نياڻي نماڻي ...

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2017۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    نياڻِي...نماڻي ..

    هي ڏينهن ملهائين ٿا مختلف ڪردارن جا هڪ ڏينهن تائين جو اهتمام پر اسان وٽ اهي ڪردار هميشه اهم آهن ،جن ۾ اڄ هنن نياڻي يعني ڌيءَ جو ڏينهن چونڊيو آهي دل چيو هن ڪردار بات ڪجه لکجي سو حاضر ٿيا آهيون اوهان جي سماعتن تائين ڏسڻ جي بثارت تائين سمجهڻ سوچڻ لوچڻ تائين .
    اڄ مان جڏهن نياڻي ڌي۽ بابت سوچيو ته هڪ جهان نظر آيو جنهن کي جهالت جي وقت معيوب سمجهيو ويندو هو ۽ ڪنهن کي نياڻي جو رشتو ڏيندي پنهنجي بي عزتي عاقبت جو گهٽجڻ محسوس ٿيندو هو وقت پلٽو کاڌو اسلام جو ظهور ٿيو سچ سمجه جو سج ڪرڻا ڪري اڀري پيو پياري پيغمبر جي دعوت تبليغ ۽ الله جي حڪمن جو اظهار جو نتيجو اهو آ جو اڄ ماڻهو ،مسلمان ۽ غير مسلم به هن نياڻي کي عزت آبرو ڏين پيا هي ههڙا ڏينهن به ملهائجن پيا .
    نياڻي جو نالو ئي ٻڌندي هڪ معصوم چهرو سڪ جو سڳو سرندڙ محسوس ٿيندو آ جنهن سان والدين جي محبت اڪيچار انس نمودار ٿيندو آ جن لاءِ اهو مثال ڪافي ا ته پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجي نياڻي سان عزت ۽ مان وارو رويو ايترو هوندو هيو جو انهن لاءِ پنهنجي چادر وڇائيندا هئا ۽ پو فرمائيندا هئا ته منهنجي اکين جا نور هتي ويهو اهڙو رويو شايد عرب ڪڏهن به نه ڏٺو هو سو ماشاءَالله نياڻي لاءِ قدر اوج ۾ اچڻ شروع ٿيو .
    پوري دنيا ۾ جتي جتي اسلام پڳو اتي هن ڪردار جي مڃتا کي مان ملڻ شروع ٿيو
    هتي اسان وٽ به تبديلي آئي پر اهو وڌاءُ نه ٿيندو ته سنڌي سماج ۾ جتي ڪجه قدر سخت رويا هيا ان هوندي به هن نياڻي لاءِ تمام بيحد پيار پاٻوه هوندو هيو اڄ به نياڻي ست قرآن جو مفهوم مشهور آ يعني جي ڪنهن قبيلي يا ذات جي جهيڙن ۾ قرآن سان گڏ يا صرف نياڻي ڪهي آئي ته سمجهو هن وٽ ٻنهي طرفن مان ڏيڻ جي پر گهور ٿيندي ۽ هميشه سنڌي ماڻهو پنهنجي نياڻي کي مٿي تي هٿ رکي هڪ خاص احساس همدردي ۽ پاڪ پيار جو اظهار ڪندو رهيو آهي .
    هي نياڻي بخت واري کي ملڻ جا چوٻول به هي سماج پيو ڪري ته ان لاءِ فڪر مند به والدين ئي هوندا آهن جيڪي هن تان گهور گهور پيا ٿيندا ان کي آهستي آهستي گهرداري جا سبق به گهران پنهنجي جيجل طرفان وقت به وقت ملندا رهندا ته جيئن هو سهريجن ۾ گهر جي ڪمن ڪارين کان واقف هجي ۽ ڀڙ هجي .
    نياڻي نسورو نور آ آسيس آ سڪ آ اسلوب آ پيار آ پاٻوه آ هجت آ آسرو آ دعا آ داد آ رحمت آ شفاعت آ .
    هڪ معصوم نياڻي الله سان حجت ڪندي ته ته منهنجي پيءُ ماءُ کي جنت ۾ داخل ڪر جڏهن هو ننڍپڻ ۾ گذاري وڃي ته
    هن ڪردار لاءِ اگر لکجي ته ڪتاب جڙي ويندا هن جي اهميت ۽ فڪر ڪرڻ ان تي خرچ ڪرڻ به صدقو آ ...سو اسان کي به الله سمجه ڏي ته هن نماڻي نياڻي جو قدر ڪري هن جي دعائن جو سبب ٿيون ...

    وما توفيقي الا با الله
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو