ڪٿي ٿر ۾ بايو لاجيڪل{حياتاتي هٿيار} ويپن ته استعمال نه پيا ٿين؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏11 آڪٽوبر 2017۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    دنيا جيئن جيئن ترقي پئي ڪري تيئن تيئن عالمي منڊي ۾ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ سان گڏ پنهنجي دشمن ملڪن کي تباھ ڪرڻ سان گڏ ننڍن ملڪن مٿان حاڪميت ڪرڻ لاء مختلف قسمن ۽ جديد هٿيار پڻ پيدا ڪيا آهن ۽ ڪندي رهي ٿي هاڻي سڌو وار ڪرڻ بجاء اندروني طريقي سان وار ڪيو پيو وڃي نانگ به مري لٺ به بچي واري پهاڪي جيان
    بايولاجيڪل حياتاتي هٿيار ڇا آهي ؟
    بايولاجيڪل ويپن اهڙو هٿيار آهي جيڪو هڪ وائرس جيان پکڙبو آهي اگر ڪنهن کي اهو وائرس لڳي ويو ته اهو وائرس ٻين تائين ڦهلجندو ويندو آهي بايولاجيڪل ويپن کي استعمال ڪرڻ جي لاء خاص ڪر مڇرن ۽ مکين کان ڪم ورتو ويندو آهي انهن کي اهو وائرس هڻي ڪنهن به ملڪ ۾ اهي ڇڏيا ويندا آهن مک ۽ مڇر جي واڌ تمام جلدي ٿيندي آهي مک ته کاڌي جي شين مٿان ويهي اهو وائرس ڇڏي ويندي آهي اهو کاڌو ڪير به کائيندو اهو ان وائرس ۾ مبتلا ٿي آهستي آهستي موت ڏانهن وڌندو ويندو آهي مڇر ۾ اهو وائرس وجهي ميدان تي ڇڏيو ويندو آهي پوء ڪنهن به وقت اهو چڪ هڻي وائرس داخل ڪري ڇڏيندو آهي دنيا ۾ هن وقت ڊينگي ڪانگو چڪن گونيا سميت مختلف مرضن جا سبب مڇر ئي آهن
    ٿر ۾ وڌندڙ وائرس
    ٿر ۾ مختلف بيماريون ۽ وائرس پاڪستان جي ٻين شهرن کان تمام گهٽ ۽ پر ٿر ۾ تمام گهڻا ظاهر ٿين ٿا پهرين ته ننڍا ٻار مرڻ پوء مختلف بيماريون وري ڊينگي جو وائرس چڪن گونيا کان پوء هاڻي وري اهڙو وائرس پيدا ٿيو آهي جو نوجوان هجي يا پوڙهو هجي يا ٻار جلدي ئي ڌڻي حوالي ٿيو وڃي
    اگر وائرس آهي ته ڇو ڇڏيو ويو آهي ؟
    ترقي يافتا ملڪ هميشه پلاننگ 20 سال اڳ جي ڪندا آهن ته 20 سال کانپوء جاگرافي حالتون ڪٿي ڪيئن بيهنديون ٿر جي اهميت کان اسان ڀلي ڀت واقف نه هجو پر ٿر کي ٻاهرين دنيا جي صعنتڪار سوني جهرڪي سمجهن ٿا نه رڳو ٿر جي زمين پر زمين جي اندر جيڪا معدنيات آهي ان ۾ ٻاهرين قوتن جي صعنتڪار جون عقاب واريون اکيون آهن اها ڀلي ڀت خبر آهي ته ٿر جي زمين تي ڇا ڇا ٿي سگهي ٿو ڪيترو پئسو ڪمائي سگهجي ٿو
    ٿورو وقت رڳو صبر ڪريو ٿر ۾ اهڙيون ٻيون بيماريون پيدا ٿينديون
     
    رضوان علي جمالي هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو