي گهڙي زندگيون ٿا سنواريو،
    ڪتيء کي ڏسي ڪهڪشائون ڪٿيون ٿا۔

    لُڇون ڇو نه جاني، پڇون ڇون نه پيارا،
    نگاهون اٿئون ء زبانون رکون ٿا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو